اذان ڏيڻ ۽ وڇونءَ جو واقعو
هڪ ڀيرو نوشهره ڪينٽ ۾ منهنجي ڊيوٽي مسجد ۾ لڳائي وئي ته توهان اذان ڏيو، اهو به چيو ويو ته نماز به توهان کي کي پڙهائڻي آهي، نماز پڙهائڻ کان ته بابوُ صاحب معذرت ڪئي البته ڪينٽ جي مسجد ۾ ٻه مهينا اذانون ضرور ڏنائين. هڪ صبح جو نماز پڙهي جيئن ڪينٽين تي پهتو ته سندس دوست ۽ نالي ڀائي بوٽ ميڪر محمد اسلم ورائي ويس ته 50 روپيا اُڌارا ڏئي، جيئن ڳوٺان چڪر هڻي اچي، هن پئسن لاءِ کيسي ۾ هٿ وڌو ته ان مان ڪاري رنگ جو وڇون سندس هٿ تي چڙهي هيٺ زمين تي ڪريو، جن فوجين اهو منظر ڏٺو تن ۾ دانهن ڪئي ته ‘وڇون ڙي وڇون، وارو ڪيو ماريوس.’ ان سڄي منظر ۾ بابوُ صاحب آرام سان بيٺو رهيو ۽ ٻين کي چئي پيو ته اهو وڇون ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اها ڪرڙِي هئي! آخر فوجين وڇونءَ کي ماري هن کي ڏيکاريو ۽ اهو به چوڻ لڳس “تون سيد آهين ڇا، جو وڇونءَ توکي نه ڏنگيو؟” هن نه ۾ ورندي ڏني ۽ چيو ته جيڪو منهنجي رب کي منظور هوندو اهو ئي ٿيندو.