شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو بابوُ اسلم فوجي

ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو بابوُ اسلم فوجي

ٺاروشاهه جي هن سنهڙي سيپڪڙي شخص بابوُ اسلم فوجي خانزاده کي مان شهر جي هر گهٽي، هر بازار هر چونڪ تي ماڻهن جي مسئلن کي وس آهر حل ڪندي ڏٺو آهي.
انهي لاءِ ٺاروشاهه بابت پنهنجي هن دستاويز ۾ سندس جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهيم. گهڻي غور ويچار ڪرڻ تي رنگ جي سانوري، جسماني طور ڪمزور هن شخص بابت ڇا لکجي؟؟
……………مونجهه جو شڪار رهيم اهڙا ڪي لفظ نه ملي رهيا هئا جو هن جي شخصيت کي “سمنڊ کي ڪوزي ۾بند ڪرڻ” جهڙو ڪارنامو سر انجام ڏئي سگهان!! آخرڪار مونکي ٿر جو مسڪين جهان خان کوسو ياد اچي ويو. منهنجي سامهون سندس کي ڏنل انهي لقب يا تشبيح جي انهي وقت تصديق به ٿي وئي جڏهن هڪ مختصر ڪچهري کان پوءِ دفترن جا ڍير کڻي اچي منهنجي اڳيان رکيائين….سچ پچ ته ڪمال هئا اهي ڪاغذ جنهن ۾ ٺاروشاهه جي هن ماڻهو پنهنجي ڀرپور ڪوششن سان شهر جي هر مسئلي ڏانهن وقت
جي سرڪار جو ڌيان ڇڪائيندي وس آهر حل ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.
سوئي گيس جي جهدوجهد هجي يا بجلي جي گرڊ جي تعمير. شهر جهي ڊرينج جو خوني معاملو هجي يا قبضه خور مافيا جي دادگيري، ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن بابوُ فوجي رستي ويندي ٻن رڪشا وارن کي وڙهندي ڏسي ته به انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ پنهنجي اول فرضن ۾ شمار ڪري ٿو.
هو غضب جو ماڻهو آهي. سادو اهڙو جنهن جي سادگي کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي ته شهر بابت هن جي جهدوجهد تي ٻڌل دستاويز شايد هن جا نه هجن. ٻئي پاسي هوشيار ايترو جو هن کي چئجي ته هن ڪم ۾ ٺاروشاهه جو ڀلو آهي “ڪانويلي جي آري هيٺيان آنا به چورائي اچ.” ته به دير نه ڪندو.
ڪيپسٽن سگريٽ جو براند ڇڪيندڙ 56 سالن جي جوان جذبن جو مالڪ بابوُ اسلم رڳو نالي جو فوجي نه آهي. پر پاڪ فوج ۾ 18 سال سپاهي جي حيثيت سان خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون اٿائين. سندس جي بقول ته هن جي پاڪستان ۾ جتي به پوسٽنگ ٿي ڪوشش اها هوندي هئس ته ريل گاڏي جي رستي ٺاروشاهه جي جنڪشن تي لهي گهر اچي. جنهن لاءِ سندس کي روحاني مسرت حاصل ٿيندي هئي. هاڻي جڏهن ريل بند ٿي وئي آهي ته هن کي پنهنجي ماضي جون اهي ڳالهيون جيءَ کي جهير ڏيندي محسوس ٿين ٿيون.
بابوُ آگسٽ سن 2000ع ڌاري فوج مان رٽائر ٿي ٺاروشاهه آيو. سندس جي انهي رٽائرمنٽ جي پويان جتي يقينن ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا پر هڪ سببب جيڪو مان سمجهيو آهي ته هي شخص ماسٽر چندر، گوبند مالهي ۽ قاضي غلام علي جي ٺاروشاهه جو عاشق آهي. هو انهي عشق جو اظهار به برملا ڪندو رهي ٿو. سياري جون سرد قاتل راتيون هجن يا اونهاري جون قهاري منجهندون بابوُ عرف ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو مسلسل پنڌ ۾ آهي. اهڙو پنڌ جيڪو خوشحالي يا ٻين لفظن ۾ ٺاروشاهه کي دنيا جي نقشي تي جنت بنائڻ جو آهي.
هن جا ڪيترئي سپنا آهن. جن مان هڪ هي به آهي ته ٺاروشاه واسي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي اچن. ڀلا رڳو ٺاروشاه جو فڪر ڇو؟؟ ٻي به دنيا پئي آهي!!!
مان هن جي انهي سوچ کي پيغمبرانه فڪر سان استعاري طور آڻيندس “پهرين گهر، پوءِ تڙ.” هونءَ ته بابوُ اسلم فوجي جي سڄي زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف آهي. پر ٺاروشاه واسين لاءِ رات جو سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو جو سهرو به هن شخص تي آهي. انهي معملي ۾ هن جو سڀاءُ بلڪل انهي فوجي جهڙو آهي جيڪو پاڻ ملڪي سرحدن تي چوڪي ڏئي عوام کي آرام جي ننڊ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
ٺاروشاه ۾ چوڪيداري نظام کي جهڙي طرح هن شخص منظم ڪيو آهي. اهو فقط هڪ فوجي جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. انهي جڳهه تي وري بابوُ جو ڪردار هڪ مسڪين جو نه پر جوان مرد سپاهي جو آهي جيڪو پنهنجي ديس واسين لاءِ راتين جون ننڊون ڦٽائي آرام مهيا ڪري ٿو. هڪ پاسي هو فوجي آهي ته ٻئي طرف بهترين ليکڪ پڻ. پر هڪ ڳالهه ته هن جون سڀ لکڻيون ٺاروشاهه جي پيرن ۾ دم پٽين ٿيون.
سن 2000ع کانپوءِ پاڪستان جي هر حڪمران سان هن جي لکپڙهه ٿيل آهي. هن جو پنهنجي ڪم سان سچو هجڻ جو اهو به دليل ته ڪيترائي سال گذرڻ باوجود هن جي هر لکڻي ڪنهن مقدس صحيفي وانگي محفوظ آهي. پاڪستان جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان موجوده حڪمران صدر زرداري، وزيراعظم گيلاني تائين هن ٺاروشاهه جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خط و ڪتابت ڪئي آهي. هن جي خطن ۾ مونکي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو اهو هن جو هر خط ۾ شاعري جو استمال هو. شاعري جيڪا بقول شيخ اياز “روح کي گرمائيندي آهي.”
بابوُ اسلم فوجي گذريل بلدياتي نظام ۾ شهر جو ڪائونسلر پڻ رهيو. انهي ڪائونسلري حاصل ڪرڻ ۾ بقول هن کي ڪنهن به سياسي پارٽي جي مدد حاصل نه هئي فقط ئي فقط ٺاروشاهه واسين جي محبت ۾ هن اها سيٽ حاصل ڪئي. اها محبت جنهن جو هو عملي مظاهرو ڪڏهن شهر جي اسٽريٽ لائٽ جي لڳرائڻ ۾ ڪندو آهي ته ڪڏهن اڌ رات جو اٿي پاڻ مرادو شهر جي چوڪي ڏيڻ ۾ ڪري ٿو.
ٺاروشاهه جي هن مسڪين جهان خان کوسي کي هن شهر سان انڌو عشق آهي. هو هر شهر واسي سان محبت ڪري ٿو، سندس کي ڪنهن سان به ڪابه شڪايت نه آهي پر جڏهن گهڻي اصرار کانپوءِ مون هن کان ڪجهه شڪايتون معلوم ڪرڻ جي ڪوششن ڪئي ته هن سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي سياستدانن جو نالو ورتو. هن پنهنجي دفتر مان ڪيترائي پنا ڪڍي مون ڏانهن وڌائي ڇڏيا. جنهن ۾ شهر جي اسٽريٽ لائيٽ لاءِ لکين روپين جي منظوري سان گڏ، هنري سکيا جي مرڪزن جو قيام نه ڄاڻ ڇا ڇا هو. …………
هو اداس اکين سان مون ڏانهن ڏسي چئي ٿو…
“قاضي صاحب! سرڪار طرفان هن شهر کي گهڻو ڪجهه مليل آهي پر سياست جي ور چڙهي ويو…” مان هن جي ڏک واري لهجي کي محسوس ڪندي، نيم آلين آکين ڏي ڏسندو رهان ٿو. جن ۾ هن سماج جي سياست لاءِ هزارين سوال ڪر کنيو بيٺا آهن.
چپ ڪنهن نانگ جيان اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڦڻ ڦهلايو بيٺي آهي. پنهنجي ملڪي سياست بابت سوچيندي منهنجو ڪنڌ جهڪيل آهي. مان پنهنجي سوچ کي هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ڪري بابوُ ڏانهن ڏسان ٿو. هوءُ جيڪو بخاري جي هنن سٽن جيان آهي
“ها! جڏهن ۽ جتي ديس جي دنگ تي،
جوٽڻي جوٽجي،
مونکي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو،
منهنجو نالو ، منهنجو نالو لکو.”
۽ پوءِ هن جو نالو لکندي منهنجي ذهن جي دريچن ۾ ٿر جو اهو شخص، مسڪين جهان خان کوسو جهاتيون پائڻ لڳي ٿو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ٿر جي مسڪين ماروئڙن لاءِ جهدوجهد ڪندي گذاري.
شال بابوُ اسلم فوجي وڏي ڄمار پائي سچ پچ ته اڄ جي دنيا کي اهڙي قسم جي ماڻهن جي سخت ضرورت آهي…آمين