منهنجو بابا
بابوُ صاحب پنهنجي والد صاحب بابت ٻڌائي ٿو ته: ”منهنجو بابا وڏي همٿ وارو انسان هو، جسم ۾ جانٺو قدآور ۽ ذهين، منهنجو پهريون هيرو مان هن کي هر وقت تڪيندو رهندو هئس ته ڇا ٿو ڪري پوءِ وري ان جو نقل ڪندو هئس، هو مونکي ڏسي خوش ٿيندو هو، سڀني کان ننڍي هجڻ جي ناتي مونسان گهڻو پيار ڪندو هو، پنهنجي ڪلهي تي چاڙهي شهر ۾ گهمائيندو هو. منهنجو بابا منهنجو گهوڙو هو ۽ مان هن جو سوار هئس! اهي ڏينهن ياد ڪري هاڻي به روئي ڏيندو آهيان، ڪاش مان ننڍڙو ٿي پوان ڪاش منهنجو بابا موٽي اچي! پنهنجي ننڍڙي پٽن کي ڏسي بابا گهڻو ياد ايندو آهي. انهن ۾ پنهنجي بابا جي تصوير ڳوليندو آهيان، هن مونکي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ماريو، بس هڪ ڀيرو چماٽ هنيائين شاهي بازار ۾ ڇڻڪو ديوان جي دوڪان جيڪو ڀڳڙن جي ڪري سڄي علائقي ۾ مشهور هو، جي سامهون زردار خانزاده جي هوٽل هئي، هو رات جي وقت نور محل ۾ سگريٽ وڪرو ڪندو هو، ٽو فلاور برانڊ جا سگريٽ گهڻا مشهور هئا، پاڪيٽ 75 پئسن ۾ ملندو هو، مان به اهي سگريٽ پيئڻ شروع ڪيا، جنهن جي بابا کي الائي ڪيئن خبر پئي، جنهن تي هن مونکي گهرائي ان ڳالهه تان هڪ چماٽ هنئي، جيڪا اڄ به ياد آهي. ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پئندي بابا جي چماٽ ياد ايندي آهي ته سڄو دکيل سگريٽ به اڇلائي ڇڏيندو آهيان! بس “اهي ڏينهن اهي شينهن!“
”اسان جو والد صاحب امن پسند انسان هو، هن کي گهوڙن جو گهڻو شوق هو، ڪٻڊي جو به ڀلوڙ رانديگر هو، هڪ گهوڙو ته اسان هتي ٺاروشاه ۾ به ڌاريو! ڪجهه مهينا اڳ سيٺ احمد جڏهن هندستان ويو ته اتان جي پنڊتن بابا جي پڇا ڪئي هئي، هڪ ڳالهه ٻڌائڻ وسري وئي ته بابا سائين هارمونيم به وڄائيندو هو، صبح جو هن جي راڳ تي اک کلندي هئي، اسان هن جو هي ڪلام اڪثر ٻڌندا هئاسين.
چاند ڪي سيج پر، تارون ڪا بنا ڪي سهرا
اهو ڪلام مان به جهونگاريندو آهيان، بابا پاڻ به ڪي ٽو سگريٽ جو موالي هو، سيٺ حبل وارن سان تمام گهڻي دوستي هوندي هئس.“
”منهنجو بابا شهر ۾ ناڪن جي ٺيڪيداري ڪندو هو، جنهن کي چنگيون به سڏيندا آهن. شهر ۾ چار ناڪا هئا، هڪ هري پور ۾ اسٽيشن ڀرسان، ٻيو الجليل اسڪول جي ويجهو، ٽيون ٿاڻي جي بلڪل ڀر ۾ ۽ چوٿون ڀورٽي ويندڙ رستي تي جن جي تڏهن روزانه آمدني سوين روپيا هئي. شاهي بازار ۾ جتي هاڻي راشد خانزاده جو دوڪان آهي، اتي اسان جو ڪريانه جو وڏو دوڪان هو، سامهون جنهن جاءِ تي حاجي برڪت سهتي جو دوڪان آهي، اتي بابا منهنجي وڏي ڀاءُ محمد اقبال کي ڪيبن کولي ڏني. اسان کي زمين به هئي جيڪا بابا ۽ ان جا ننڍا ڀائر عباس باغي ۽ الياس بزمي گڏ سنڀاليندا هئا.” منهنجو بابا 1974 ۾ گذاري ويو، تڏهن منهنجي عمر 19 سال هئي.“