ٺاروشاه ۾ مارشل لا
اهو سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ لاءِ انتهائي ڪڙي امتحان جو دور هو، ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌ جون سموريون محروميون ماڻهن جا سينا ڦاڙي ٻاهر نڪري اينديون. “پاڪستان جو مطلب ڇا؟ ڦاهيون ڦٽڪا مارشل لا.” جو نعرو هر سنڌ واسي جي زبان تي هو. هتان جي ئي ٻهڳڻي شاعر منظور سولنگي جو ڪلام
منهن، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون،
فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون.
پنهنجي سڀني تواناين سان عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو، انهي سڄي لقاءَ ۾ ساهتيءَ جو هي سهڻو شهر به لاتعلق نه هو، هتان جي سياسي ڪارڪنن کان وٺي عام ماڻهو تائين هر ماڻهو روڊن تي نڪتل هو.
هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ ۾ مارشلا جي خلاف هلچل ننڍي کنڊ ۾ گذريل صدي جي وڏي مان وڏي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري ورتو هو، جنهن جي پويان مکيه ڪارڻ سنڌي ماڻهن جي آزادي واري جبلت ۽ اهو احساس محرومي جو جذبو هو، جيڪو هنن جي محبوب اڳواڻ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي عدالتي قتل جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو.
سڄي سنڌ وانگي ٺاروشاه جي ماڻهن ۾ به ڪروڌ جي اهڙي ته خطرناڪ لهر پيدا ٿي وئي، جنهن کي ڏسي اهو آساني سان اندازو ڪري سگهجي پيو ته ٺاروشاه ڄڻ باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويو آهي.
ٺاروشاه ۾ هڪ پاسي ته عباس باغي جي شاعري ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪي رهي هئي ته ٻئي طرف شهيد ڀٽي جا هيرا ورڪر (شهيد ڀٽي پنهنجي پارٽي جي ڪجهه خاص ڪارڪنن کي هيرا جي نالي سان سڏيندو هو) پنهنجي ڀرپور عوامي طاقت سان گهٽين ۾ پکڙيل هئا، خانصاحب الهڏني موريي کان دليپوٽا جي ميان مولابخش پيرزادي تائين هر ڪارڪن بم ۽ گولو هو. هونءَ ته سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ 1983ع ۾ پنهنجا پر پکيڙيا پر ٺاروشاه ۾ هي هلچل 1979ع ۾ ئي شروع ٿي وئي، جڏهن شهيد راڻي ۽ تڏهن جي آنسه بينظير ڀٽو ٺاروشاه ۾ نور محل سئنيما ڀرسان هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهي هئي ته رسول آباد وٽ محترمه کي گرفتار ڪيو ويو، ان ڳالهه جي جڏهن ٺاروشاه واسين کي خبر پئي ته شهر جي هر گهٽي مزاحمت جو هڪ اهڙو استعارو ٿي وئي جنهن ۾ مرڻ ۽ مارڻ کانسواءِ ڪا به ڳالهه قبول ناهي هوندي، مطلب ته ٺاروشاه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر مان ايم آر ڊي جو سلو ڦٽي نڪتو، جيڪو بعد ۾ وڏو وڻ ٿيو پوءِ انهي وڻ جي پاڙ ڪنهن ڪٽي، ٽاريون ڪنهن ڇانگهيون، ٿڙ تي وار ڪنهن ڪيو؟ اهو فيصلو تاريخ ڪري ڇڏيو آهي.
ايم.آر.ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) حقيقت ۾ ماڻهن جي انهي فرسٽريشن جو نتيجو هئي، جيڪو هو سالن کان سيني ۾ سانڍي ويٺا هئا. ٺاروشاه ۾ اهو ڏينهن خالي نه هو جڏهن هتي روزانه جلوس نه نڪرن، هڪ پاسي عوام جي مزاحمت پنهنجي عروج تي هئي ته ٻئي پاسي رياست پنهنجي ڀرپور طاقت سان انهي کي بدمست هاٿي جيان پيرن ۾ لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
ظهور ٻٻر کي ڪوڙن جي سزا آئي، خانصاحب الهڏنو موريو، عباس باغي، قربان ڏهراج، عبدالقيوم ڏهراج، امجد پٺاڻ، رمضان مڪراني،عبدالله منگي، ارباب وڳڻ، ملوڪ جانوري، فيض محمد پهنور، الاهي بخش پيرزاده، علي گوهر پهنور، زنوار ولي محمد پهنور، نبن خان مستوئي، الهه بچايو مستوئي، محرم جانوري، محمد عمر چنا ۽ محمد خان مسرور پنائي سميت سون جي انگ ۾ گرفتاريون ٿيون؛ مطلب ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ٺاروشاه واسين جو ڪردار آزادي جي انهن سپاهين وانگي هيو، جيڪي جنگ جي پهرين محاذ تي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن.”
(مضمون پورو ٿيو)
بابوُ صاحب جي يادين ۾ عباس باغي هڪ آئيڊل انسان آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو زندگيءَ جا گهڻا رنگ ڍنگ سکي سگهي ٿو. عباس باغي سال 1996ع ۾ گذاري ويو، هي اهو زمانو هو جنهن ۾ بابوُ صاحب فوج ۾ هو.