تعارف:
قد ۾ پورو پنو، پنج فوٽ پنج انچ ڊگهو، نحيف جسم سياري توڻي اونهاري مٿي تي گلگتي يا چترالي ٽوپي، سنهڙو سيپڪڙو، ڪڏهن ڏاڙهي کي رنگ ڪري ته ڪڏهن سفيد سونهاري؛ اکيون ڪنهن معصوم ٻار جيان نه دوکو نه دولاب نه ٻيائي نه ٺڳي، صاف سڌو فارسي شاعر حافظ جي بقول ته “ديوَن جهڙا منهن ڏسي ٿڪجي پيو آهيان، انسان ڏسڻ چاهيان ٿو!” يا يوناني ڏاهي ڊيوجانس جيان جيڪو ڏينهن جو لالٽين کڻي گهمندو هو، ڪير پڇندو هئس: “اهو ڇو ڀلا؟” جواب ڏيندو هو: “ماڻهو پيو ڳوليان!” بس بابوُ صاحب به ڪجهه اهڙو ئي ماڻهو آهي، جنهن لاءِ ڪارل مارڪس چيو هو ته: “هن جهان کي نوَن ماڻهن جي ضرورت آهي.” منهنجو دوست شهزاد پهنور دليپوٽن وارو چوندو آهي ته: “اسان جي معاشري ۾ ماڻهو گهرن کي پاڪستان ۽ گهٽين کي هندستان سمجهندا آهن، گهر کي ته صاف رکڻو آهي پر گهٽيءَ تي يا ته قبضو ڪبو يا ان کي گندو ڪبو!” خير بابوُ صاحب ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ٺاروشاه ۾ رهي ٿو، هي هن سماج ۾ فِٽ ته ناهي، پر پوءِ به انساني خدمتن لاءِ جاکوڙي پيو.
ٺاروشاه جنهن کي مان پنهنجي ڪتاب ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’۾ ساهتيءَ جي دل به سڏيو هو، تنهن شهر ۾ هي همراه خانزاده محلا ۾ ڄائو، ان گهٽيءَ کي مندر اسٽريٽ به سڏيو وڃي ٿو، هن جي والد صاحب جو نالو دلمير خان خانزاده آهي.