فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ
“هڪ ڀيرو دوڪان تي ويٺو هئس ته پڙهو آيو ته نوشهري فيروز ۾ نول گهوٽ جي ميلي ۾ فوج جي ڀرتي آهي، خيال ٿيو ته ڇونه فوج ۾ ڀرتي ٿيان، دليپوٽن واري پنهنجي دوست قربان مڱڻهار کي ٻڌايم، هن ٽوڪ ڪئي ته تون وري ڪهڙو فوج ۾ ويندين!؟ چيومانس ٺيڪ آهي پوءِ گڏجي هلجان جي توکي اعتبار نه ٿو اچي. اها سال 1982ع جي ڳالهه آهي، 24 آگسٽ تي ميلي ۾ لڳل فوجي ڪئمپ تي پهتاسين، ڪئمپ تي هڪ ميجر ٻيو ڪئپٽن مليا، منهنجو ان دور ۾ شناختي ڪارڊ ٺهيل نه هو، هنن ان کانسواءِ مونکي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قميص لاهڻ جو چيو مان قميص لاٿي، ڇاتي 33 34 بيٺي، قد به پنج فوٽ پنج انچ ٿيو، جنهن کانپوءِ مونکي ميڊيڪل لاءِ ڪمري ۾ وڃڻ جو چيو ويو، ان وقت مون کي ڀنگ پيتل هئي، پر عجب ڳالهه ته ميڊيڪل ڪندڙ کي ان جي خبر ئي نه پئي! هن فقط ٽنگون گڏائڻ جو چيو، جنهن کي ڏسي مونکي پاس سرٽيفيڪٽ ڏنو، ٻاهر نڪتس ته ميجر صاحب مبارڪ ڏني ۽ ساڻ 20 روپيا به ڏنا. قربان کي چيم ته ٻه گولڊ ليف جا پاڪيٽ وٺي اچ، هو تڪڙو ويو ۽ سگريٽ وٺي آيو، ان وچ ۾ ميجر صاحب پڇيو ڇا ڪندو آهين؟ مان هڪ پاڪيٽ ميجر صاحب کي ڏنو، هن حيرت مان سوال ٻيهر ورجايو، “جوان ڇا ڪندو آهين؟” جواب ڏنو مانس “سر ٺاروشاه ۾ بوٽن جو دوڪان آهي، ۽ زمينداري به” ميجر صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو، “سر مونکي گهٽ ۾ گهٽ بورچيءَ ۾ ڀرتي نه ڪجو، باقي توهان جي مرضي!” ميجر صاحب کي درخواست ڪيم، “ٺيڪ آهي توکي اهڙو کاتو ڏيون ٿا جو سڄي عمر دعائون ڪندي.” ميجر صاحب اهو چئي ڪجهه لکندو به رهيو ۽ ڪجهه دير ۾ مونکي هڪ ليٽر ڏيندي سمجهايائين ته توکي ايس.ايم.ايس ٽريڊ هيٺ سپلائي ڪور ۾ اسٽور مين ڀرتي ڪجي ٿو ۽ توهان 8 ڏينهن اندر نوشهره ڪينٽ ۾ رپورٽ ڪيو، جڏهن شهر ۾ واپسي ٿي ته هل هلي ويو ته بابوُ فوج ۾ ڀرتي ٿيو آهي. منهنجي ڀرتي ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي شهر جي ڪجهه ٻين ڇوڪرن کي به فوج ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو جن ۾ ڪامريڊ اعتبار خانزاده ۽ اسلم خانزاده ياد آهن، هاڻي اسان جو انگ 25 ٿي ويو، مقرر تاريخ تي جلوس جي شڪل ۾ نڪتاسين، مرشد سائين جي دعا کانپوءِ قافلو روانو ٿيو، پوري طرح ياد اٿم ته هڪ بجي ڀرياروڊ مان عوامي ايڪسپريس ۾ چڙهياسين؛ ان کان اڳ ٺاروشاه شهر جون ڪجهه يادون ته اسان کي گلن ۽ نوٽن جا هارا پارايا ويا، تنهن زماني ۾ به مون کي ڪجهه هزار ملي ويا. اهڙي طرح اسان پنجاب ۽ خيبر پختون خواه صوبن ڏانهن روانا ٿياسين، واٽ تي ڪافي دوست پنهنجي مزل تي لهندا ويا، مان به نوشهرو ڪينٽ تي لٿس، مون سان گڏ ٻه سنڌي هئا، جن کي ڏسي آٿت ملي پئي، هڪ نوان جتوئي جو عبدالڪريم سومرو ٻيو دين محمد سولنگي موري جو هو.