بلوچ ٿي واعدو پاڙجان
“شهر ۾ افواه هلي ويو ته ايم ڪيو جي سينيٽر محمد علي بروهي پنهنجي ڪوٽا ۾ ٺاروشاه کي سوئي گيس ڏياري آهي. مون کي يقين نه پئي آيو، تڏهن ٺاروشاه ۾ موبائيل فون سروس نه هئي سو ادا اقبال جي دوڪان تان ڀائٽي فراز کي چيم ته هي سينيٽر محمد علي جو نمبر آهي فون ڊائل ڪر! بروهي صاحب جو نمبر سوئي گيس ۾ انجنئير طور ڪم ڪندڙ پنهنجي دوست شاڪر سومري کان حاصل ڪيو هو. ادا جي دوڪان تي رئيس پير بخش اڄڻ، حاجي رسول بخش اڄڻ ۽ ادا فوجدار خان به موجود هئا، فون ڪرڻ جي دير هئي محمد علي صاحب فون اٽينڊ ڪئي، مان هن کي چيو سر اسان ٻڌو آهي ته توهان پنهنجي ترقياتي ڪوٽا مان ٺاروشاه کي سوئي گيس ڏئي رهيا آهيو؟ هن جواب ۾ ها ڪئي، جنهن تي مون چيو مانس سر مهرباني ڪري هڪ بلوچ جي حيثيت سان پنهنجي ڳالهه تي قائم رهجو، ائين نه ٿئي جو سينيٽر ۽ سياستدان ٿي وڃو. هن هڪ ٽهڪ ڏيندي مون کان پڇيو، توهان ڪير آهيو؟ جواب ڏنو مانس مان شهر جي دوڪاندار ايسوسئيشن جو صدر ۽ آرمي جو رٽائرڊ اهلڪار آهيان، تنهن تي هن چيو ته مان جڏهن به نوشهروفيروز يا ٺاروشاه آيس ته توهان سان ضرور ملاقات ڪبي مان وري ساڳيو جملو ورجايو……سائين بلوچ ٿجو، پنهنجي ڳالهه کي پاڻي ڏجو، پوءِ هن کي شايد ان ڳالهه تان ڪاوڙ لڳي فون بند ڪري ڇڏيائين. اهڙي ريت واضع ٿيو ته اهو رڳو افواهه هئا، هو شهر کي سوئي گيس ڏيڻ بابت سنجيده نه هئا.
سوئي گيس جي منهنجي هن ننڍڙي هلچل ۾ شاڪر سومري وڏي مدد ڪئي، هو مڪمل اطلاع ڏيندو هو. منهنجي دوستي نئين تڪ جي هڪ همراهه عبدالله سومري سان به ٿي وئي جيڪو پڻ باهمٿ ڪردار هو، شام جو گڏ ويهي سوئي گيس جي تحريڪ بابت صلاحون ڪندا هئاسين. هو هوشيار ماڻهو هو، مان هن کي استاد چوندو هئس. اسان هڪ ڀيري سائين ظفر علي شاه کان ٽائيم وٺي درٻيلي هليا وياسين، سائين سان ملاقات ٿي جنهن کي عرض ڪيوسين ته سوئي گيس بابت فزيبلٽي رپورٽ ٺهرائي ڏئي! سائين چيو گيس جي اميد ئي ناهي ته فيزيبلٽي رپورٽ ڇا جي!! خير اسان جي زور تي سائين ها ڪئي ۽ ڪجهه مهينن ۾ اسان کي فيزيبلٽي رپورٽ ملي وئي، خبر پئي ته 8 ڪروڙن ۽ 60 لکن جي بجيٽ درڪار آهي، 6 ڪروڙ ته ايس.ايس.جي.سي وارا ڀريندا باقي جيڪڏهن ڪو ايم.پي.اي يا ايم.اين.اي پنهنجي ترقياتي فنڊ مان ڏئي ته شهر جو ڀلو ٿي ويندو.
شاڪر سومرو، ڄامشوري جو رهڻ وارو، سوئي گيس ۾ ڊپٽي چيف انجنئير طور ڪم ڪري رهيو هو، تنهن اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. هو هر ڳالهه کان اسان کي باخبر رکندو پئي آيو. هڪ ڀيرو فون ڪري چيائين ته ڀريا روڊ کان ٺاروشاه تائين گهڻا پئٽرول پمپ آهن؟ جلدي انهن بابت معلومات ڏيو. مان ڪجهه دير ۾ ئي انهن پئٽرول پمپن جي باري ۾ آگاهي ڏني. هن صلاح ڏني ۽ چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته توهان کي ڀريا واري پاسي کان سوئي گيس ڏيون، ڇو جو اها مين لائين آهي ان سان توهان کي گيس پريشر جي تڪليف نه ٿيندي. “
“ٻئي طرف مان تڏهن جي صدر پرويز مشرف کي مسلسل خط لکندو رهيس، جن ۾ اهو مطالبو شامل هوندو هو ته ٺاروشاه هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن کي سوئي گيس فراهم ڪئي وڃي. آخر اهو ڏينهن اچي ويو جو اسان جي شهر ۾ سوئي گيس جا ٺيڪيدار پهچي ويا، کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو، اهي همراهه اڃا به ياد آهن، محمد حسن بروهي ۽ سوالي بروهي جن کي مان حاجي رسول بخش اڄڻ جي جاءِ مسواڙ تي وٺي ڏني، جنهن جاءِ تي هاڻي غزالي اسڪول آهي. ڪم زور شور سان جاري ٿيو، اڄ اسان سوئي گيس جي نعمت مان فائدو حاصل ڪريون پيا. آفيسرن ۾ غلام حيدر گبول جيڪو نوان جتوئي جو رهاڪو هو ۽ غلام عباس عباسي گهيڙ گجو وارو سٺا آفيسر هئا، جيڪي ياد آهن.”
بابوُ صاحب سان سوئي گيس بابت تفصيلي ڪچهريون رهيون آهن، ڇو جو مان به ڄڻ هن شهر جو ئي رهواسي ٿي ويو آهيان ان ڪري ڄاڻان ٿو ته سوئي گيس جي حاصلات لاءِ اڪيلي سر بابوُ ئي نه پر ڪجهه ٻيا مشهور ۽ گمنام ڪردار پڻ آهن جن ۾ هڪ سيد نذير حسين شاه به آهي، هن سيد ۽ ٺاروشاه جي جاکوڙي ڪردار تي مان پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ هڪ مضمون لکيو هو، جيڪو هتي ٻيهر ورجايان ٿو، جئين ڪير اهو نه سوچي ته سوئي گيس جي جهدوجهد ۾ بابوُ صاحب اڪيلو هو.