شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

رولاڪيون

رولاڪيون
هر ماڻهو جي زندگيءَ ۾ ڪجهه رولاڪيون شامل هونديون آهن، بابوُ صاحب به انهن کان نه بچي سگهيو، هن وٽ پنهنجي رولاڪين بابت دلچسپ يادگيريون آهن، جنهن مان هڪ توهان سان به ونڊ ڪجي ٿي، هن ٻڌايو ته: “هڪ ڏينهن رولاڪين سبب وڏي ڀاءُ محمد ايوب ڪاوڙ ۾ ڏاڍي مار ڪڍي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، احتجاج طور گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم، اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي هئي، ادا ايوب جي مار کانپوءِ گهر وڃڻ بجاءِ پنڌ ئي پنڌ سڌو نوشهري فيروز ڏانهن رخ ڪيو، نوشهري ٻاهران لُنڊن جي ڳوٺ پهتس، جتي ڪجهه دير ترسي اتان به اڳين منزل ڏانهن پنڌ ئي روانو ٿيس. هاڻي مان سڌوجا ڀرسان ڳوٺ گل محمد مبيجو پهتس، جتي پهچي وڏيري جي اوطاق جي پڇا ڪئي، جتي مونکي رهڻو هو. مبيجن جي مهمانوازي ۽ سخاوت بابت مونکي اڳي ئي ڄاڻ هئي، شام ڌاري وڏيرو گل محمد پاڻ اوطاق تي آيو، ان سان ملاقات ٿي ۽ عرض ڪيم ته پري جو مسافر آهيان، ڪجهه ڏينهن ترسندس، وڏيري مون ڏانهن نهاري چيو توهان جيترا به ڏينهن رهڻ چاهيو هيءَ اوطاق پنهنجو گهر سمجهي رهي سگهو ٿا. هاڻي مان ڏينهن جو مزدوري ڪندو هئس شام جو اوطاق تي اچي رهندو هئس، مزدوري به ڇا هئي، گڏهن تي واري ڍوئيندو هئس؛ جسم ۾ زبرو هئس، مزدوري منهنجي لاءِ ڪوبه مسئلو نه هئي، رات جو ڳوٺاڻا ۽ ٻيا ڪافي پري پري جا مون جهڙا مسافر ان جاءِ تي گڏ ٿيندا هئا. هڪ ڀيري اتان جي هڪ ڳوٺاڻي وڏيري کي چيو ته بابوُ سٺو ڳائيندو آهي ان کان ڪلام ٻڌو، مان وڏيري جي چوڻ تي ڪلام:
دل تيري ياد ۾ جب به گهبرائي گا، ڪون يادون ڪو زنجير پهنائي گا.
ڳايو، جيڪو وڏيري سميت سڀني کي تمام گهڻو پسند آيو، مونکي ڳوٺان نڪتي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو هو، پنهنجي جهان ۾ گم هئس، ڏينهن جو مزدوري رات جو ڪچهريون ڪلام، ڊاڙا ٺڪاءَ پويان جي ڳڻتي ئي ڪونه هئي! جڏهن واپس آيس ته خبر پئي مائٽن منهنجي نالي جي فار ڪڍرائي آهي، هڪ پنهنجي مرشد سائين عبدالجليل کان ٻي سائين احمد شاه بخاريءَ کان ٻنهي فارن ۾اهو لکجي آيو هو ته توهان جو ڇوڪرو هن ئي علائقي ۾ رهيل ۽ زنده آهي.
مون وٽ ڪپڙا نه هئا، بس جيڪو وڳو گهران پائي نڪتو هئس سو ئي رات جو ڌوئي ڏينهن جو استعمال ڪندو هئس. هڪ ڏينهن ڪپڙا وٺڻ لاءِ موري وڃڻ ٿيو، جتي ٺاروشاه جو علي نواز پاتو مليو، جنهن سان ڳوٺ بابت ڪچهري ٿي، خير سان موٽي وڏيري جي اوطاق تي پهتس، ٻئي ڏينهن مزدوري تي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هئس ته بابي ۽ چاچي وارا پهچي ويا، انهن کي ڏسي ڊڄي ويس ته مونکي وري ماريندا! وڏيري کي چيم ته مان انهن سان گڏ نه ويندس، ان وچ ۾ وڏيري گل محمد کي خبر پئي ته مان ٺاروشاه جو خانزاده آهيان، هن مون کي پنهنجي ڀرسان ويهاري سمجهايو ته تنهنجي امڙ پريشان هوندي، ڏس تنهنجو بابا به آيو آهي. هنن سان گڏ وڃ باقي جي توکي وري مارين ته مون وٽ موٽي اچجان، مان به تنهنجي پيءُ جهڙو آهيان، بابي وارن کي چيائين ته هاڻي هي منهنجو به پٽ آهي، جي توهان هن کي ڪجهه چيو ته مان پاڻ اچي هن کي توهان وٽان وٺي پاڻ سان گڏ رهائيندس، اهڙي طرح مان هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاروشاه موٽي آيس.”