شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

بشنيءَ جي دعا

بشنيءَ جي دعا
جيئن تيئن ڪري سال پورو ٿيو، ٽريننگ به پوري ٿي، ڏاڍي خوشي ٿي ته هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، نه ته اڪثر فوجي ٽريننگ مان ڀڄي ويندا آهن. 15 ڏينهن جي موڪل ملي، رات جو خيبر ميل ۾ سوار ٿي ڳوٺن ڏانهن روانا ٿياسين. پهرين اسٽيشن ٽيڪسلا آئي، پوءِ حسن ابدال، گجرات، کاريان، اوڪاڙه ڪراس ڪيوسين ته هڪ سهڻو نوجوان ڇوڪرو اسان جي دٻي ۾ آيو، مونکي الائي ڇو نه وڻيو، دڙڪو ڏيندي چيو مانس نڪري وڃ هتان نه تنهنجو خير ناهي، هو ڊڄي ويو ۽ تڪڙو اسان جي دٻي مان ٻئي دٻي ۾ هليو ويو، جنهن ۾ اسان جا استاد سوار هئا، جيڪي پڻ موڪل تي پنهنجن ڳوٺن ۽ شهر ڏانهن وڃي رهيا هئا. ڪجهه دير ۾ ئي هڪ استاد آيو جنهن ٻڌايو ته ڪو شاهينگ هنن جا پئسا چورائي ويو آهي، مونکي الائي ڇو شڪ پيو ته جيڪو همراهه اسان جي دٻي ۾ آيو هو ۽ مان دڙڪا ڏئي ڪڍيو پڪ سان اهو ئي بشني آهي! ڪجهه دوستن کي ساڻ ڪري گاڏيءَ ۾ ان کي تلاش ڪرڻ نڪري پيس، هاڻي ريل گاڏيءَ جي اڳين منزل لالا موسى اسٽيشن هئي، ٽرين بيٺي ته اسان هن کي پليٽ فارم تي جاچڻ شروع ڪيو، ڪجهه دير ۾ ئي ملي ويو. هن کي ڏسندي مون کي پارو چڙهي ويو، نه ڪا هم نه تم هڪ ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون مانس، همراهه وائڙو ٿي ويو، ڪجهه دير ۾ دانهون شروع ڪيائين ته پوليس وارا ڀڄندا آيا ۽ پڇا ڪيائون ته ڇو پيا همراهه کي ماريو!؟ مون چيو ته منهنجو ڀاءُ آهي، گهران ڪاوڙجي آيو آهي، ان ڪري مار ڪڍي مانس. پوليس وارا ڳالهه تي اعتبار ڪري روانا ٿيا. ان ڇوڪري کي جنهن جي نالي شڪ هو ته بشني آهي، پنهنجي دٻي ۾ وٺي آياسين، همراهه هسيل هو سو بنا ڪنهن مزاحمت جي کيسي ۾ جيڪي پئسا هئس ڪڍي ڏنائين، هو ڄاڻي ويو هو ته اسان فوجي آهيون تلاشيءَ ۾ هو ڪجهه لڪائي نه سگهندو. ان وقت حيرت ۾ ٻڏي وياسين جڏهن پئسا ڳڻياسين ته خبر پئي 56 هزار آهن، ان دور ۾ 56 هزارن جو ذري گهٽ مطلب هاڻوڪي 56 لکن جي برابر ٿيندو، جن مان 5 هزار ته اسان جي استادن جون پگهارون هيون، باقي 51 هزار جو فيصلو ڪرڻو هو ته اهي ڪاڏي ڪجن. الائي ڇو انهيءَ تي رحم اچي ويو، ساٿين ۽ استادن کي چيو ته مان هن کي پئسا واپس ڏيڻ چاهيان ٿو! هنن به منهنجي فيصلي سان اتفاق ڪيو. اهڙي ريت همراهه کي آزاد ڪيوسين، آزادي ملڻ کانپوءِ هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، هو اسان جو شڪرگذار هو، هاڻي هو دوست ٿي ويو، پنهنجو تعارف ڪرايائين ته لاهور جي بادامي باغ جو رهواسي آهي؛ ڪجهه دير ڪچهري کانپوءِ چانهن جي صلاح ڪيائين، جيڪا قبول ڪئيسين. آخر ۾ شڪريو مڃي موڪلايائين ۽ مونکي چوڻ لڳو، مان جيئن لاهور پهچندس ته داتا درٻار تي دعا گهرندس تنهنجي پوسٽنگ لاهور ۾ ٿئي.”
“ٺاروشاه پهتاسين، دوستن سان ملاقاتون ٿيون، اڃا مائٽن ۽ دوستن مان دل ئي نه ڀري هئي ته خبر پئي موڪل ختم ٿي وئي آهي، واپسي جي ٽڪيٽ ساڻ هئي. نوشهره ڪينٽ پهچڻ ۾ دقت نه ٿي، اتي پهچي خبر پئي ته منهنجي پوسٽنگ لاهور ۾ ٿي وئي آهي. حيرت ۾ پئجي ويس، اهو نوجوان بشني ياد اچي ويو. اي منهنجا خدا! بيشڪ تون گنهگارن جون دعائون به اگهائين ٿو! سينٽر مان مون سان گڏ منهنجا دوست جاويد پٺاڻ جيڪو ضلعي ڪرڪ جو رهواسي هو ۽ محمد يوسف اوڪاڙه جو ويٺل هو گڏ لاهور آيا. اسان جي پوسٽنگ آر اي بازار ڪينٽ ۾ ٿي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جاويد سان ان ڇوڪري سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيم، هن به ساٿ ڏنو، اسان هن جي ڏنل ائڊريس تي پهچي وياسين، اتي پهچي خبر پئي ته اسان وارو دوست ڪنهن ڪيس ۾ ٿاڻي تي بند آهي. هن جي ڀيڻ ۽ ماءُ ملي جنهن اسان کي ڊريس ۾ ڏسي مدد جو چيو، ڪجهه ڏينهن ۾ اسان ڪجهه دوست وردي پائي فوجي جيپ ۾ ان ٿاڻي تي پهتاسين جتي همراهه بند هو. وردي کي ڏسي گهڻي عزت ڪئي. هن کي چيوسين ته همراهه کي آزاد ڪر، ايس.ايڇ.او اسان جي درخواست کي موٽ ڏني اهڙي طرح پنهنجي بشني يار ساڻ هن جي گهر پهتاسين. هن ٻڌايو ته پوليس سڀ پئسا به کسي ورتا آهن، غريب ٿي ويو آهي، اسان وٽ ڪجهه پئسا هئا، مان سمجهان ٿو ته 13 سو کن جيڪي هن کي ڏناسين. هن جي ماءُ گهڻو خيال ڪيو اتي چانهن پي واپس ڇانوڻي ۾ پهتاسين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ملڻ آيو ۽ اسان کي پئسا واپس ڪيائين ۽ دعائون ڏيندو روانو ٿيو. مان لاهور ۾ 8 مهينا رهيس پر ان همراهه سان ٻيهر ملاقات نه ٿي سگهي!”