تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

ڪي ويجھائي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين! (حصو پهريون)

مُنهنجي جسماني ماءُ هِڪڙي آهي ۽ رُوحاني ماءُ ٻي آهي، جنهن کي سنڌ يا سنڌوءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي عُمر جو ڪاٿو ڪرڻ مُنهنجي وَس کان ٻاهر آهي، البت موهن جي دڙي جي ڏنل گواهي موجب هزارين سال اڳ، جڏهن دُنيا جا اهي سمورا ملڪ، جيڪي اڄ ترقي يافته مُلڪ ٿا سڏجن، اُتان جا ماڻهو انگ اُگهاڙا چَرن ۽ غَارن ۾ وَلرن جي صُورت ۾ رَهندا هُئا، يعني انساني شعور ۽ ساڃاهه ٻاررن وانگر هٿوراڙيون پئي ڏنيون، تڏهن منهنجي رُوحاني ماءُ پنهنجي سنڌي ٻچن کي سُٺن گهرن ۾ سُٺا لباس پهرائي سُٺا کاڌا کارائي سُٺو صاف پاڻي پياري تاتي نِپائي رهي هُئي، اِها آهي تاريخي حقيقت واري ڳالهه، پر صحيح عُمر پنهنجي رُوحاني امڙ سنڌوءَ جو اندازو لڳائڻ مُنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي، جو چوان ته اُن جي عمر هيتري يا هوتري آهي، بس اِئين کڻي چوان ته، مُنهنجي وَهم ۽ گُمان، سوچ ۽ ويچار کان مٿانهين عُمر واري مُنهنجي جيجل سنڌ! دنيا جي سڀني اکرن ۾ ماکيان مِٺو اکر ماتا امڙ ۽ ماءُ آهي، ته پوءِ اُن سان پيار ڪرڻ منهنجو فطري حق آهي، انهيءَ منهنجي ماءُ ڪيترائي ٻار ڄڻي ڪيچ ڪيائين، جيڪي وڌي ڪِروڙن ۾ ٿيا آهن، آءٌ اُنهن کي سنڌي ڀاءُ جي نالي سان سڏيندو آهيان، اُهي منهنجا ڀائر ڀلي ڪهڙي مُلڪ جي خطي ۾ به رهندا هجن، پر آءٌ کين پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب، تمدن جي ڪَسوٽيءَ تي پرکي سُڃاڻي وٺندو آهيان، پوءِ ڀلي هُو ڌنڌي داڙي، واپار، نوڪري وغيره يا سياسي اُٿل پُٿل جي لحاظ کان ڪٿي به رهن ٿا، پر آهن ته منهنجا ڀائر، مون کان مورسي ڪاوڙجي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه هليا ويا هُجن، پر پوءِ به منهنجا ڀائر ئي آهن، اسان جي روحاني امڙ سنڌ آهي ۽ جُڙيل جنهن سان جند آهي، انهن کي آءٌ شاهه سائينءَ جي بيت جي هن سِٽ وانگر سمجهندو آهيان ته:
ڪي ويجَهائِي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين!
يعني ڪي ويجهي هُئڻ جي باوجود به ڏُور آهن، ته ڪي ڏُور هُئڻ جي باوجود به بلڪل ويجها، اصل اکين جي آڏو آهن، اِئين کڻي چوان ته، هُو منهنجي سيني ۾ سمايل آهن، اُنهن سڄڻن کي وِسارڻ منهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي! ويجها هُجن يا پري هُجن، پر پوءِ به مُنهنجا ڀائر ئي آهن، اسان جي رُوحاني امڙ سنڌ سيڪيولر ذهن جي رَهي آهي، اُن جا صوفي بزرگ شاهه، سچل، سامي، بيدل ۽ شاهه عنايت سڀ سيڪيولر ذهن رکندڙ هُئا، اسان جي ذهنن تي امڙ جو اثر رهندو پيو اچي، اسان تي مُلائيت واري تشريح ڪيل مذهب جو اثر گهٽ رهيو آهي ۽ صوفين واري فڪر جو اثر زياده رهيو آهي، اُنهيءَ ڪري مذهبي جهيڙن جهڳڙن کي غلط سمجهندا آهيون، سڀئي سنڌ ڄاوا هڪ ٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي گڏجي هلون، انهيءَ ۾ ئي اسان سڀني جي ڀلائي آهي. سنڌ ۾ هي چوڻي آهي ته، لٺين هڻڻ سان پاڻي جُدا ناهي ٿيندو! ٻي چوڻي آهي ’ٻه ته ٻارهن!‘ اُنهن ننڍڙن پهاڪن ۾ ٻَڌي ڪري رهڻ ۽ طاقت جو ڏس ٿو ملي، آءٌ پاڻ کي ۽ سڀني سنڌ ڄاون کي ڏاڍو خوش نصيب ٿو سمجهان، ج اسان سڀني کي اهڙي ماءُ مِلي آهي، جيڪا محبت، غيرت، شرافت، عزت، رواداري، اتحاد، امن، ڀائيچاري، انسانيت لاءِ نفعيمند ۽ زندگيءَ جي رقص جو پيغام ڏيندي رهي آهي، علم، ادب، تهذيب، تمدن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهي آهي، جنهن جي لاءِ سيد ڪائنات محسن انسانيت حُضور پُر نُور جي گواهي آهي ته، مون کي سنڌ ملڪ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير ٿي لڳي، (يا) حضرت علي عليه السلام جي گواهي آهي ته، سنڌ مان علم جو سج اُڀريو آهي! جنهن جا ڪِرڻا مديني ۾ ٿا پون! سنڌ امڙ جي عظمت لاءِ نبي پاڪ ۽ حق جي امام حضرت علي عليه السلام جي گواهي کان پوءِ، ٻئي ڪنهن نمڪ حرام تيري ميري ڪرڻ وارن جي گواهي جي ڪا ضرورت ڪانهي! منهنجي امڙ سنڌ کي سُکيو ستابو ڏسي، ڪيترن ئي ملڪن جي بُکين وحشين دين ڌرم جي نالي ۾ حملا ڪري کيس لُٽيو ڦُريو ۽ سندس معصوم ٻچن جي نڙگهٽن کي ٽوڙي مروڙي رت ۽ ست کي چُوسي ورتو ۽ سچ جي نڙيءَ ۾ سَنکيو وِجهي، پنهنجي ڪُوڙي انسانيت جي تسڪين لاءِ زندگي کي خوب موت جو ناچ نچايو! انساني ڳوڙهن، چيخن، پُڪارن، روڄ راڙي، آهه وَ زاري ظلم زيادتي، بيحيائي، بيهودگي، بيشرمائي، قتل، غارت ۽ تباهي، بربادي تي پنهنجي اقتدار جي مَسند تي ويهي موجون ماڻيندا رهيا، اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌ امڙ ڪيترائي سُور سَٺا ۽ ڏُک ڏٺا آهن ۽ پاڻ ڦُرايو آهي، پنهنجا معصوم ٻچا مارايا، ڪُونڌر ڪُهايا آهن ۽ اڃا تائين ڪُهائيندي پئي اچي! سنڌ جي تاريخ جو وڏو خون چڪان داستان آهي، جنهن جي پڙهڻ سان سُجاڳ انسانيت جي اکين مان هميشه رَت جا ڳوڙها ڳڙندا رهيا آهن، امڙ سنڌ جي هن ڦرلٽ خلاف سنڌ جي ڪيترن وِير سُورمن جنگ جوٽي ۽ وڙهندي شهادت ماڻيائون، جن ۾ راجا ڏاهر، دودو سومرو، دُولهه دريا خان، مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، هوش محمد شيدي، پير صبغت الله شاهه راشدي، هيمون ڪالاڻي، رُوپلو ڪولهي ۽ ٻيا ڪيترائي سارا قابلِ ذڪر آهن، جيڪي ننگن ۽ دنگن تي سِر ڏيئي سَرها ٿيا، اُهي هُئا سنڌ جا سچا ٻچا، جِن کي سنڌ جا سُورهيه به چيو ويندو آهي، باقي ذاتي لالچ ۾ اچي، جن سنڌ جو سودو ڪيو، سي ڪوڙا ۽ غدار چئبا! اُنهن ڪُوڙن غدارن جي لسٽ ايتري ته ڊگهي آهي، جو هن پني جو ميدان پورو ئي ڪونه پوندو. مون کي مضمون لکندي مرشد لطيف جو هڪ بيت دل تي تري آيو آهي، جيڪو سنڌ جي هر ڪُوڙي غدار لاءِ هڪ پيغام آهي ته:
هِي مُنهن ڏئي ٻن، تُون وِهه کائِي نَه مَرين،
تَان جي ملير ڄَائِيُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
پوءِ تُون ڪِيئن مَنجَهان تن، پَاڻ ڪوٺائين مَارئي.
شاهه سائينءَ جو مٿيون بيت سنڌ جي هر سوداگر ۽ دلال لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي، شال! اُنهن کي مرشد لطيف جو هي پيغام سمجهه ۾ اچي ۽ توبهه ڪري سنڌ امڙ جا وفادار بڻجي وجن، اُنهيءَ ۾ ئي سندن فائدي جو راز سمايل آهي. ڪنهن مفڪر جو قول آهي ته: ڪنهن قوم جي فطرت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اُن قوم جي لوڪ ادب جي وِرثي جو اڀياس ڪري، سندن راڳ ويراڳ کي غور فڪر سان ٻُڌجي ۽ پروڙجي، مفاد پرست ۽ غدار سياستدانن ڏي نه نِهارجي، نه وري ڪَن ڌرجي. جيڪي ذاتي مفادن لاءِ نئين سِج نئون راڳ آلاپي قوم کي تباهه پيا ڪن، اڄ هينئن ٿي ويو! اڄ هُونئن ٿي ويو! نئين سج منافڪي جو نئون ڪوڙڪو هڻي شڪار پيا ڪن. سنڌ سيڪيولر خيالن جي پئي رهي آهي، سندس صوفي بزرگ به سيڪيولر خيالن جا ٿي گذريا آهن، جنهن مان مرشد لطيف به هڪ آهي، جنهن 1689ع ۾ جنم ورتو، اهو دور سياسي لحاظ کان سنڌين جو غلامي وارو دور هو، سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏن ڀرو ۽ سندن جِي حُضوري ڪرڻ وارا هُئا، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جنهن کي اُن وقت جي ظاهر پرست ۽ ويڪائو مُلن مولوين سندس نالي تي عربي زبان ۾ ’فتويٰ عالمگيري‘ هڪ ڪتاب لکي، کيس محي الدين جو لقب ڏنو هو، يعني دين جو محافظ! اُنهيءَ دين جي محافظ جي حالت وري اِها هُئي، جو هُن پنهنجي پيءُ شاهجهان کي هٿڪڙيون هڻائي قيد ڪري جيل موڪلي، حڪومت تي قبضو ڪيو هو، داراشڪوه، جيڪو سندس وڏو ڀاءُ هو، ۽ هڪ تمام سٺو انسان هو، جنهن سان پنهنجي پيءُ جي ڏاڍي دل هُئي، اُن کي قتل ڪرائي، سندس سِر ڌڙ کان ڌار ڪرائي دستر خوان ۾ ڍڪرائي عيد جي موقعي تي تحفي طور جيل ۾ پيءُ ڏي موڪليائين، پڻس هن خوش فهمي ۾ رهيو ته، پُٽ عيد جي ماني موڪلي آهي ۽ هن ڪپڙو هٽايو ته اُن ۾ پنهنجي لاڏلي پُٽ جي مُنڍي ڏٺائين ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾ رڙيون ڪري جيل جي ديوارين سان مٿو ٽڪرائي تڙپندو رهيو، جنهن کي ڏسي شايد شيطان به شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هوندو، پر هن کي ڪو پڇتاءَ ڪونه ٿيو ۽ اڳي کان اڳرو رهيو، جو اُن کان پوءِ پنهنجن ننڍن معصوم ڀائرن، مراد، ڪامران ۽ شجاع، جيڪو کير پياڪ هو، جنهن کي پنهنجن پليت هٿن سان پينگهي ۾ سُتل کي سگهٽي ماريائين ۽ صوفي بزرگ حضرت سرمد خلاف مُلن مولوين کان ڪُفر جون فتوائون وٺي بي سبب کيس قتل ڪرايائين، مطلب ته سندس ڏاڙهي بيگناهه مظلوم ماڻهن جي رَت سان رَنڱيل هُئي ۽ اُن مان ٽمندڙ خون شاهه سائين پنهنجي تيز فهم ۽ ذڪي نگاهه سان ڏسي رهيو هو. اورنگزيب عالمگير، جڏهن مُئو هو، تڏهن مرشد لطيف جي عمر 16 سالن جي لڳ ڀڳ هُئي ۽ جڏهن حضرت صوفي شاهه عنايت کي جاگيردارن ڀوتارن، رئيس، وڏيرن ۽ ميرن پيرن سنڌ جي گورنر اعظم خان پٺاڻ سان ملي مُلن مولوين کي خريد ڪري ،سندس خلاف ڪُفر جي فتويٰ وٺي مريد فقيرن سميت کيس قتل ڪرايو هو ته اُن وقت شاهه سائينءَ جي عمر 28 سالن کي پهتل هُئي، صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو مٿس وڏو اثر ٿيو ۽ ڏُکارو ٿي چيائين ته:
سَاٿي نَه پَسان سي، جي هُئم هِينئڙي ٿُوڻِيُون،
هَاڻي ڪِنين جي، اَڱڻ وَڃي اَوريان.
يا
ڇَرتي ڇَڏئي ڀيرڙا، ڪَري هَنج اُڏار،
سَڄڻ تُنهنجي سَار، صَديون رَهندي سَاهه ۾!
يا
مَران مَٿو پِٽيان، نِھاريان نيڻان،
سخن جي سَنديان، آءٌ ته جِيئندي اُن ري!
مطلب ته مرشد لطيف کي حضرت صوفي شاهه عنايت جي وڇوڙي جهوري وِڌو هو. سچو صوفي ’ابن الوقت‘ نه پر ’ابو الوقت‘ ٿيندو آهي. شاهه سائين، صوفي شاهه عنايت جو صدمو سهي، پنهنجا پير پُختا ڪري پاڻ سنڀالي، اصل پھاڙ بنجي بيٺو، جڏهن نادر شاهه دُراني سنڌ تي حملو ڪري جيڪا تباهي ڪئي ه:ُئي، اُنهيءَ سڄي سياسي سماجي اُٿل پُٿل ۽ ردو بدل واري حالت کي مرشد لطيف حيرت وارين اکين سان چڱي ريت ڏٺو مشاهدو ڪيو ته ڪيئن ڌاريا ڌاڙيل ديسي ماڻهن سان ظلم زيادتيون ٿا ڪن، سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڪيئن ٿا ڌاڙا هڻن؟ خود غرض مُلن مولوين جي پيٽ ۽ پئسي جي لالچ کي فتوائون جاري ڪرڻ واري فتني کي چڱي ريت سمجهندو رهيو.
اهڙين ڪَٺن حالتن ۾ پنهنجن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي اٿي کڙو ٿيو، هڪ هٿ ۾ تنبورو ٻئي هٿ ۾ کڙتال کڻي، اڳيان پاڻ پُٺيان سندس فقير الو ميان! ڪندو جيسلمير، ڪاٺياواڙ، راجستان، ڪڇ، ڀڄ، گرنار، کان ٿيندو ملتان، ڪيچ مڪران، ڀنڀور، مطلب ته سنڌ جي وستي واهڻ، ٿر بر ۾ وڃي طوفاني دورا شروع ڪري ڏنا ۽ پنهنجي هڪ نئين انداز ۾، يعني راڳ ويراڳ رستي پنهنجي سنڌي قوم کي سُجاڳي جا سڏ، ۽ مُغل سامراج خلاف متحد ٿي مقابلي ڪرڻ جو پيغام ڏيندو رهيو، اڳيان پاڻ پُٺيان وڏو ولر فقيرن جو، ساز آواز جي ڌم، ڏينهن رات هل هلان، جتي به رهيا ٿي، اُتي سنڌي ماڻهن جا ڪٽڪ گڏ ٿِي ٿي ويا، ۽ جتان پئي لنگهيا ته سنڌي ماڻهن سندن وِک وِک تي آجيان ٿي ڪئي ۽ ’ڀيڄ ڀٽائي، ڪَر مُلڪ مِٺائي!‘ جا نعرا بلند ٿي ڪيا، مطلب ته سنڏي قوم کي مرشد لطيف هڪ انوکي رنگ ۾ سمجهائي رهيو هو، جو سنڌي قوم اهڙي سمجهاڻيءَ جو انداز نه اڳ ڏِٺو هو نه ٻُڌو هو، مرشد لطيف پنهنجي انداز ۾ سمجهائيندي چيو ته:
تَتِي ٿَڌِي ڪَاهه، ڪَانهي وَيل ويهَڻ جِي!
هن اُنهيءَ عمل ۾ سِر ڌڙ جي بازي جي ڳالهه ڪئي هُئي، هڪ هنڌ چيائين ته:
سُورهيه مَرين سَوڀَ کي، تَه دِل جَا وَهم وِسَار،
هَڻ ڀَالا، وِڙهه ڀاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَار،
مَٿَان تيغ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين.
شاهه سائينءَ جي هن بيت تي ’ابن الوقت‘ جي گماشتن حڪومتي درٻارين خوشامدڙين جا ڪن کڙا ٿي ويا، دوڏا پَٽجي ويا، چيائون! هي ته ڪو وڏو بغاوتي آهي! جو پنهنجي شاعريءَ ۾ تراڙيون ڀالا کڻي وڙهڻ، مَرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون ڪري، سنڌين کي ويڙهه جون صلاحون ٿو ڏئي! کيس فقيرن سميت پڪڙي وِجهوس ڪاٺ ۾ ته خبر پويس! ڪنهن وري چيو ته، ڇڏيو يار فقيرن، ملنگن ۽ مَستن کي نه ستايو، رب الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي، اجايو پاڻ نه پِٽايو! پوءِ به مرشد لطيف کي اٽڪل سان مارڻ لاءِ کيس زهر ڏنو ويو، ٽاهڙ گهوڙي تي چاڙهي کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي! ۽ شاهه سائين سنڌي قوم کي راڳ ويراڳ رستي سمجهائڻ وارو ڪم جاري رکيو، جڏهن نادر شاهه دراني جي لشڪر کي سنڌ ۾ نُوس نُوس ڪندي ڏٺو ته وڏي بهادريءَ سان چيائين ته:
هِي جي آيا هير، سي مُون اڳ نَه ڏِٺا ڪَڏهين!

[روزاني عبرت حيدرآباد، اربع 27 جون 2012ع ۾ ڇپيل.]