شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

پـــــــيار جــــــي لئه جســـــتجو جـــــــاري هــــــجي

پـــــــيار جــــــي لئه جســـــتجو جـــــــاري هــــــجي
دلــــــــربـــــا ســــــــان گفــــــتگو جــــاري هــــــجي

پـــــــــــاڻ سيـــــــــنگاري پـــــــرين پهـــــتو اچـــــي
شـــــــــاعــــــري پــــــــو روبـــــــرو جــــاري هــــجي

جــــــــــو کـــــــپائـــــڻ ديس پنهنجي کي گهـــــري
دوســــــــــتو ان تـــــــي ته ٿـــــــوُ جــــــاري هـــــجي

سنــــــڌ ۽ منهــــنجي پــــــــرين جـــي اي خـــــــــدا
شــــــــــل ســــــــــلامت آبـــــــــرو جــــــــاري هجي

ســــــــونــهن ۽ ڌرتـــــــــي “ نــــــــماڻو” پــــيو لـکي
بــــس لـــــــکڻ جـــــــــي آرزو جـــــــاري هــــــــجي
*