شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

بابوُ اسلم فوجي

بابوُ اسلم فوجي

ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ٺاروشاه جو رهواسي بابوُ اسلم فوجي خانزاده پنهنجي سماجي سرگرمين سبب سڄي پرڳڻي ۾ مشهور آهي. هو ڏينهن رات جفاڪشي ڪري ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو.
بابوُ اسلم شهر ۾ فوجي جي نالي سان مشهور آهي، ڇو جو هن پنهنجي زندگي جا قيمتي 20 سال فوج جي نوڪري ۾ گذاريا. رٽائرمنٽ کانپوءِ هو جڏهن ٺاروشاه آيو ته هن جي بقول سندس کي شهر ۾ موجوده مسئلن جي ڪري انتهائي ڏک رسيو انهي ڪري هن جلد فيصلو ڪري ورتو ته باقي زندگي هو هن شهر جي لاءِ وقف ڪندو. اهوئي سبب آهي جو هن سماجي خدمت لاءِ سياست ۾ پڻ حصو ورتو. سال 2005ع ۾ شهر جي يونين ڪائونسل ۾ جنرل ڪائونسلر جي حيثيت ۾ چونڊ وڙهي، هن کي اهو پهرين ئي اندازو هو ته هن جي خدمتن جي عيوض ماڻهو ضرور هن کي مثبت موٽ ڏيندا، نتيجو به ساڳيو رهيو ڀاري اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪري هو يوسي جو ميمبر اليڪٽ ٿيو. هاڻي ڄڻ هن جي مٿان شهر جي ڀلائي لاءِ اهم زميداري اچي. بابوُ صاحب جي زندگي جو هي عجيب پهلو جو شهر جي ماڻهن جي اڪثريت هن کي واپڊا، ٽائون ڪاميٽي، ذڪوات ڪاميٽي، تعليم کاتو ۽ صحت کاتي جو ملازم سمجهندا آهن.
ائين ڇو آهي؟ جنهن جو سادو جواب هيءُ ته بابوُ صاحب پنهنجي خدمتن آڌار انهن کاتن ۾ ايترو ته گهڙي عام ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو جو شهرين کي گمان نه پر پڪ جي حد تائين اها ڳالهه باور ٿئي ٿي ته اسلم فوجي انهن کاتن جو پگهاردار ملازم آهي، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل کاتا ڪهڙو ڪم ڪن ٿا سماج ۾ انهن جون زميداريون ڇا هئڻ گهرجن کاتي جا اگهور ننڊ ۾ پيل ملازم به اڻ ڄاڻ آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳي واٽ ويندي بابوُ صاحب سان ملاقات ٿي، هو شهر ۾ موجوده نياڻين جي واحد تعليمي اداري هاءِ اسڪول جي سامهون ڪافي ڏينهن کان بيٺل گندي پاڻي جي نيڪال ۾ مصروف هو. ايتري تائين جو پاڻ بالٽي سان پاڻي ڪڍي رهيو هو، منهنجي پاران سوال ته ”بابوُ صاحب، جمعدار ڀرتي ٿيا آهيو ڇا“؟ هن جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ تري اچي ٿي. جواب ڏئي ٿو ته ”جيڪڏهن اسان پنهنجي اسڪولن جي پاڻ صفائي نه ڪنداسين ته ٻيو ڀلا ڪير ڪندو، جيڪڏهن صفائي لاءِ مونکي ڪير جمعدار به چوندو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ فخر جو باعث آهي.“ هن جي حيرت ۽ فلسفي واري ڳالهه ٻڌي خوشي ٿئي ٿي ته اڃا ’ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي‘ آهن. هن سان منهنجو ڪجهه ٻئي به ڳالهيون ٿيون جيڪي پيش ڪري رهيو آهيان.
“ٺاروشاه شهر جي هر گهٽي منهنجو گهر آهي، جنهن جي صفائي ڪرڻ منهنجي لاءِ پاڪ پيغمبر جي عظيم فرمان مطابق ’نصف ايمان‘ جو درجو رکي ٿي.” هو ٻڌائي ٿو ته شهر ۾ جو ڊرينيج سسٽم مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، اهو ڪو ڏينهن نه هوندو جنهن تي شهر جي ڪا گهٽي گندي پاڻي سان ڀريل نه هوندي، شهر جي اڪثر مسجدن، بازارن ۽ تعليمي ادارن جي اڳيان بيٺل پاڻي نه فقط نمازين، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي تڪليف جو ڪارڻ بڻجي ٿو پر ٻاهران آيل ماڻهو جيڪو هن شهر لاءِ انتهائي سٺو تصور ڪري هتي اچن ٿا ته هي شهر ماسٽر چندر، گوبند مالهي، قاضي غلام علي، غلام قادر سومرو، احمد خان هيسباڻي، ماسٽر الياس خانزاده، ماستر دولت خان ٻٻر، علي رضا قاضي ۽ عظيم روحاني پيشوا مرشد پاڪ قبلا اباجي عبدالجليل نقشبندي جو آهي، انهن کي هن شهر جي حالت تي افسوس ٿئي ٿو ته هڪ اهو به زمانو هو جڏهن پوري هندستان ۾ هي شهر پنهنجي صفائي جي حوالي سان مشهور هو هن کي روشنين جو شهر به چيو ويندو هو، هاڻي هن جي حالت ايڏي خراب ڇو ٿي وئي آهي.؟؟“
اهي ڳالهيون چوڻ کانپوءِ بابوُ صاحب شهر بابت ڪجهه ٻيو به ٻڌايو، جئين وارڊ نمبر هڪ جيڪو هريپور جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، شهر جي آبادي جو وڏو حصو اتي رهي ٿو، جڏهن ته حالت هيءَ آهي جو ڳتيل آبادي ۾ رستا ايترا ته سوڙها ٿي ويا آهن جو ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. مسجدن تائين پهچڻ به هنن لاءِ وڏي جفاڪشي آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. منهنجي دل اهڙي سماجي تباهي ڏسي رت جا ڳوڙها روئي ٿي.“
ٺاروشاه روشنين جو شهر، اهو چئي بابوُ صاحب ڪجهه وقت لاءِ چپ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هو ڳالهائي ٿو ته 2006ع ۾ هن سڄي شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽ جو مڪمل نظام آندو هو، جيڪو وقت گذرڻ کانپوءِ برباد ٿي ويو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ جي مالڪي ناهي تي سگهي. جنهن جو جيترو به افسوس ڪجي گهٽ آهي.
بابوُ صاحب، جي مطابق هن پنهنجي سڄي زندگي ٺاروشاه لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هو چئي ٿو ته هن جو مرڻ جيئڻ شهر لاءِ ئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن شهر جي ڪم سانگي هو ڪنهن گهٽي ۾ مري وڃي ته به هن لاءِ اهو اعزاز هوندو.


مظفر علي سهتو/ ٺاروشاه