سچل جو پيغام سچ جو سنيهو!
لانفني جو ڪَلمو، مُون کي مُرشد پاڻ پَڙهايو،
نَابُودي جي نَشي اَندر، ستگر سير ڪرايو،
هٿيو ڏئي همت وارو، سارو بار کڻايو.
صدق سچل مان ستگر تان جنهن جانب جوش جڳايو!
تڏهن سندس تاثير سان هند، سنڌ واسيل آهي ۽ هندو هُجي يا مسلمان، هر سنڌي ماڻهوءَ جي دل تي سچل سرمست جو نالو سِڪي جي مُهر وانگر اُڪريل آهي، پنهنجي اصلي نالي ’حافظ عبدالوهاب‘ سان ياد ڪرڻ بجاءِ پيار ۽ محبت وچان کيس سچل سرمست، سچل سائين، سچو سائين وغيره سان ياد ڪندا آهن، پاڻ ستن ٻولين جو شاعر هو، جهڙوڪ، سنڌي، هندي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردو! سندس شاعري حيرت ۽ عظمت جو آئينو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سڄي پروڙ پئجي سگهي ٿي، جنهن لاءِ نانڪ يوسف جون هي ٻه سِٽون ڪافي ٿو سمجهان ته:
مُک مُصحف سَڄڻ تيڏي صُورت،
مُورت الله بسم الله حمد الله!
هي هڪ روشن حقيقت آهي ته سچل سرمست جهڙيون عظيم شخصيتون صدين کان پوءِ پيدا ٿينديون آهن! مولا پاڪ جو هي هڪ وڏو ڪرم آهي، جو سچل سائين سنڌ جي سٻاجهي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو، سندس خوبيون ڳڻڻ کان ٻاهر آهن، پر اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته شاعريءَ جي دنيا ۾ سچل سائين پهرين صف جو شاعر آهي ۽ صوفياڻي ڪردار جو روشن ستارو آهي، جنهن ٻين لاءِ فڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪيو، هُو زندگيءَ جي جدا جدا آزمائشي مرحلن، انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. سچل سائين سنڌ جي حاڪم ڪلهوڙن جو زوال ۽ ٽالپرن جو ڪمال، پنهنجين اکين سان روبرو ڏٺو، هي اُهو وقت هو، جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو هو ۽ هت ظلم ۽ بربريت جي باهه اچي ڀڙڪائي هُئي، سا به سچل سائين ڏٺي، هڪ طرف ڌارين جي قتل غارت ٻئي طرف پنهنجن جون بيوڙايون، غداريون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي عذابن سنڌي سماج کي ساڙي رکيو هو. سچل سائينءَ جي نگاهه ظاهر توڙي باطن تي هُئي، هن اسلام کي رُڳو ڊگهي ڏاڙهي ۽ وڏي پڳڙي ٻڌڻ جي نالي کي نٿي سمجهيو، هن پنهنجي وسيع النظري ۽ روشن خياليءَ سان ڏٺو ته مُلن، مولوين جي مذهبي ڪٽرپڻي جو وڌي وڃڻ عذاب الاهي آهي، جو هو پنهنجي مذهبي مڪر ۽ فريب سان ماڻهن کي تباهه ڪري رهيا آهن، هُو عقل ۽ آزاديءَ جا دشمن بنجي انسانيت کي ختم ڪري، حيوانيت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، جو پنهنجن اغراضن خاطر سموري دنيا کي گمراهيءَ جي چڪر ۾ ڦاسائي رکيو اٿن ۽ اهڙيون اهڙيون فرسوده رسمون ايجاد ڪري ورتيون اٿن، جن جي ڪري ماڻهن جو مرڻو، پرڻو، شادي غمي، جيڪو ڪجهه به آهي، اُنهن مَھان ٺڳن کي کارائڻ پيارڻ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي. جڏهن ڪابه انساني ڀلائي يا اصلاح جي ڳالهه ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين هن ٺڳ ٽولي جا ماڻهو پنهنجن عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، هاءِ گهوڙا ڪندي، مُنهن مٿو پٽيندي، هنن جو رستو روڪڻ لاءِ بيهي ٿا رهن ۽ اهڙو سانگ کڻي ٿا رچائين جو دنيا حيران پريشان رهجيو ٿي وڃي. مذهب اسلام ته امن ۽ ڀائيچاري جي ڳاهه ڪئي آهي، ته پوءِ هي فرقي پرستي، جهيڙا جهڳڙا، اُوچ نيچ ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ اهي جيڪي هڪ طرف ڪُوڙ، دوکو، بليڪ ميلنگ، ذخيري اندوزي، ملاوٽ، وياج خوري، ٺڳي لالچ ۽ لوڀ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ٻئي طرف هُو نمازون پڙهن ٿا، روزا رکن ٿا، قرآن پڙهن ٿا، صلواتون پڙهن ٿا، دُرود پڙهن ٿا، حج ۽ عمرا ڪن ٿا، تسبيحون پڙهن ٿا، پوءِ به سندن اُهي سڀئي ڳالهيون، سندن بُراين وارين ڳالهين کي نٿيون روڪي سگهن، ته پوءِ سندن روزا نمازون، دُرود، صلواتون، حج، عُمرا ڪهڙي ڪم جا!؟ هنن ٺڳن اسلام کي هن طرح سمجهيو آهي ته، هر ظالم حاڪم کي اولي الامر چئي سندن حمايت ڪجي، ۽ سندن مخالفن خلاف ڪوڙيون فتوائون جاري ڪري، خدا جي مخلوق کي ذليل ڪري مارائجي ۽ آزار جي غلط تشريح سان پيدا ٿيل فرقن، ماڻهن کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ساڳيءَ طرح پينو ۽ ڏَن اوڳاڙُو پيرن به ماڻهن کي حق جي راهه تان هٽائي ڇڏيو آهي، ڪي نِوڙي نمازون ٿا پڙهن ته ڪِن وري مندر وڃي وسايا آهن، ٻئي ڌريون حق (محبت) جي راهه ڀُلجي ويا آهن. سچل سائين پنهنجي جادو بيانيءَ سان الفاظن کي معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي ته:
مَذهبن مُلڪ ۾ مَاڻهو مُنجهايا،
شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀُلايا،
ڪي نِمازون نِوڙي پَڙهن، ڪِن وَڃي مَندر وَسايا،
اوڏا ڪِين آيا، عَقل وارا عِشق کي.
افسوس هن ڳالهه جو آهي ته عام طور سمجهيو ويندو آهي ته تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. صوفي کي غطل فهميءَ وچان اهڙو شخص سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دنيا کي ترڪ ڪري، لوڪان لِڪي، ڪنهن ڪُنڊ ۾ جُهنڊ هڻي، ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي وِساري ويهي رهي، رلي ڳچيءَ ۾ ست رنگي ٽوپي پائي، ڏنڊو هٿ ۾ يا ڪندري ڪلهي تي رکي، نشي ۾ غافل بنجي، ٻار ٻچا وِساري رُلندو پِنندو، در در جا ڌِڪا کائيندو وَتي. سچل سائينءَ جي نظر ۾ صوفي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي اصلاحي شعور جي لحاظ کان صحيح سماجي نظام کي قائم ڪرڻ لاءِ سُونهين جي حيثيت رکي، صوفي هڪ اهڙو صاحب نظر آهي، جيڪو نه رُڳو سچائيءَ جي ڄاڻ رکي، پر پنهنجي ڄاڻ جي لافاني لاٽ سان اجتماعي زندگيءَ کي جرڪائي، سُڌاري وغيره. سچل سائين سوچ کي سَنوارڻ ۽ اندر کي اُجارڻ جي بنيادي ضرورت تي زور ڏنو آهي، جيئن فرد جي اصلاح ٿي سگهي ۽ اهڙيءَ طرح سڄو سماج نيڪي ۽ ڀلائيءَ سان ڀلو ٿي پوي. اخلاق، محبت، سچائي، نياز، نِوڙت ۽ ڀلائيءَ واري جدوجهد تڏهن ڪامياب ٿيندي. جڏهن پورهيت الله جو دوست آهي، يعني الڪا سڀ حبيب الله آهي، سماج ۾ تمام ٿورن ماڻهن جي خوشحالي ۽ لکها ماڻهن جي بدحاليءَ کي خوشحال معاشرو نٿو چئي سگهجي. سچل سائين سنڌ جي سڄي معاشري کي خوشحال ڏسڻ ٿي چاهيو، پر افسوس جو سندس اها ڳالهه مفت خور پيرن، ميرن، جاگيردارن، ڀوتارن، سردارن ۽ رئيسن وڏيرن، پنڊتن، مجاورن، مُلن مولوين کي پسند ڪانه هُئي. سچل سائين سيڪيولر ذهن رکندڙ هو، تڏهن ته سڀني گڏجي کيس اسلام جو انڪاري ۽ دَهريو وغيره سڏي ڪُفر جون فتوائون جاري ڪرايون. سچل سائين سندن ڪا پرواهه ڪانه ڪئي، چيائين ته مرد هميشه سچ چوندا آهن، پوءِ اُهو سچ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، ۽ ڪُوڙي دوستي هلي يا نه هلي! ڪو فرق نٿو پوي، سچل سائين پنهنجن لفظن کي سچ جو ويس پهرائي هن ريت بيان ڪيو آهي ته:
سَچ ٿَا مَرد چَون، ڪَنهن کي وَڻي نَه وَڻي،
ڪُوڙي دوستيءَ جو دَم، بَڻي نَه بَڻي.
ڏٺو وڃِي ته صوفي هر دَور ۾ انسان ذات سان محبت ڀائيچاري، پيار، امن سان رهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هر انسان، اُهو هندو هجي يا مسلمان، تنهن کي پاڻ ۾ سمايل ٿو سمجهي ۽ پاڻ وري هُن ۾ سمائجي ٿو وڃي ۽ چوي ٿو ته، اسان هڪ ٻئي ۾ ائين گُم آهيون، جيئن ڪڪرن ۾ بجلي سمايل هوندي آهي، پاڻ پنهنجن لفظن کي هيڪڙائي جو ويس ڍڪائي چوي ٿو ته:
مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مان،
جيئن بجلي بادل سان، شامل آهي سُپرين.
صوفي جي نظر ۾ انساني زندگيءَ جا ٻه پهلو رهيا آهن، هڪ جو واسطو ماديت سان آهي، ٻئي جو واسطو روحانيت يا اخلاقيات سان آهي. اڪثر مُلا مولوي، مُجاور، پير دُنوي زندگيءَ کان لاتعلقي ظاهر ڪندا آهن، چوندا آهن ته اسان کي الله رسول صلعم جي ڳالهه کان سواءِ ٻي ڳالهه وڻي ئي ڪانه! مذهب اسلام کي دين فطرت انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو، جو ضرورت زماني تحت پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي جي گنجائش موجود آهي، حقيقت ۾ مُلن مولوين جي انڌي تقليد جي ڪري ئي خواري خرابي پيدا ٿي آهي، مذهبي جهيڙا فساد وڌي وڻ ٿيا آهن، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ناحق خُون پيو وَهي، اهڙن مُلن مولوين کي هُجري ۽ مسجد ۾ مذهب جي نالي ۾ چهرا مِٺا ۽ سَڻڀا طعام کائڻ، مُئلن کي ختما ڏيڻ پئسا وصول ڪري، اُنهن لاءِ بخشش جون ڊگهيون دُعائون گهرڻ، جنت جون حُورون ۽ غلمان مدرسي ۽ مسجد لاءِ چندي وٺڻ جون ڳالهيون ته ياد آهن، باقي اسلام ۾ امن امان، خدمت خلق افضل عبادت! جون ڳالهيون الائي ڇو ياد ناهن! سچل سائينءَ سان اهڙن مُلن مولوين جو جهيڙو، انهيءَ ڪري هو، جو هُو سندن مذهبي مڪارين کي بي نقاب ڪري رهيو هو ۽ کين سمجهائيندي چيائين ته، اي ملا! تون پنهنجي جيئري ئي ٻيائي کي دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ سويري ئي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ فرقي پرستيءَ کان آجو ٿي وڃ، هندو مؤمن جا ويڇا وساري، اوهان هندو مؤمن پاڻ ۾ ملي محبت جو مزو مچايو، ڇو ته ويل وقت وري هٿ نه ايندو آهي، هندو مؤمن جي محبت ۾ ڀلائي جو راز سمايل آهي، اي مُلؤ! اوهان هن رمز کي سمجهو ته ڪُفر ئي اسلام جي آمد جو سبب بڻيو آهي، اوهان اها حقيقت نٿا سمجهو! اها ته محبوبن جي هڪ مام (راز) آهي، جيڪو نيچ کان اُوچ تي ٿو آڻي، محبت جي ميدان ۾ ڪُفر ۽ اسلام جو ڪو وجود ڪونهي، چؤطرف حق ئي حق جو آواز آهي. سچل سائين پنهنجن لفظن کي سچائيءَ سان هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
ڪَڍ مَذاهب مَن تَان، سَاجهر سَاڻ سَويل،
هِندو مؤمن سَان مِلي، مُحبت جا ڪَر مَيل،
يا
اَول ڪُفر پوءِ مَڃڻ پوءِ مَنجهه اِسلام،
مُلا سمجهين ڪِينَڪِي، تُون مَحبوبن جي مَام،
ڪَھج هي ڪَلام، جيڪي ناقصئون نگيا.
سچل سرمست ڏٺو ته سنڌ ۾ ماڻهو، ڏن اوڳاڙُو پيرن جا معتقد بنجي ويا آهن، ۽ وقت به وقت اُنهن کي دعوتون کارائين ٿا ۽ نذرانا ٿا ڏين ۽ کين هر طرح سان خوش ڏسڻ ٿا چاهين، اِهو سڀ ڪجهه سنڌي ماڻهن جي سادگيءَ جو سبب آهي، جو هُو ٺڳ پيرن کي ڪنهن وڏي ڪاني ڪرامت وارو ٿا سمجهن ۽ اُنهن وٽ هرو ڀرو ڦُرجي رهيا آهن، اهڙن پيرن جي اهڙي مڪاريءَ جي ڪري، سنڌي غريب اٻوجهه ماڻهو، روز بروز غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجي تباهه ٿي رهيا آهن ۽ پير روز بروز ترقي ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو پينو پير کٿو ڪُلهي ڪري، هٿين خالي سنڌ جي سرحد ٽپي، سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته سنڌ جا سوين ماڻهو سلامي ٿي، سندس مُريد ٿيو پون، ۽ اُهو رولو پير اُنهن غريبن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني، پٽي کائي چند مهينن اندر ماني مڇيءَ وارو بنجي ٿو وڃي، اهڙيءَ طرح رولو مرشد سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ وڏا تونگر بنجي ويا ۽ سندن مريد قرضن مرضن جي ڌُٻڻ ۾ دٻجي پنڻ جهڙا ٿيندا ٿا وڃن، سنڌ ۾ اهڙن پيرن وڏي تباهي آندي آهي، اهڙا پير جيڪي پنهنجي گذاري لاءِ غريب مريدن جا محتاج آهن، ته پوءِ سندن ڪاني ڪرامت ڇا جي؟ سنڌي ماڻهو صوفي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪن ۽ اهڙن مڪار مرشدن جي مڪاري کي سمجهي، اُنهن وٽ نه ڦُرجن ته فريبڪارين جا اُهي هيڏا سارا بُت ڊهي مِليا ميٽ ٿي وڃن. سچل سائين اهڙن ٺڳن مرشدن کي لُٽيرو سڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ مُلڪ کي اِهي لُٽيرا لُٽي رهيا آهن، هُو اِهو نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ مڪر وارن کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو، اهي الله پاڪ سان به اٽڪلون ٿا ڪن، پاڻ مريد ڪري ماڻهو ڦرڻ واري عمل کي ننديو آهي، ۽ چيو آهي ته، مريد ڪرڻ جو خيال نه رکو، عاشق بنجي نِروار ٿيو، ٻيائي ٻوڙي ختم ڪريو، مذهبي ڪٽرپڻو ڇڏي ڏيو، مان ۽ مون واري فلسفي کان بچو، جو پاڻ ڀائڻ سان انسان جي اندر جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، سچل سائين پنهنجي سچ جو سنيھو ڏيندي چوي ٿو ته:
مَڪر سان مُلڪ کي، ٿا لُٽيرا لُٽين،
وَ الله خيرُ الماڪرين، سچل تان سمجهين،
ڪَريو پيا ڪَرين، اَٽڪلون الله سان!
يا
مُريد ڪَرڻ جو خيال نه رَکجانءِ عاشق ٿِج نِرالو،
دِين مَذهب ٻوڙ ٻِيائي، مَست فَرح مَنوالو،
مَان ۽ مُون جي سودي اَندر مَتان ڪَڍين ڏيوالو.
سچل حق آهي، سچل سارو سچ آهي، سچل عاشقن جو اڳواڻ آهي، سچل سنڌ جو منصور آهي، سنڌ اندر صوفي سلسلي ۾ سچل سائين هڪ يگاني رُوپ وارو بزرگ آهي، هن بزرگ تعصب پرستن تي جيڪي وار ڪيا، اهڙا وار سچل کان نه اڳ ڪنهن صوفي ڪيا نه سچل کان پوءِ ڪنهن ڪيا! اهڙيءَ طرح سچل سائين بي شمار وصفن جي مالڪن هُجڻ سان گڏ وڏو وطن پرست وڏو قوم پرست هو، سندس وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جا مثال هن کان وڌيڪ ٻيا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، جو پاڻ عام مسلمانن وانگر مقدس جاين تي وڃي مرڻ جون دعائون ڪونه گهريون، نه وري اتان جي پٿرن کي گهوٽي سُرمو ڪري اکين ۾ پائڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس، هن رسول صلعم جي هن حديث ته، ’حُب الوطن مِنَ الايمان‘ کي نرت ۽ سرت سان سمجهي، بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو ته مُنهنجو ديس سهي نموني سان سنڌ جو ڳوٺ ’درازا‘ آهي ۽ مڪي جو رهواسي سڏايائين نه وري مُلتان جو مُلتاني سڏايائين، بلڪل صاف صاف چيائين ته:
ديس سَچل دا درس دَرازا، نه مَڪا، نه مُلتانا!
سچل سائين سنڌ جي ڪُک مان جنم ورتو هو، ديس واسي کيس ڏاڍا پيارا هئا، جيئن جسم جي ڪنهن عضوي ۾ درد پيدا ٿيندو آهي ته سڄو جسم بيقرار ٿي ويندو آهي، اهڙيءَ طرح سچل سائين هر ديس واسيءَ جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ٿي سمجهيو، پوءِ اُهو هندو هُجي يا مسلمان، پاڻ ديس واسين کي دعائون ڪري چيائين ٿي ته سدائين سَرها هُجن ۽ سدائين پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي آباد هُجن، ٻئي ڪنهن ملڪ جا محتاج نه وڃي ٿين، هن ڌرتيءَ تي ئي خوش رهن! پاڻ سنڌين ۾ شعور ۽ سُجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مست رهيو، کين قوم پرستيءَ جون رمزون سيکاريندي چيائين ته غيرت وارا انسان ٻنيون ۽ ونيون نه ڇڏيندا آهن، جوان اُن کي چئبو آهي، جيڪو ننگن ۽ دنگن تان قربان ٿي وڃي، ٻني ۽ ونيءَ ڇڏڻ وارا انسان ديس لڄائيندا آهن، سچل سائين قومي سُجاڳيءَ جا سڏ هن طرح ڪياآهن ته:
سَنگهاري سَاڻيهه شَل هُئَن سَدائِين سَرها،
وَڃن نه پرڏيهه خُوش گُذارِين اُتَھِين.
يا
هِڪ جُوءَ ٻِي جوءِ، ڇَڏين ڪِين جُوان،
اُهي ئي انسان، جي نَنگن تَان نِثار ٿِيا.
يا
هڪ جُوءَ ٻي جوءِ، مَرد نه ڇَڏين مينڌرا،
تو پڻ پِرين پوءِ، ڪَوه لَڄايو ڪَاڪَ کي.
سچل سرمست جو پيغام هر دَور ۽ هر زماني لاءِ سچ جو سنيھو سمجهيو وڃي ۽ اُهو به سمجهيو وڃي ته اُهو ڪٽر مذهبي مُلو، جنهن سچل سائينءَ جي مخالفت ڪري، مٿس ڪُفر جي فتويٰ جاري ڪئي هُئي، سو اڃا جيئرو آهي ۽ سچل سائينءَ جي مُريدن ۽ عقيدتمندن تي ڏمر آهي، اُهو جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرو ۽ پير به زنده آهي، شل خدا خير ڪري!
[روزاني عبرت حيدرآباد، خميس 27 سيپٽمبر 2007ع ۾ ڇپيو]