شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

  ســـدا مــون ته ڳايـــــا تــــــرانا اوهــــان جا

ســـدا مــون ته ڳايـــــا تــــــرانا اوهــــان جا،
مليا درد مون کـــــي زمــــــانا اوهــــان جا!

هنيـــــــا تيـــر دل ۾ اســــان کــي سڌا تو،
گسائي نه سگهيس نشـــــانا اوهـان جا!

ملي ڪو نه سگهبو اوهان ئي چيو پئي،
هيــــا روز مــــون ســــان بهـــانا اوهان جا!

رڳو چاهه گهريو ڏئي ڪـو نه سگهـيوَ،
مــليا نفــــرتن جــــا خـــــزانا اوهان جا!

مگر ڪن پيا ٿا “نماڻــــي” جيان هت،
رڳـــــو چــــاهه توسان دِوانا اوهان جا!
*