سيد نذير حسين شاه
“اسان سمجهندا آهيون ته جهڙي ريت اسان سوچيندا آهيون، فيصلا ڪندا آهيون ٻئي ماڻهو به ائين ئي سوچيندا هوندا پر ايئن بلڪل ناهي هوندو. هر ماڻهو جي سوچ سمجهه جو پنهنجو انداز هوندو آهي. ‘مها ڀارت’ ۾ شري ڪرشن کان ارجن معلوم ڪيو ته “ڇا جيئن پاڻ شين جي باري ۾ سوچيون ٿا برهما به ائين ئي سوچيندو هوندو؟” ڪرشن ڪنڌ سان نهڪار ڪري چيو “نه بلڪل نه برهما ائين ناهي سوچيندو جيئن عام انسان شين جي باري ۾ غور وفڪر ڪندا آهن.”
هندومت کانسواءِ اسان کي دنيا جي ٻين مذهبن ۾ به اهو آفاقي فلسفو ملي ٿو ته خدا جي جي اڳيان پوري ڪائنات جو وجود آهي. جڏهن ته انسان جي نظر ۽ سوچ ڦري گهري پنهنجي پيرن ۾ ئي ساهه پٽي ٿي. اهو ساڳيو فلسفو جيڪڏهن اسان دنيا جي وڏن ماڻهن تي فٽ ڪيون ته به ٺيڪ رهندو. دنيا ۾ وڏو ماڻهو اهو ناهي جنهن وٽ ڌن دولت هجي پر وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جي سوچ جو ڪينواس وسيع کان وسيع تر هجي.
اسان جي شهر ٺاروشاه جو سيد نذير حسين شاه به دنيا جي انهن وڏن ماڻهن مان هڪ هو جنهن جي اڳيان پوري انسانيت هڪ ئي جلوي جو مظهر هئي. ٺاروشاه جي گهٽين ۾ گهمندڙ انهي ماڻهو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيڪو هتان جي هر ماڻهو تي عاشق هو. هن جي عشق جي اها حد هئي جو پنهنجي ڀرپور توانائين سان سڄي عمر سرگردان رهيو ته ڪهڙي ريت ٺاروشاه واسين جي زندگي ۾ خوشي جا گلاب پوکجن. هتان جي بجلي جو مسئلو هجي يا فون جي ڏکيائي، گيس جي حاصلات لاءِ جاکوڙ هجي يا ڀڳل روڊ رستن جي تعمير جو اشو، سيد نذير شاه ڪڏهن به خاموش نه رهيو. هن جي جستجو جا جتي ڪيترائي مثال موجود آهن اتي هي ڳالهه اڄ به هن جا چاهيندڙ بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيرو ٺاروشاه جي هڪ روڊ جي موري (پل) ڀڄي پئي، صاحب کي جڏهن انهي جي خبر پئي ته صبح جو سويل اتي اچي بيهي رهيو. هر ايندڙ ويندڙ کان پئسا گهرڻ لڳو ايتري تائين جو ڪجهه ماڻهن جي واتان هن هي جملا به ٻڌا ته شاه صاحب هاڻي پنڻ تي لهي پيو آهي. سيد نذير شاه انهن جملن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو. تان جو ايترا پئسا ٿي ويا جو انهي وقت انهي ڀڳل موري جي مرمت ڪرايائين. اجايو الزام هڻندڙ هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسندا رهيا. انهي سڄي مرحلي ۾ سيد نذير شاه کي ڪا به پرواهه نه رهي! ڇو پرواهه نه رهي؟ مان مٿي لکيو آهي ته وڏا ماڻهو ائين ناهن سوچيندا جيئن اسان سوچيندا آهيون.
ٺاروشاه شهر ۾ اڄ جڏهن سوئي گيس ٻري ٿي ته انهي ۾ مکيه ڪردار سيد صاحب جو آهي. هن شهر ۾ سوئي گيس جي حاصلات لاءِ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته سيد نذير شاه جي ننڊ ڦِٽي وئي. آخر جڏهن سوئي سدرن گيس ڪمپني پنهنجي هڪ سروي ۾ انگن اکرن جي ڪاريگري سان ثابت ڪيو ته هن شهر ۾ گهربل ڪينڪشن نه ملي سگهندا ڇاڪاڻ ته گهرن جو انگ ٿورو آهي ته اسان جي شهر جي هن ولي رات ڏانهن هڪ ڪري سڄي شهر جي سائنسي بنيادن تي سروي ڪئي ۽ پوءِ جڏهن اهي ڪاغذ سوئي گيس انتظاميه جي اعلى عملدارن تائين پهچايا ويا ته هنن جي حيرتن جي انتها نه رهي ته سوئي گيس لاءِ درخواست ڏيندڙ انهن گهرن جو انگ سندن جي نام نهاد سروي کان ٻيڻو ٽيڻو آهي، جيڪا هنن ڪجهه وقت اڳ ڪرائي هئي.
اهو سڀ هن شخص جو ئي ڪمال هو جنهن پنهنجي ڀرپور توانائي سان شهر جي ڀلي لاءِ پنهنجي جان وقف ڪري ڇڏي هئي. سيد نذير شاه جي هن شهر سان لازوال محبت جا ڪهڙا داستان بيان ڪجن. بس دل چوي ٿي هن لاءِ سنڌي ٻولي جي پهرين شعر جو هي سٽون هن جي نانءِ ڪيان جيڪي سنڌيءَ جي ڪنهن نامعلوم شاعر بادشاه يحيى برمڪي جي درٻار ۾ چيون هيون
ارهه بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره.
يا
ارهه اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره.
مفهوم: “جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ذڪر هلندو آهي ته تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.”
سو اڄ به جڏهن ٺاروشاه ۾ نيڪين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ٿه هر ماڻهو جي زبان تي سيد نذير شاه جو ئي نالو هوندو آهي. پاڻ 2 فيبروري 2007ع تي اسان کان هميشه موڪلائي ويو. سندس آخري آرامگاهه بخاري ۾ آهي.”
شهر ۾ سوئي گيس بابت منهنجو ٻيو مضمون به ڪتاب ۾ شامل هو، جنهن ۾ پڻ انهن ڪردارن جي واکاڻ ڪئي وئي آهي، جن جي ڪوششن سان سوئي گيس مليو.