شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

مـــتو ميــــلو وڌي هٻــڪار ســــيوهڻ ۾ 

مـــتو ميــــلو وڌي هٻــڪار ســــيوهڻ ۾
اچــــي پهـــــتا وري حُـبدار ســــيوهڻ ۾

ٺــــري دلڙي ٺرن ٿا نيڻ هي منهـنجا
قلندر جو ڪيم ديـــــدار ســــيوهڻ ۾

وٺـــن ٿا فيض سڀ شهباز نگري مان
۽ نـــوراني آ هي وسڪـــار ســــيوهڻ ۾

وٺـي هــــرڪو مزو ميلي جو ســــيوهڻ ۾
رڳــــو مستن ڪــيا نچڪار ســــيوهڻ ۾

خدا منهنجون اگهائيندو دعائون سڀ،
لهي وينــــــدا غمن جـــا بار ســــيوهڻ ۾

ثــــقافت جا ويا رنگ ڀي رچي آهن
ٿـــــيو ادبـــي آ سيـــمينار ســــيوهڻ ۾

ڪندو ڇو پو “نماڻو” لعل هوندي غم
اچي لهــــندو قــــلندر سـار ســــيوهڻ ۾
*