مهاڳ
”اک کُلندي ئي بستري تان اُٿي ايئن نه ڀڄو، ڄڻ ڪنهن زهريلي شيءِ ڏنگ هنيو هُجي، پر سڀ کان پهرين اُن خواب ۾ جي باري ۾ سوچيو، جيڪو اوهان جي اکين ڏٺو آهي.“
هن روسي شاعر جي انهي ڳالهه سان متفق ٿيندي آءٌ پڻ ان راءِ جو آهيان ته، اسان جو ماڻهو انهي خواب طرف ڌيان بلڪل ناهي ڏيندو، جيڪو خواب هُن جي اکڙين ۾ پلجي رهيو هوندو آهي، جيڪو خواب سُنهرو به بڻجي سگهي ٿو، جي اُن متعلق اسان سوچڻ شروع ڪريون، ڇاڪاڻ جو اسان جي صوفي شاعرن اسان کي اهو ئي پيغام ڏنو آهي ته جاڳندا رهو ۽ هميشه عمل جي ميدان ۾ رهو. هن وقت جڏهن منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي سُچيت ۽ کاهوڙي انسان مٺل حيدريءَ جو هيءُ مجموعو
”شاهه ۽ سچل جا سنيها“ موجود آهي ته آءٌ اهو سوچي رهيو آهيان ته، لطيف جي سنڌيءَ ۾ شاعري نه ڪري ها ته سنڌي ٻولي اڄ عالمي ٻولين ۾ شمار ٿي سگهي ها! اهو ئي بنيادي سوال آهي، جنهن تي سنڌي قوم کي سوچڻو آهي ۽ اُنهي تي عمل ڪرڻو آهي. شاهه لطيف ۽ سچل سنڌي شاعريءَ جا سج آهن ۽ اُنهن جي شاعراڻي نگاه ۾ جيڪا سنڌ جي تصوير چِٽيل آهي، سا ڌُنڌلي بلڪل به ڪانهي، اُها چِٽي، صاف ۽ روشن آهي. هنن ٻنهي شاعرن نه فقط سنڌي ٻوليءَ کي اَوج تي رسايو، پر هي ٻئي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي سونهن جا به محافظ آهن، جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي هر شيءِ کي ڳايو ۽ اُن کي امر ڪيو هي. سائين مٺل حيدري پنهنجي هن تحقيقي ۽ تخليقي مجموعي ۾ اُنهن سڀني ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حُسناڪيءَ جي باري ۾ آهن، پوءِ اُهو حسن سنڌ جي موسمن جو هُجي يا نينهن نظارن جو، وڻن جي سرسراهٽ جو هُجي يا پکين جي مٺڙن ٻولن جو، ٻُوٽن جي ڊگهين ۽ نه کُٽندڙ قطارن جو هُجي يا سنڌ جي مارو ماڻهن جي مُرڪن، ٽهڪن، پٽڪي جي وَر، کٿي جي کستوري ۽ چاپئين ڏاڙهيءَ جو هُجي، اُنهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکي مٺل هي تخليق اسان جي سامهون آندي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين ۽ سچل جي پيغام وسيلي هُن آزاد سنڌ جي خوبصورت تصوير چِٽي آهي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي خوب ننديو آهي. مٺل بنيادي طور قومي ڪارڪن آهي، جنهن ڪري هن شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ مان اُهي نُڪتا چونڊيا آهن، جيڪي آزاديءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿا، جن ۾ ملير ۽ مارُن جون ڳالهيون آهن، جن ۾ هر ۽ پاڃاري، ڪوڏر ۽ ڪُهاڙيءَ جا قصا آهن، جن ۾ وطن ۽ ويڙهيچن جو واسُ آهي، جن ۾ سنڌ ۽ محبت جو ميلاپ آهي، جن ۾ شعور ۽ ساڃاهه جو سنيهو آهي، جن ۾ ڪنڌ ڪپائڻ ۽ ڪپڻ جا هوڪا آهن، جن ۾ سُورمن ۽ سُورمين جي بهادري، عظمت ۽ وڏائيءَ جا گُڻ ڳايل آهن. ان حوالي سان مٺل لکيو آهي ته شاهه سائين سنڌ جو علمبردار شاعر هو، ۽ هر مذهبي ڪٽرپڻي کان ڪوهين ڏُور هو ۽ اهو ئي پيغام هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان کي ڏنو آهي:
”هُو عظيم محبِ وطن، عظيم سياح، عظيم شاعر، عظيم مفڪر، عظيم فيلسوف، عظيم صوفي ۽ عظيم محبتي هو، سندس اُهي خاصيتون چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيون ڪن، انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي ثقافت صاف سُٿري ۽ روشن آهي. ڀٽائي گهوٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي قوم کي، سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ، پروڙڻ، اُن کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ دنيا اڳيان نِروار ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي، انهيءَ تاريخ کي مذهبي ڪٽر پڻي کان پاڪ صاف ٿي ڏسبو ته اُن تاريخ ۾ موهن جو دڙو به آهي، موهن جي دڙي جون ناچڻيون به آهن، موهن جي دڙي جا بُت به آهن، راءِ سھيرس ۽ مها راجا ڏاهر کان وٺي، دودي سومري، ڄام نظام الدين کان وٺي، دُولهه درياهه خان، صوفي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول تائين، سڀ جا سڀ هڪ ئي مقصد لاءِ هڪ ئي صف ۾ نظر ايندا ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ مسجد ۽ مندر ٻئي گڏ نظر ايندا.“
آءٌ، مٺل جي مٿين ڳالهه سان سهمت ٿيندي اهو چوندس ته شاهه لطيف، سچل توڙي سنڌ جي ٻين آفاقي شاعرن جو پيغام عالمِ انسانيت جو پيغام آهي، جنهن ۾ محبت جون نهرون وَهندي نظر اچن ٿيون، جنهن ۾ سنڌوءَ ماتا جي پويترتا پلٽا کائيندي نظر اچي ٿي ۽ سنڌ جون تهذيبي روايتون ان محبت جو بنيادي مرڪز آهن. اها سنڌ جي روايت آهي، جو مسجد ۽ مندر ٻئي گڏ گڏ نظر اچن ٿا، اها سنڌ جي محبت آهي جو لطيف جو جوڳين، سامين سان سنگ عالمي شهرت رکي ٿو، اهو سنڌ جو ڪلچر آهي، جو هندو- مسلم ۾ ڪو ويڇو نه آهي. آءٌ اها ڳالهه دعويٰ سان چوان ٿو ته اهڙو سنٻنڌ ٻي ڪنهن به ڌرتي، ٻي ڪنهن به قوم وٽ وِرلي مِلندو، تنهن ڪري اسان کي انهن صوفي شاعرن جي ڏنل پيغام تي هلڻو پوندو، ان مان ئي جدوجهد جا نوان گس سِکڻا پوندا، ان سلسلي ۾ سچل بابت لکيل مٺل جو هيءُ خيال ڪيڏو نه فڪري پسمنظر رکي ٿو:
”عام طور سمجهيو ويندو آهي ته تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. صوفي کي غطل فهميءَ وچان اهڙو شخص سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دنيا کي ترڪ ڪري، لوڪان لِڪي، ڪنهن ڪُنڊ ۾ جُهنڊ هڻي، ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي وِساري ويهي رهي، رلي ڳچيءَ ۾ ست رنگي ٽوپي پائي، ڏنڊو هٿ ۾ يا ڪندري ڪلهي تي رکي، نشي ۾ غافل بنجي، ٻار ٻچا وِساري رُلندو پِنندو، در در جا ڌِڪا کائيندو وَتي. سچل سائينءَ جي نظر ۾ صوفي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي اصلاحي شعور جي لحاظ کان صحيح سماجي نظام کي قائم ڪرڻ لاءِ سُونهين جي حيثيت رکي، صوفي هڪ اهڙو صاحب نظر آهي، جيڪو نه رُڳو سچائيءَ جي ڄاڻ رکي، پر پنهنجي ڄاڻ جي لافاني لاٽ سان اجتماعي زندگيءَ کي جرڪائي، سُڌاري وغيره.“
واقعي تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو نالو ناهي، پوري دنيا جي صوفي ازم ۾ هڪ به اهڙو صوفي نه ملندو، جيڪو پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن کان ڪوهين ڏُور رهيو هُجي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏُکن، سُورن ۽ اُن جي سُونهن کان غافل رهيو هُجي، ڇاڪاڻ جو صوفي ڪنهن به قوم جو سُونهون هوندو آهي، قوم کي ڏس ۽ گس ٻُڌائيندو آهي. اسان جي سنڌ جي صوفي شاعرن اسان کي سنڌ جي سونهن ڏيکاري آهي، اُن جا جلوا پسايا آهن، حقيقي حُسناڪيءَ کان آشنا ڪيو آهي. سنڌ جي سونهن کي اُجاڙيندڙن کان خبردار ڪيو آهي، حق جو هوڪو ڏيندي اُنهن جي رستا روڪ ڪئي آهي. مٺل واري ڳالهه جي تائيد ڪندي تاج جويو سچل متعلق لکي ٿو ته:
”جيڪي عالم سچل جي درويشانه زندگي، فقيري ۽ بزرگيءَ واري حيثيت کي ئي اهميت ڏئي، سندس دنياوي لاڳاپن کان لاتعلقي جو اظهار ڪن ٿا، اُهي سچل جي اصل عظمت کي گهٽائن ٿا ۽ هن جو واسطو انساني سماج کان ڪٽي کيس صرف بزرگ ۽ درويش ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر سچل جو نه رُڳو پنهنجي سماج سان واسطو هو، پر هُو پنهنجي دَور جي انسانن کي جاگيرداري رسمن، رواجن جي ٻنڌڻن کان بغاوت ڪري آزاد ۽ خوددار انسان بنجڻ جو سڏ ڏئي ٿو. منجهن خوداعتمادي ۽ خودداري پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.“
استاد حيدري جي ڪيترن ئي مضمونن ۾ اهڙين ڳالهين جو تذڪرو ملندو، ۽ خاص ڪري شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جو قومي پسمنظر ۾ اڀياس ڪيو اٿائين ته جيئن سنڌي قوم پنهنجي قومي فرضن ۾ ڪا گوٿناٿي نه ڪري، ڪا گوهي نه کائي. شاهه سائينءَ تي جيتوڻيڪ ڪيترن ئي عالمن لکيو آهي، ۽ اُن جي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي آهي، ڪيترن شاهه کي مذهبي شاعر قرار ڏنو آهي، ڪيترن شاهه کي عشقيه شاعر قرار ڏنو آهي، پر سنڌ جي قومي ڏاهي ۽ دانشور عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب ’وريا واهرو‘ ۾ شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي:
”منهنجي خيال ۾ لطيف جي شاعريءَ کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: هن جي شاعريءَ جي هڪ حصي جو تعلق ذاتي واردات، شخصي پيڙائن ۽ ذاتي ذوق سان آهي. جنهن ۾ صوفيانه اصطلاح، جمالياتي رجحان، شخصي پرينءَ پسڻ جي تن اندر تئونس ۽ محبوب سان وصال جون ڪي انوکيون، دلڪش ۽ روح ريجهائيندڙ خواهشون ۽ جانب جي جمال جي جلون جي رنگ برنگي تصوير آهي. سندس شاعريءَ جو اُهو حصو سندس زندگيءَ جي ابتدائي دور سان واسطو رکي ٿو. هن جي شاعريءَ جي ٻئي حصي يا ٻئي دَور جو سنئون سڌو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو سنڌي قوم ۽ سنڌي عوام سان آهي. انهيءَ دور جي شاعريءَ کي اسان دعوتي، تبليغي ۽ ترغيبي شاعري سڏي سگهون ٿا. اُن ۾ حُب الوطني آهي، ساڻيهه جي سِڪ ۽ سُڪار جون ڳالهيون آهن؛ جدوجهد ۽ قربانيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ للڪارون آهن، ڪوٽ ڪيرائڻ، ڪڙن ڀڃڻ ۽ زنجير ڇِنڻ جون ترغيبون آهن، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثن کي سانڍڻ لاءِ هدايتون آهن، آزادي ماڻڻ ۽ ضميرن کي زنگ کان بچائڻ جون تدبيرون آهن، سنڌ جي ثقافتي تاريخي ۽ معاشي خوشحالي ۽ جاگرافيائي وسعت جون روايتون آهن، ظلم ۽ جبر کي نهوڙڻ لاءِ گڏيل عوامي طاقت پيدا ڪرڻ جون پُڪارون آهن.“
استاد مٺل حيدري نهايت باريڪ بينيءَ سان شاهه ۽ سچل جو فڪري اڀياس ڪيو آهي، ۽ موضوعن جي چونڊ به سُٺي ڪئي اٿس، جن جي پنهنجي جداگانه اهميت آهي، اُنهن ۾ خاص ڪري ’شاهه جي
حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام‘، ’شاهه جون سُورميون‘، ’شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد‘، ’شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پچار‘، ’سچل سرمست جو پيغام سچ جو سنيهو‘، ’سچل سائين جو مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جهاد‘ اهم آهن. ۽ هن اُنهن پاسن کي اُکوليو آهي، جن تي لکڻ کان اسان جي محقق هميشه ڪن لاٽار ڪئي آهي. منهنجي نگاهه ۾ هيءُ ڪتاب شاهه ۽ سچل جي قومي پرچار واري نُڪتي کي پڌرو ڪري ٿو، جيڪو سنڌ جي اُسرندڙ ٽهيءَ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
تاريخ
2016-11-08
علي نواز آريسر
حيدرآباد