شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

نماڻي جي شاعريءَ ۾ نمرتا

جڏهن به ميهڙ جو نالو سامهون ايندو آهي تڏهن به ميهڙ جي مشهور مٺي مائي سان گڏ ميهڙ جي مينديءَ جي هڳاءَ جهڙا خوشبودار ۽ مٺڙا ماڻهون به ذهن جي اسڪرين تي تري ايندا آهن 80_1970 ع وارو ڏهاڪو ميهڙ، دادو، ٿرڙي محبت ۽ راڌڻ وارا مشاعرا ، محفلون ،ڪچهريون ۽ شاعرن اديبن سان ميل جول وارا ڏينهن ۽ راتيون ، زندگي جي خوبصورت يادگيرن جا لمحا ڪڏهن مرڪائن ٿا ته ڪڏهن سڏڪائن ٿا . ڇا ٿه زمانو هو؟
ميهڙ جا مٺا ماڻهون، رئيس خدابخش خادم” عبدالله خان ”همدم”چانڊيو اسحاق راهي صاحب، ناظم منگي، الهه ورايو مسرور،لال دين بسمل،الله ڏينهن ڏيس سائين جوهر بروهي. سڀ شاعر ،اديب دلبر ۽ دلنواز دوست، استاد بخاري دادو ضلعي جي هر مشاعري جي جان هوندو هو. ٿورن گھڻن صدارت تي اعتراضن جي باوجود استاد سائين هر مشاعري ۾ وڏي فراخ دليءَ سان شريڪ ٿيندو هو نه صرف شريڪ ٿيندو هو پر شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو پوءِ استاد مشاعري ۾ ڪٿي به ويهندو هو ته هو مشاعري جي سونهنءَ ۽ خاض مهمان بڻجي ويندو هو. نماڻي صديق مهيسر کي به منهنجي خيال ۾ ميهڙ جي حوالي سان انهيءَ ادبي اسڪول جو تسسل چئجي ته ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو . جيتوڻيڪ نماڻي صديق مهيسر جو لب ،لهجو ۽ انداز پنهنجوئي آهي پر ان ۾ ميهڙ جي مينديءَ واري مهڪار ڪٿي ڪٿي ضرور وائکي ٿي پوي ٿي تڏهن ته من کي صاف رکڻ جون ڳالهيون ڪندي نماڻو چوي ٿو.
صاف سٿرو رک پرين من
رک نه اصلي مير مـــــــن ۾
“نماڻي” جو اصلي نالو محمد صديق آهي، ذات مهيسر ۽ ادبي نالو “نماڻو صديق مهيسر”رکيو اٿائين نماڻو صديق مهيسر پنهنجي روز مرھ جي زندگي ۾ نماڻو هجي يان نه هجي ،اها خبر نه آهي پر ادبي حوالي سان سندس ٻولي ٻڌائي ٿي ته هو شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي تما۾ گهڻو نماڻو ٿي ويو آهي!
راڳ ڳائي “نماڻو” نچيو رات ڀر
ٽهڪ ٻيڻا ڏئي چنڊ کلندو رهيو.
اسان جي پياري دوست جي وري نماڻائي ته ڏسو جو سڄي دنيا غلامي جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ جا جتن ڪري رهي آهي پر اسان جو نماڻو دوست وري غلاميءَ جا سنگهر گهري ٿو وٺي ، نه صرف ايترو پر هو پرين جي در ٻالو بڻجڻ لاءِ به تيار آهي پر چوڻ وارا چون ٿا ته عشق ۾ به خودداري ضروري آهي. نماڻي صديق جو شعر پڙهي ڏسو.
اوهان جي غلامي اکين تي رکي مون
اوهان لئه “نماڻو” ته ٻالو به ٿيندو
نماڻو صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. هو بي لوث پيار کي ماڻهپي جي نشاني سمهجي چوي ٿو ته،
پيار انسان جو ماڻهپو
ماڻهپي کي وڃـائين متــان
”نماڻي ” صديق جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”تنهنجي سهڻي سار“ اڳ ۾ شايع ٿي چڪو آهي هي سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “سونهن جي بارگاھ“
توهان جي هٿن ۾ آهي نماڻي صديق مهيسر جي شاعري ۽ ڪتابن ڇپائڻ جو شوق ٻڌائي ٿو ته نماڻو صديق مهيسر جو شاعريءَ سان ڪيترو پيار آهي؟ ۽ هو اهوئي چاهي ٿو ته سندس شاعري جلد ڇپجي ۽ پڙهندڙ ن جي هٿن تائين پهچي.
نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ جا ضرور گھڻائي پهلو آهن پر منهنجي سامهون جيڪا شاعري آهي انهن ڪجهه غزلن ۾ گھڻو ڪري سندس داخلي جذبن جي ئي عڪاسي ٿيل آهي. جنهن ۾ پيار ۽ محبت جي جذبن ۽ احساسن کي پنهنجي حال سارو اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
شخص هڪڙو لهي ويو من ۾
چڻنگ چاهت ڏئي ويو من ۾
پيار آهي “نماڻي” کي مليو
درد جو گھر ڊهي ويو من ۾

هي حياتي ٿورڙي آ
پيار جي رک هير من ۾
دل ڏني توکي “نماڻي”
رک نه تنهن لئه غير من ۾
هي شاعري جو ڪتاب “نماڻي” صديق جي پيار جو پورهيو اوهان جي هٿن ۾ آ اوهان پاڻ پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان کيس ضرور آگاھ ڪيو. اسان جون نيڪ تمنائون “نماڻي” صديق مهيسر سان گڏ آهن شال سندس قلم تازو رهي ۽ هو پنهنجي سالم سهڻي سنڌ وطن ۽ وطن واسين لاءِ پيار ڀريا گيت ۽ نغما لکي سنڌ امڙ کي ارپيندو رهي.

10جنوري2013
قاضي مقصود گل
المنظر گھر _ رتوديرو
*