شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

هڪ پاسي شيرو ٻئي طرف مهربان

هڪ پاسي شيرو ٻئي طرف مهربان
“ٻئي ڏينهن صبح جو ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ ڪراچي روانو ٿيس، اتي شيرو نالي حوالدار جيڪو ڪمپنيءَ ۾ سخت مزاجي ۽ جهيڙن جي ڪري مشهور هو سو مليو، جنهن ٻڌايو ته تنهنجي صبح جو پيشي آهي، تيار ٿي، توکي سخت کان سخت سزا ڏياربي. مان ڪوڙو نه هئس نه ڪي بي ايمان جو هن جي دڙڪن کان ڊڄان، صبح جو تيار ٿي، ڪرنل صاحب جي سامهون پيش ٿيس، اتي مهربان نالي هڪ صوبيدار هو جيڪو پنهنجي نالي جيان مهربان هو. سچ چوندا آهن ته انسانن تي نالن جو اثر ٿيندو آهي، هڪ پاسي شيرو ته ٻئي پاسي مهربان……مان وچ ۾… سامهون در کليو آرڊر ٿيو ته اندر وڃو، بنا ڌڙڪ ڪمري ۾ داخل ٿيس. سليوٽ ڪري سامهون بيٺس. ڪرنل صاحب ليٽ اچڻ جو سبب پڇيو، اعتماد سان جواب ڏنو مانس ته سر بيمار هئس، منهنجي حالت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪرنل صاحب مطمئن نه ٿيو، چوڻ لڳو توکي ڪهڙي سزا ڏجي؟ مان حق تي هئس، ڪوڙو نه هئس، چيو مانس سر مونکي 45 48 هيٺ سزا ڏيو! (اصل ۾ 45 48 هڪ قانون آهي جنهن ۾ فوجين کي جبري رٽائر ڪري بنا ڪنهن مراعت مطلب پينشن جي گهر موڪليو ويندو آهي) ڇو جو مان سنڌي آهيان، سنڌين کي اها سزا ملڻ گهرجي! اهڙي ريت ڳالهائڻ تي ڪرنل صاحب جي منهن تي ڪاوڙ محسوس ڪئي، هن حڪم ڪيو ته آفيس مان نڪري وڃ. مان نڪري آيس، 10 منٽ ٿيا ته وري سڏ ٿيو، اندر داخل ٿيس ته ڪرنل صاحب مسڪرائي رهيو هو، هن جي موڊ تبديل ٿي وئي هئي. سوال ڪيائين ته “ڪٿان جو آهين؟” جواب ڏنو مانس “سر نوابشاه ضلعي جو آهيان.” “اڇا ته پوءِ توهان نوابشاه جا ماڻهو ته ڌاڙيل هوندا آهيو؟” هن مسڪرائي چيو “نه سر اهڙي ڳالهه ناهي جي ائين هجي هان ته مان به ڌاڙيل هجان هان، فوج ۾ ڇو ڀرتي ٿيان ها.” وري سوال ڪيائين “نشو ڪندو آهين؟” “ها سر ڀنگ پئندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن چرس به…” سچ ڳالهائي رهيو هئس، ڊپ نه هو. “ها ڀنگ ته توهان سنڌين جو قومي مشروب آهي!” ڪرنل صاحب مسڪرائيندي مزاق واري انداز ۾ چيو. “اڇا تنهنجي 7 ڏينهن جي موڪل منظور ڪئي آهي، وڃي ڳوٺان چڪر هڻي اچ” ڪرنل صاحب اهو چئي وڃڻ جو چيو. ٻاهر نڪتس ته حوالدار شيري جو منهن لٿل هو، جڏهن ته صوبيدار مهربان ڀاڪر پائي مليو. “اسلم منهنجي 22 سالن جي سروس ۾ تو جهڙو جوان ناهي ڏٺو، وڃ ڳوٺان گهمي اچ ته پوءِ تنهنجي هتي اسپيشل ڊيوٽي لڳائيندس.” هاڻي آرام سان ٺاروشاه پهتس ۽ واپسي ۾ مونکي جي.سي.او ميس جو انچارج مقرر ڪيو ويو، 7 سپاهي منهنجي انڊر ۾ هئا.”