شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

  تنهـــنجي وارن ۾ ســـــڳي آ خـــوبـصورت

تنهـــنجي وارن ۾ ســـــڳي آ خـــوبـصورت،
ســـــا ســڳي انــڊلٺ رنـــگي آ خوبصورت!

ريـــــــل گــــــاڏي ۾ ٿيــــــــو تــصور آ تنهنجو،
يــــاد تنهنــــجي مــــن ٻــــکي آ خوبصورت!

منهنجي ڪمري جو ڪٻٽ کولي چيو تو،
شاعــــري تنهنجي سڄـــــي آ خوبصورت!

لوڪ ساري جـــــون نگـــــــاهون تو ۾ آهن،
۽ چــــــون ٿــــا پيا سکـــــــي آ خوبصورت!

مٽ نه تنهنجو آ هتـــــــي ڪوئي به مٺڙي،
تو جيان ٻي هت نــــــڪي آ خوبصورت!

تــــو “نــــماڻي“ جــــــــــي حيـــــاتي آ وڌائي،
دل ڏنــــي تــــوکــــي کلـــــي آ خوبصورت!
*