شخصيتون ۽ خاڪا

ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
Title Cover of book ٺارو شاه جو بابوُ صاحب

ڇو رڪجون رفيقو!

ڇو رڪجون رفيقو!

سماجي اصول طور بابوُ محمد اسلم فوجي خانزاده تي ڪتاب نه لکڻ گهرجي، ڪتاب ته ڇا پر هن تي هڪ پنو به ضائع نه ڪجي، پنو ته پري هڪ سٽ هڪ جملو هڪ لفظ به نه لکجي! ڇو جو اسان جي سماج جا اهي اصول ۽ آدرش آهن ته هتي مسڪين صرف ٽشو پيپرن جيان استعمال ٿيندا رهن ٿا! ڀلي توهان سنڌ هند جي هڪ هزار سالن جي تاريخ اٿلائي ڏسو ته اتي رڳو جنگين ۽ بادشاهن جون ئي تاريخون ملنديون.
تاريخ ڄڻ امير گهراڻن جي لونڊيءَ جو ڪم ڪيو هجي! بلڪل عجب جهڙي ڳالهه ته ڪروڙين ماڻهن کي ڀت سان لڳائي فقط سون ماڻهن جي تاريخ رقم ٿيندي رهي آهي! نتيجي ۾ اسان وٽ ٻاراڻي ادب کان لوڪ داستانن ۾ به شهزادن، بادشاهن جا قصا زور ملندا، جيڪڏهن ڪنهن غريب جو ذڪر هوندو ته اهو به ان ڪوشش ۾ مصروف ته ڪهڙي ريت بادشاه ٿجي، پئسو حاصل ڪري ٺٺ ٺانگر ڪجي. مطلب ته جنهن شيءِ جو نالو انسان آهي، اهي فقط وڏا ماڻهو ئي آهن، غريبن جو هن دنيا جي تاريخ ۾ ڪوبه وجود ناهي.
منهنجي هن ڪتاب لکڻ تي گهڻن ماڻهن کي ڏندين آڱريون آيون هونديون، انهن عجب به کاڌو هوندو ته آخر مونکي ڪهڙي ضرورت پيش آئي جو ٺاروشاه جي هن مسڪين همراهه تي ڪتاب لکي ورتم!؟ ته ها منهنجي ضمير جي مٿان اهو وزن هو ته هن همراهه تي ڪجهه نه ڪجهه لکجي، مرڻ کانپوءِ ته هر ماڻهو کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀلو چئبو آهي، ڇونه ڪو اهڙو ڪم ڪجي جو هن شخص جنهن سان مان دوستي جي دعوا ڪريان ٿو، گهٽ ۾ ساهتي پرڳڻي جي هن شهر ٺاروشاه جي حوالي سان امر ٿي وڃي. اهو خيال دل ۾ سانڍي ڪجهه دوستن سان صلاح مشورا به ڪيا، جن همٿ ڏياري ۽ حوصلو ڏنو ته بابوُ صاحب تي لکڻ حق آهي.
اسلم فوجيءَ سان تعلق کي 6 سال ٿيڻ تي آهن، ياد اٿم ته هن تي پهريون مضمون ‘ٺاروشاه جو مسڪين جهان خان کوسو’ نالي سان لکيو هئم، جنهن کي عام ۾ پذيرائي ملي هئي. پنهنجي مضمون بابت پاڻ ڇا لکان پر اهو انگريزيءَ ۽ اردو ۾ ترجمو ٿي مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپيو، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو.
ها ته ڳالهه ڪريان پيو بابوُ صاحب جي ته هو مسڪين ۽ غريب طبيعت جو ماڻهو آهي، هن جي اکين ۾ هن جي معصوميت ڏسي سگهجي ٿي، ڪافي ڀيرا ته ائين ٿيو جو منهنجي سامهون ڪجهه ماڻهن پنهنجي پر ۾ هن جي تذليل ڪئي پر هو خاموش بيٺو رهيو، مان سمجهان ٿو ته اعلى انساني قدرن ۾ ان عمل جو مقام تمام ارفى آهي؛ ياد اٿم ته هڪ ڀيري بابوُ صاحب جي اليڪشن ۾ هارائڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن ڪنهن ڪم سانگي بازار ڏانهن ويس ته حسبِ معمول بابوُ صاحب هڪ گهٽي کي صاف ڪندي مليو حيران ٿي ويس اڙي هي ڇا!؟ همراهه ته چونڊن ۾ به هارائي ويو، اسان جهڙو ڪو هجي ها ته ٽي ڏينهن سَوڙِ مان نه نڪري هان پر هن ته پنهنجي زندگي جي معمول کي هڪ منٽ لاءِ به نه ڇڏيو، بي اختيار ‘وا واه’ لبن تي اچي وئي ۽ موٽي اچي هن جي نالي سان فيس بوڪ تي هڪ پوسٽ رکيم ‘وارڊ نمبر 4 جو هيرو’ سوشل ميڊيا تي ان پوسٽ کي گهڻو پسند ڪيو، هڪ همراهه کي گهڻي تڪليف ٿي سو ايتري جرئت ته هئس ڪونه جو پنهنجي اصل نالي سان ڪو تبصرو ڪري هان هڪ ڪوڙي آءِ ڊي سان لکيائين ته “قاضي صاحب، بابوُءَ توهان کي گهڻا پئسا ڏنا آهن؟” هاڻي ڏيو منهن بابوُ صاحب ڀلا مونکي ڪيترا پئسا ڏئي سگهي ٿو، سو هيءَ ڳالهه لکڻ جو مقصد ته دنيا اهڙن ذهني رهزنن سان ڀري پئي آهي، جن کي ٻين جون خوشيون نه وڻنديون آهن، هو هر ان مثبت رخ جي مخالفت ڪندا جنهن سان سماج ۾ بهتري اچي. پر پاڻ نه هٽڻ وارا نه مڙڻ وارا، جنهن ڳالهه سان پنهنجو ضمير ۽ خمير مطمئن هوندو اهو لکي ڇڏينداسين، ڪنهن کي تڪليف پهچي ٿي ته ڀلي پهچي.
ڪتاب ‘ٺاروشاه جو بابوُ صاحب’ کان اڳ هن ئي شهر تي ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ 46 هزار لفظ شامل هئا، ڄڻ ايم.فل جي ٿيسسز هجي، هڪ اهڙو ڪم هو جنهن جي اهميت جو اندازو اڄ کان 50 سال پوءِ ٿيندو، جڏهن ماڻهو هن شهر ۽ علائقي جي تاريخ معلوم ڪرڻ چاهيندا ته يقين سان منهنجو هي ڪتاب انهن لاءِ وڏو ماخذ ثابت ٿيندو پر افسوس مان نه هوندس، بس منهنجي روح کي هڪ خوشي ضرور ته هڪ اهڙو ڪم پنهنجي پويان ڇڏي ويس جنهن سان منهنجي شهر واسين کي فائدو پهچي رهيو آهي. خير منهنجي اها محنت گهڻن ماڻهن کي پسند آئي، مونکي خبر ناهي پر ڪجهه شخص اهڙا مليا جن جي روين تي افسوس رهندو، مولا علي عليه السلام جي قول مطابق “عيب ڪڍڻ واري جو مثال ان مک جيان آهن، جيڪي جاچي گند جي ڍير تي ويهندي آهي.”
انهن پهرين ملاقات ۾ ئي چيو ته: “سائين، ڪتاب ڏاڍو ڀلو پر………!” ان پر ۾ گهڻو ڪري اها شڪايت هوندي هئي ته منهنجي دوڪان جو ذڪر نه ٿيو، منهنجي ڦلاڻي وڏي جي ڳالهه نه هئي، اسان جي پير جي پويان رحمت الله عليه لکيل نه هو………يار حد ٿي وئي.
ڄاڻان ٿو، هن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ به اهي مکيون ‘ڀون ڀون’ ڪري اٿي پونديون، ڀلي اٿن مک جو باقي ڪم ڪهڙو! اسان کي به ته پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي، سو ڪندا رهنداسين، بخاريءَ جي سٽ سان مهاڳ کي پورو ڪجي ٿو.
ڇو رڪجون رفيقو، جڏهن ارتقا رڪجي نه ٿي.

علي رضا قاضي
ليڪچرار سنڌي ادب ۽ ٻولي
غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
ڪنڊيارو، نوشهروفيروز