منهنجي امڙ
”منهنجي امڙ جو نالو ڪنيز فاطمه هو، عبادتگذار هر وقت تسبيح ۽ ذڪر ڪرڻ واري عورت، مونکي جهولي ۾ ويهاري نماز پڙهندي هئي، مان هن جو آخري ۽ دادلو پٽ جو هئس؛ امان ٻڌائيندي هئي ته جڏهن پيدا ٿيو هئس ته ايترو ڪمزرو جو بچڻ جي اميد گهٽ هئي، امان سان گڏ منهنجي وڏي ڀيڻ منهنجو گهڻو خيال ڪندي هئي، پوءِ امان کي ڏَسُ مليو ته پنهنجي ڇوڪري کي ٻڪريءَ جو کير پياريو، اهو کير پيئڻ کانپوءِ مان ڪافي حد تائين صحتمند ٿي ويس.”
“امان ٻڌايو ته جڏهن پيدا ٿيس ته تڏهن هاڻي وارو سسٽم نه هو جو اسپتالن ۾ وڃي ڊاڪٽرياڻين کان ويم يا آپريشن ڪرائجي، بس سڀ ڪجهه دايون ئي ڪنديون هيون، ان وقت هڪ دائي جنهن جو نالو جيوڻي هو، تنهن امان کي چيو ته تنهنجو پٽ وڏو ٿي فوج ۾ جمعدار ٿيندو! بس ان مائي جي پيشنگوئي سچ ثابت ٿي ۽ مان فوج ۾ ڄڻ جمعدار ئي ٿيس، منهنجون سالگرهون وڏي پئماني تي ملهايون وينديون هيون، جيڪي مونکي ياد آهن.”
“امان جي گذاري وڃڻ جو قصو به عجيب آهي، سال 2005ع ۾ شبِ برات موقعي تي امان اسان ڏانهن نهاري چيو ته ٻي عيد تي توهان سان گڏ نه هوندس ۽ مان گذاري به شب برات تي ويندس! اسان ڀائر ۽ ادي، امان جي اها ڳالهه ٻڌي ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين، “امان چاڪ چڱي ڀلي آهين. ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪرين!” ۽ پوءِ امان جي ڳالهه صحيح ٿي، هوءَ اسان کان 2006ع سال ۾ شبِ برات جي ڏينهن موڪلائي اڻ ڏٺي ديس رواني ٿي وئي.”