شاعري

سونهن جي بارگاهه

ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
Title Cover of book سونهن جي بارگاهه

پــــــرين ويــــچار منهـــــنجي لئه 


پــــــرين ويــــچار منهـــــنجي لئه،
حـــــــياتــي گهـــار منهــــنجي لئه!

سـڪايــل هـــان صدين کان مان،
کـڻــــي آ پـــــيـــار منهـــــــنجي لئه!

ڇــــــــڏي ڏي تـــــــون زمـــاني کي،
اڱــــــڻ اچ يــــــار منهـــــــنجي لئه!

نــــه ڪــــــر ڪـــــاوڙ اجائي تون،
وري دلـــــــــدار منهـــــــنجي لئه!

خـــــوشيون تنهنجون، غمي تنهنجي،
هــــجي ســـــرڪـار منهـــــنجي لئه!

ڪــــري پــــيدا ســـــڄڻ تــــــوکي،
خــــــدا هـــــر بــــار منهــــنجي لئه!

بــــــنا تنهـــــــنجي سڄـــــي آهــــي،
حـــــــياتي بـــــــار منهـــــــنجي لئه!

ســـــوا تنهــــــنجي “نــــــــماڻا” سچ،
خـــــوشيون بيــڪار منهـــــنجي لئه!
*