تون سزا نه کائيندي
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته رات جو سير سفر ڪري جڳهه ۾ موٽي آيس ته منهنجي لاءِ اهو منظر عجيب هو، جڏهن سڀ ڇوڪرا ڄنگهون مٿي ڪري اُٽا لڳا پيا هئا! حيرت وٺي ويم، مان هال جي در تان اندر اچڻ جي اجازت گهري، جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته حوالدار عبدالغني پٺاڻ حڪم ڪيو ته مان به ساڳي پوزيشن ۾ هليو وڃان، حڪم مڃڻ بجاءِ خاموش بيٺو رهيس، حوالدار حڪم ٻيهر ورجايو. اتي مان ڳالهايو “پر سر منهنجي غلطي ته ٻڌايو؟” “تنهنجي ڪا به غلطي ناهي، پر غلطي آهي، توهانجي هال مان هڪ جوان جي چوري ٿي آهي، سزا سڀ کائيندا!” استاد عبدالغني ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو پوءِ مونکي خبر پئي ته فوج جو اهو اصول آهي ته ڀلي غلطي هڪ ڪري پر سزا سڀني کي ملندي آهي، خير مان اُٽو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، “مون کي اهڙي سزا قبول ناهي جنهن ۾ مون غلطي نه ڪئي هجي، جي اها ڳالهه آهي ته مان نوڪري ڇڏي ڏيندس.” منهنجي اهڙي ريت ڳالهائن تي استاد حيرت ۾ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. “ڪول جوان ڪول……ڇا ڪندو آهين؟” هن مونسان ڳالهايو، “فوج کان اڳ پوليس ۾ هئس، اتان به ان روين جي ڪري نوڪري ڇڏي ۽ سر مان ڪول آهيان…” منهنجي ڳالهائڻ کانپوءِ استاد سڀني کي سڌو ٿيڻ جو چيو، ۽ منهنجي ويجهو اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ڳالهايائين: “جوان، تون ڪڏهن به سزا نه کائيندي، منهنجو اهو گفتو ياد ڪجان.”