شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

مان، علي رضا قاضي ۽ بابوُ اسلم فوجي!

مان، علي رضا قاضي ۽ بابوُ اسلم فوجي!

ڪنهن دوست ٻڌايو ته علي رضا قاضي، شهر جي نامياري سماجي ڪارڪن بابوُ اسلم فوجي خانزاده تي ڪتاب لکي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان بابوُ صاحب جو ننڍي لاءِ جو دوست آهيان ان ڪري هن جي خواهش آهي ته سندس زندگيءَ تي ڪجهه لکي ڏيان.
ان کان اڳ جو مان بابوُ صاحب جي حياتي بابت ڪجهه احوال لکان، پهرين اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته علي رضا قاضي ۽ راقم تقريبن ساڳي ڳوٺ جا رهواسي آهيون. هن سان هڪ ٻيو رشتو اهو به اها ته سندس والد صاحب سائين دين محمد سهتو منهنجو استاد رهيو آهي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مان غلام محمد پهنور هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس، سائين ان اسڪول جو هيڊ ماستر هو.
ان کانسواءِ قاضي صاحب جو تعارف سندس چاچو ناميارو صحافي عمرالدين بيدار آهي، بيدار صاحب لاءِ منهنجو دوست فقير مرحوم الهڏنو موريو چوندو هو ته “اسان جڏهن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ سرگرم هئاسين ته اسان کي سياست جا گر پيچ عمرالدين بيدار سيکاريندو هو. هو تڏهن حيدرآباد جي ڪنهن سنڌي اخبار ۾ اڊيٽر هو، اسان هتان سيڙجي ان سان ملڻ ويندا هئاسين. هن اسان کي گهڻو سيکاريو.”
منهنجي هن قلمڪار دوست جو ٽيون تعارف سندس چاچو فقير عبدالرحمان آهي، دليپوٽا جي درگاهه تان هن کي روحاني فيض ورثي ۾ مليل آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته قاضي صاحب سان گهڻا ئي روحاني رشتا آهن ۽ ساڳي وقت اسان ڄڻ هڪ ئي ڳوٺ جا رهواسي آهيون ۽ هاڻي ته بلڪل ساڳي شهر مطلب ۾ ٺاروشاه ۾ رهون پيا. جتي ڀلا ملي نه ٿا سگهون ته به صبح جو ڊيوٽي تي ويندي هڪ ٻي ڏي نهاري روحاني آسيس حاصل ڪيون ٿا.
قاضي صاحب، بنيادي طور لکڻ پڙهڻ جي جهان جو ماڻهو آهي، هن جو پهريون ڪتاب اسان جي تر جي نامياري شخصيت ڊاڪٽر رانجهن پهنور جي زندگيءَ بابت مختلف ماڻهن جي لکيل خاڪن تي ٻڌل هو جيڪو ‘ساهتي جو اڻملهه هيرو’ نالي سان ڇپيو، ٻيو ڪتاب ساهتيءَ جي قديم شهر ٺاروشاه جي تاريخ تي هو جيڪو ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’ جي عنوان هيٺ مارڪيٽ ۾ آيو، سندس جو ٽيون ڪتاب جيڪو ڪهاڻين تي ٻڌل آهي ‘معذرت سان’ جي ٽائيٽل هيٺ ويجهر ۾ ئي ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. خير اهو ته هن جو علمي پورهيو آهي، جيڪو ماڻهن ۾ به ساڀ پيو، اسان به خوش آهيون ته اسان جو هي دوست علمي حوالي سان پنهنجن وڏن جي ورثي کي سنڀاليون پيو اچي.
بابوُ صاحب جي حوالي سان هن جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، ڪجهه ڏکيو ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته هن معاملي ۾ سندس کي هڪڙي ئي وقت ٻه جنگيون وڙهڻيون پونديون، اها حقيقت ته علم ۽ فضل جي حوالي سان اسان جو سماج ڪو ايڏو ترقيءَ ۾ نه آهي، جو هن جي وڏي پئماني تي همٿ افزائي ٿي سگهي، ٻيو ته هڪ تلخ حقيقت ته هو هڪ غريب ماڻهو تي ڪتاب لکي رهيو آهي ۽ اسان جهڙن معاشرن ۾ غريبن جي ڪا حيثيت ناهي هوندي، ممڪن آهي غريب سان همدردي ۾ هن سان دشمني به پيدا ٿي پئي! خير اهو آدرشي ڪم آهي جيڪو هر حالت ۾ ڪرڻ گهرجي. جي ته مان ٻن جنگين جي ڳالهه پيو ڪريان ته هڪ پاسي هن کي ڪتاب لکي پورو ڪرڻو آهي ته ٻئي پاسي سندس کي هڙان وڙان ان جي ڇپائي جو بندوبست به پاڻ ڪرڻو پوندو. لکڻ ۾ ته منهنجو هيءُ دوست ڪشاده دل آهي ڏسون کيسي جي معاملي ۾ ڪيترو اڳتي هلي ٿو، خير سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ دعائون آهن ته رب تعالى کيس ڪامياب ڪري.

بابوُ اسلم فوجي:
بابوُ محمد اسلم فوجي خانزاده، ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، ائين سمجهو ته هن شهر مٿان خدا جي رحمت جو نالو آهي، منهنجو دوست آهي، ان ڪري سندس سان ڀوڳن جو رستو به آهي ان ڪري چوندو آهيانس ته تون هن شهر جو اهڙو چوڪيدار آهين جيڪو بنا پگهار جي ڪم ڪندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي هو مسڪرائي ڏيندو آهي. ڪنهن شاعر جي بقول ته:
پنهنجي زندگي رهي،
ٽٽل شيشي جي ٽڪرن جيان.
منهنجي بابوُ صاحب سان تعلق کي 40 سال ٿيڻ تي آهن، ها اهو ڪالهوڪو ڏينهن ئي ته جڏهن هن سان گڏ ٺاروشاه هاءِ اسڪول جي ابتدائي ڪلاسن ۾ گڏ ويهندو هئس.
نصف صدي ڪا قصا هئي، دو چار برس ڪي بات نهين.
بابوُ اسلم، ذات جو خانزاده آهي، هن جي مادري زبان ته اردو آهي، پر سنڌي اهڙي ته صاف ڳالهائي ٿو جو اسان به حيران ٿي ويندا آهيون، هن سان اڌ صدي جي تعلق ۾ ڪڏهن به نااتفاقي پيدا نه ٿي، جنهن جو سبب بي غرض دوستي آهي.
مئٽرڪ پاس ڪري منهنجو هي دوست فوج ۾ هليو ويو، مان استاد جي پيشي کي اختيار ڪيو، وقت جا فاصلا اسان وچ م ڪڏهن به حائل نه ٿيا دعا آهي ته مرڻ گهڙي تائين اهي محبتون قائم هجن__آمين
بابوُ اسلم کي شاگردي جي زماني کان انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو چاهه هو، فوج ۾ وڃڻ ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي ڪل موڙي شهر ۾ هڪ ڪاروبار ۾ لڳائي، پر اهو ڪاروبار ڪهڙو هلڻو هو، هڪ سماجي خدمتگار ڀلا ڪهڙا ڪاروبار ڪري سگهندو!؟
شاهي بازار جي مهڙ ۾ مشروبات ۽ صابڻ جي ايجنسي کوليائين، جيڪا به ڪجهه ڏينهن ۾ خدمت خلق ۾ ختم ٿي وئي، پر بابوُ صاحب کي ان تي ڪڏهن ندامت نه ٿي، هن کي فخر آهي ته پاڻ هڪ اهڙي ڪم جي چونڊ ڪئي اٿائين جنهن ۾ دل کي سڪون آهي.
اسلم خانزاده، ڇاڪاڻ ته سماجي خدمتن کانسواءِ تنظيم ڪاري جو ماڻهو به آهي، ڇاڪاڻ ته ڪافي سال فوج ۾ رهڻ ڪري هن جي زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط موجود آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هن شهر ۾ ‘المدد دوڪاندار ويلفيئر ايسوسيئشن’ جو قيام عمل ۾ آندو. ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه ناعاقبت انديش ماڻهن تنظيم جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي، پوءِ بابوُ صاحب ان نتيجي تي پهتو ته هن سماج ۾ اڪيلي سر جهاد ڪرڻو آهي ۽ پوءِ هو اڪيلو ئي جنگ وڙهي پيو. صبح هجي يا شام يا آڌي رات توهان هن کي سڏ ڪيو، توهان کي سڏ ۾ سڏ ڏيندو. پوءِ پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاج هجي يا واپڊا جي روايتي ڪوتاهين خلاف يا معاشري ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ڏاڍ خلاف، ٺاروشاه ۾ بابوُ صاحب توهان کي هر ناانصافيءَ خلاف اڳيان اڳيان نظر ايندو. هن وٽ درخواستن جا ڍير آهن، جيڪي وقفي وقفي سان اعلى حڪام ڏي پيو موڪليندو آهي.
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!
بس پوءِ ان رستي ۾ ڪڏهن ڏکيائون به ڏسي ٿو، ڪڏهن ڪا مثب موٽ مليس ته ڪڏهن جواب نه به مليس. استاد بخاريءَ جي چواڻي:
تون مڃي، مڃي نه مهربان، مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
شهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو توهان کي بابوُ صاحب نظر ايندو. هن جو مثال ان مالهيءَ جيان آهي ته جنهن جو ڪم پنهنجي باغ جي سيوا ڪرڻ هوندي آهي، شهر ۾ ڪوبه سياسي، سماجي، مذهبي پروگرام هجي، بابوُ صاحب هميشه خدمت م بنا ڪنهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي تعصب جي اڳيان اڳيان نظر ايندو. هو خلق جي خدمت ۾ ايڏو ته محوِ ٿي ويندو آهي جو گهر جي ياد به نه ايندي اٿس. هي دوست گهران خرچ ڪري به شهر کي صاف سٿرو ڏسڻ جي تمنا رکي ٿو. هو هڪ اهڙي معاشري ۾ جئي پيو جتي اسان جي اڪثريت صرف پنهنجي گهر کي زميداي سمجهندا آهيون، گهٽيون ٻين جون آهن، جو معاملو اسان وٽ آهي، پر ان جي ابتڙ بابوُ صاحب اسان جي گهٽين جي سار لهي ٿو جنهن تي کيس جس هجي. پر معاملو هي آهي جو ان لاءِ جيسين اڪثريت همٿ نه ڪندي تيسين ڪجهه نه ٿي سگهندو، بابوُ صاحب اڪيلي سر گهڻي ڪوشش ته ڪري ٿو پر نتيجا ڪي ايترا سٺا ناهن، ان جاءِ تي جيڪڏهن هر ماڻهو بابوُ صاحب جيان زميداري جو مظاهرو ڪري ته جيڪر اسان جو هي شهر ٺاروشاه جنت مثل ٿي وڃي.
بس بابوُ صاحب، مون سميت هر ان ماڻهو جو دوست آهي، جيڪو حق جي ڳالهه ڪري ٿو، شاد جلباڻي جي هن شعر سان پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو ته:
ڪڏهن بيمار رهبو آ، ڪڏهن خوش به رهبو آ،
ڪڏهن پيارن دلي يارن، ڪڏهن دشمن سان به کلبو آ،
نه هل تڪڙو، نه پاءِ ڊوڙون، ڏکي منزل سکي ٿيندي،
وٺي سڪ جو سبق سهڻا، چڱي ڪنهن واٽ چلبو آ.

استاد محمد ملوڪ مستوئي/ٺاروشاه