شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

ٻين ڪاڻ جيئڻ

ٻين ڪاڻ جيئڻ

قاضي علي رضا هن ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو، جڏهن ته ’شخصيات‘ تي لکڻ يا تحقيقي ڪم ڪرڻ مون کي ايترو وڻندو به ناهي ۽ نه وري ان ڀير جو ماڻهو آهيان. اهڙو ڪم ڪرڻ پاڻ لاءِ ڪافي ڏکيو سمجهندو آهيان. ان کان اڳي قاضي صاحب جي اختصاري ڪهاڻين تي ’ڪچا ڦڪا لفظ‘ جي عنوان سان مهاڳ لکيو هو؛ حالانڪ ڪهاڻين يا افسانوي ادب جي ڏانوَ جو ماڻهو به ناهيان. مان ته صرف ٻوليءَ جي علم جي هڪ حصي جو شاگرد آهيان. هن ويري به هن همراه جو اهو ئي ضد ته هن ’شخصي ڪتاب‘ تي اوهان ٻه لفظ لکي ڏيو. نيٺ، کانئس ڪتاب وٺي پڙهيم، جيڪو ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ’ٺاروشاه‘ جي هڪ شخصيت ’بابوُ اسلم فوجيءَ‘ تي لکيل آهي.
صنف جي خيال کان هي ڪتاب ’سوانح عمريءَ‘ ۾ شمار ٿئي ٿو. سوانح عمريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي:
1. تاريخي لحاظ کان هڪ شخص جي زندگيءَ جو تفصيل
2. پاڻ بابت ’آتم ڪٿا‘ ۾ خود نَوِشت زندگيءَ جو احوال
سنڌي ادب ۾ سوانح عمري ۽ آتم ڪٿا/ ڪهاڻيءَ جي تمام گھڻي اهميت آهي. ان صنف کي ترقي ڏيارڻ لاءِ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ راءِ رکي آهي ته سنڌي ادب ۾ اها ڪوشش ورتي وڃي ته هر لکندڙ گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي سوانح سچائيءَ سان لکي ته جيئن اسان جو آئيندو انهن جي مشاهدن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.
هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
ٺاروشاه علم و ادب ۽ فن جي حوالي سان مون کي موهيو آهي. هڪ ته: پوري ننڍي کنڊ جو مشهور گائڪ، شاعر ۽ موسيقار ماسٽر چندر جو لاڳاپو ان شهر سان آهي. ٻيو ته: مشهور اديب گوبند مالهيءَ جو جنم به هن شهر جي مٽيءَ مان ٿيو، ڪرشن کٽواڻيءَ سان به منهنجي اڻ ڏٺي محبت آهي، جيڪو پڻ هتان جو هيو. تحقيق جي حوالي سان سنڌ جو برک تعليمدان ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به هن شهر ۾ ئي پلجي جوان ٿيو، جنهن سان منهنجي ڪافي محبت ۽ ويجهڙائپ رهي.
سنڌي جي سرسبز علائقي، معتدل موسم ۽ مٺي پاڻيءَ واري هن شهر جي ماڻهن جو مزاج به سنڌ جي مزاج جيان متعدل ۽ مٺو آهي. بابوُ محمد اسلم خانزادي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ يا ڏيٺ ويٺ ته ڪونهي؛ ليڪن قاضي صاحب پاران بيان ڪيل ڳالهين مان لڳندو آهي ته بابوُ صاحب ٺاروشاه جي روايتن کي اڳتي وٺي هلي پيو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هن تي ڪتاب لکڻ جي ڳالهه ٿي ته مان فقط هڪ جملو چيو ته ’اسان انهن ماڻهن کي ٻيو ته ڪجهه به نه ٿا ڏئي سگھون، سواءِ محبت، احترام ۽ سٺن لفظن جي ڀيٽا جي!
سچ ته مان ذاتي طور ڪتاب جي ليکڪ کي همٿايو ته جيترو به جلد ٿي سگھي ته اهو ڪتاب پورو ڪري وٺي. ڇو جو ٻين ڪاڻ جيئڻ واري اصول سان زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي سندن حياتيءَ ۾ ئي مانُ ملڻ گھرجي. اهي ماڻهو جن جو لقاءُ رنگ، ذات ۽ نسل جي فرق کان آجي مٽيءَ جيان، سج- چنڊ جي روشنيءَ جيان، ڏکڻ جي هير جيان ڪنهن لاءِ به مخصوص ناهي؛ بلڪ سڀ لاءِ ساڳيو! ڇا ڪڏهن مٽيءَ ماڻهن کي پاڻ کان پري ڪيو آهي؟ ڇا ڪڏهن سج- چنڊ روشني رسائڻ ۾ ماڻهن جي ورڇ ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن پاڻيءَ ڪڏهن اهڙي دانهن ڪئي آهي ته هي ڪافر ماڻهو مون کي نه ٿا پي سگهن؟ ڇا هوا ڪڏهن ان سبب گھُلڻ کان انڪار ڪيو آهي ته مسڪينن جي ٿلهي تي وائڻ منهنجو ڪهڙو ڪم؟ اهي سڀ قدرت جون نعمتون آهن، جيڪي برابريءَ جي بنياد تي هر انسان کي حاصل رهن ٿيون. بس، هي سماج ۾ اڻ- برابري ۽ طبقاتي سلسلا ماڻهوءَ جا ئي پيدا ڪيل آهن، جيڪي انسان کي انسان کان ڏينهون ڏينهن ڏور ڪندا ٿا وڃن.
سماج جي اهڙي گھٽيل ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جتي ساه کڻڻ به اڻانگو ٿي وڃي، اتي ڪي شخص قدرت جي نعمتن وانگر هوندا آهن، جيڪي پاڻ کي لُنجهڻ ۾ رکي به ٻين کي خوشيون ارپيندا آهن. دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪا کوٽي ڪونهي، جن جي شخصيتن کي ڏسي ماڻهپي تي ايمان پختو ٿي ويندو آهي. اهڙا کوڙ سارا ڪردار ڪي نامور ٿيو وڃن ته ڪي وري گمناميءَ جي زندگي گھاري مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو وڃن. سنڌ جا به اهڙا ڪافي ڪردار آهن جن جو نالو سج جيان چمڪندو رهندو. ان حوالي سان تمام گھڻا نالا آهن.
اهڙا ڪردار سنڌ جي هر واهڻ وستي ۽ ڳوٺ شهر ۾ موجود هوند آهن، جيڪي گمناميءَ واري زندگيءَ گهاري عام لاءِ پاڻ پتوڙين پيا. گھرج ان ڳالهه جي آهي ته لکندڙ دوست اهڙن ڪردارن جي سوانح لکي منظر عام تي آڻين ۽ سماج ۾ ڀلائيءَ جا اڻ ڳڻيا پاسا پيدا ٿين.


ڊاڪٽر الطاف جوکيو
پي.ايڇ.ڊي (لسانيات/ٻولي)
غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
ڪنڊيارو، نوشهروفيروز