شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

  روح کـــي قيــــدي بڻـــــايون هُو هِتان ويندو رهيو

روح کـــي قيــــدي بڻـــــايون هُو هِتان ويندو رهيو
جڳ سڄو مون تان کلايــــون هُو هِتان ويندو رهيو

سمنڊ جي پاڻي جيان جيون سڄو کارو ڪري
مـــن انـــدر ماتم مچايــــون هُو هِتان ويندو رهيو

عاشقي کي راند سمجهي ٻـــــار ٿي رسندو رهيو
چاهتون منهنجون ڀـــلايون هُـــو هِتان ويندو رهيو

غير سان گڏجي ڪيائين منهنـــجو سينو ڀي ڳڀا
درد ٻيهر سڀ ڇــــڪايون هُــــــو هِتان ويندو رهيو

هن “نماڻي“ جي سڀن منٿن کي ٺڪرائي ڇڏيو
ڪات جذبن تي وهائـــيون هُــو هِتان ويندو رهيو
*