شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

مــــاڪ ٻاهـــــر وســــي ٿي پئي

مــــاڪ ٻاهـــــر وســــي ٿي پئي
يــــاد تنهنــجــي اچـــــي ٿي پئي

ساٿ تنهنجو جــــي ناهي پرين،
دل تڏهن هـــــيءَ لـــڇي ٿي پئي

تو بنا ڪيئن خوشيون ڪـــيان
منهنـــجي ڳڻــــــتي وڌي ٿي پئي

پيــــو وهــــي ٿو پـگهر جسم مان
جــــان ڀـــي هيءَ ڏڪي ٿي پئي

ٿــــــڌ ۽ گــــــــرمي گــــڏيا پاڻ ۾
لــــڇ ۽ پـــــڇ ڀي مچي ٿي پئي

تـــــــون ويـــــو يـــــار پــرديس آن،
تولئه دل هــيءَ سڪي ٿي پئي

پيــــــو ٿو ســــڏڪا “نماڻو“ ڀري
پــــــــار دلـــــڙي ڪڍي ٿي پئي
*