ٻئي يادون
“خانزادن ۾ هڪ ٻيو زبردست انسان آهي، استاد عبدالعزيز، هي همراهه به مون وانگي سماجي ڪارڪن ئي آهي، ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ مصروف هن ڏانهن هڪ ڪريڊٽ وڃي ٿو ته جڏهن ٺاروشاه مان ريلوي جو جنڪشن ختم ڪيو ويو ته سائين ان جي بحاليءَ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. گهڻي لک پڙهه ڪيائين. اها هڪ شاندار جهدوجهد هئي جيڪا ڪامياب ته نه ٿي سگهي پر ٺاروشاه جي تاريخ ۾ هن همراهه جو ڪردار فراموش نه ٿو ڪري سگهجي”.
“ٺاروشاه جو ٻهڳڻو شاعر ميجر ڊاڪٽر امداد سهتو، منهنجو ويجهو دوست آهي، کيس جي ان ڪري به تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان جو سندس والد صاحب سائين عبدالرحمان سهتي وٽ مان پڙهيس. هي پنهنجي دور جا سچا انسان هئا، جن کي ساري اڄ به خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
اسان جا ڪجهه مائٽ آهن جن کي ملڪ جي لقب سان سڃاتو ويندو آهي. جئين محمد اقبال ملڪ سروس وارو، ان جو ڀاءَ رئيس احمد ۽ بابوُ ذوالفقار، جن جي مَلڪ هجڻ جي باري ۾ تاريخ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته خبر پئي هنن جا وڏڙن کي هندستان ۾ اهو لقب مليو هو. سندن وڏن مان هڪ ملڪ فياض خان خانزاده هندستان ۾ مختيارڪار هو.”
“برادري ۾ استاد عبدالحق خانزاده به نيڪ انسان آهي، جيڪو هڪ بهترين نعت خوان به آهي. باقي دوستن ۾ ڪجهه هن دنيا ۾ ناهن رهيا جيئن منهنجو سنگتي اصغر ڏاهري جيڪو صحافت ڪندو هو، غلام شبير سومرو ڪاوش جو رپورٽر هو ڪڏهن ڪڏهن گهڻو ياد ايندا آهن، بس اسان کي به هڪ ڏينهن ان پار وڃڻو آهي.”