شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

ڏيڍوڻا



تون هير مٺي منهنجي
سڀ درد اڏي ويئڙا، تصوير ڏسي تنهنجي.
*

اڄ ڪونه وري آئي،
وئي رات سڄي گذري، پر هوءَ نه چري آئي
*

سورن جي گهڙي آهي
ڇالاءِ رسين ٿي تون، توبن نه سري آهي
*

هت ڪانگ لنوي ٿو پيو
سگهو يار وري ايندين، ڄڻ ٻول چوي ٿو پيو
*

ويساهه ڪيان ڪنهن تي
هت درد ڏنا پنهنجن، مان دانهن ڏيان ڪنهن کي
*

آ چاهه ڏئي وڃ تون
هڪ رات اچي مون وٽ، دلدار رهي وڃ تون
*

هت ديپ جلايان ٿو
اڄ يار آهي اچڻو، مان ويس مٽايان ٿو
*

آڪاش رنو سارو
پيا لڙڪ ڪري آهن، بستر به ڀنو سارو
*

مان ڍول مٺي تنهنجو
مان روز ڏسان پَيو ، هي چهرو اچي تنهنجو
*

تون ڏور نه ويندي ڪر
هڪ پل به مٺي مون کي، تون سور نه ڏيندي ڪر
*

هت باهه لڳي رت کي
همدرد نه اڄ ڪوئي، احساس وري رت کي
*

هي نيڻ نه ڪر آلا
هڪ ڏينهن پرين ايندو، سڀ ويندا ڇٽي ڇالا
*

اڄ يار کلين ٿو تون
مجبور ڏسي مون کي، پو پيار پلين ٿو تون
*

ڇو قوم ستي پئي آ
پئي درد سهي ايڏا، ڪا باهه دُکي پئي آ
*

ڇو داڳ هڻين ٿي تون
پيو پيار ڪيان توسان، ۽ خوب وڻين ٿي تون
*

برسات وسي ٿي پئي
ڏس باهه اندر منهنجي، هت يار مچي ٿي پئي
*

ٿي جاڳ وري هاڻي،
ڏي چاهه ”نماڻي“ کي، ڀرپور چري هاڻي
*

اڄ رات “نماڻي“ آ
ڇا يار ٻڌايان مان، بس درد ڪهاڻي آ
*

ويا ڳوٺ ٻڏي منهنجا
هن ٻوڏ تباهي ۾، ڇا حال ڀلا هوندا
*

ٿي حال ويا هيڻا
ڏئي ٻوڏ وئي آهي، هت درد رڳو ٻيڻا
*

ڪا لپ نه اٽو آهي
پاتل ته مٿان انگ جي، ڦاٽل به لٽو آهي
*

اڄ سور سوايو آ
پئي ياد پرينءَ جي آ، مون درد ڪمايو آ
*

ڪر ڌار نه سائين تون
ڏي پيار پرين مون کي، رهه ساڻ سدائين تون
*

ڇو يار پري آهين
ڏس ڌار ڀلا مون کان ، ڇا جي ته ڪري آهين
*

هت ٻوڏ وڏي آئي
ماڻهو نه اڃا نه سڌريا، تون موٽ ڀلا راهي
*

ڇـــو يـــار ڦــــٽائين ٿــــو
رکي نيهن پرين مون سان، ڇو راهه مٽائين ٿو
*

ڪــــر ڌار ڀـــلي مون کي
ڇا يار ڪيو آهي، ڏس اڳ ۾ اچي مون کي
*

ڏئـــي ســـور ويو آهين
اڄ پو به پرين مون کي، سچ ياد پيو آهين
*

فرياد ڪيان ٿو پيو
آئين نه پرين توکي، هت ياد ڪيان ٿو پيو
*

وئي ٻوڏ ته ٻوڙي آ
جذبا به اسان جا سڀ، وئي ٻوڏ نهوڙي آ
*

ڪنهن وٽ نه خوشي آهي
انسان ڏسان ٿو مان ، لاچار دُکي آهي
*

هي جان مِٺي منهنجي
گهر گهور ڪيان توتان ، هربار خوشي پنهنجي
*

اچ ساهه سڪي ٿو پيو
تولاءِ نماڻو هت، ڏس روز لڇي ٿو پيو
*

ڏس گهر هي ڪچا منهنجا
برسات ختم ڪرتون، ٻڌ جلد خدا منهنجا
*

برسات وڏي آهي
ڪر ٻاجهه اسان تي تون، ڏس جاءِ جـَڏي آهي
*