نالي جي تڪرار واري ڪهاڻي
هن جي نالي پويان عجيب ڪهاڻي آهي، پر شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر ايندڙ شهر جا ٻار ٻچا، پوڙها پڪا ۽ زائفون مڙسالا هن کي بابوُ فوجي جي نالي سان سڃاڻن ٿا. بابوُ اسلم فوجيءَ کي پنهنجي اصلي نالي جي ته پاڻ کي به خبر نه هوندي، ڇو جو عوامي خدمت ۾ ايترو ته غرق آهي، جو مٿي کنهڻ جي واندڪائي ناهيس جو پنهنجو نالو ياد ڪري سگهي. پنهنجي نالي بابت هن وٽ هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي؛ هو ٻڌائي ٿو ته: “جڏهن پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيم ته منهنجي پيءُ مونکي ‘تسليم سروَر’ جي نالي سان داخل ڪرايو، ان کان اڳ تسليم نالي سان ڪجهه ڇوڪريون به اسڪول ۾ داخل هيون. هاڻي حاضريءَ تان تڪرار شروع ٿيو، استاد نالو منهنجو وٺندو هو ته ڪا نه ڪا ڇوڪري اٿي بيهندي هئي؛ ٺاروشاه جي پوسٽ ماسٽر واري ڌيءُ عائشه، جيڪا مونکي اڪثر ٽوڪيندي رهندي هئي.” ان مامري کي منهن ڏيڻ لاءِ بابوُ صاحب پنهنجي پيءُ جي صلاح سان پاڻ مٿان اسلم پرويز نالو رکيو، هاڻي هو پنهنجي نالي مان مطمئن هو. هڪ ڏينهن پنهنجي بابا سان گڏ، ٺاروشاه جي نور محل سئنيما تي پهريون ڀيرو فلم ڏسڻ ويو ته هن کي فلم ته پسند آئي، پر ان ۾ موجود هڪ ڪردار کان ڏاڍي بڇان لڳس. هِن همراه کي ان ڪردار سان، جيڪو فلم جو ولن هو، ڏاڍي نفرت ٿي وئي. فلم پوري ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري پنهنجي پيءُ کان پڇيائين ته: “بابا، ان خراب ماڻهوءَ جو نالو ڇا هو؟” پيءُ مسڪرائيندي جواب ڏنس: “تنهنجو نالي ڀائي آهي، اسلم پرويز!” نالو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويس اتي ئي فيصلو ڪيائين ته هاڻي اهو نالو به نه هلندو. هو هڪ ڀيرو وري پنهنجي پرائمري استاد وٽ ويو ۽ منٿ ڪيائينس ته: “سائين، هاڻي منهنجو نالو محمد اسلم داخل ڪريو.” استاد ٽيهر هن جو نالو محمد اسلم داخل ڪري ڇڏيو؛ پر هو ٺاروشاه وارن لاءِ بابوُ ئي رهيو.