سُر مارئي ۾ حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام
سَڄَڻ ۽ سَاڻِيهه، ڪَنهن اَڻاسِيءَ وِسري،
حَيف تِنين کي هَوءِ، وَطن جِنين وِسارِيو!
ته دل ائين چاهيندي آهي ته پنهنجن ڏُکن، سُورن، وِڇوڙن ۽ پنهنجن وڏڙن جي غلطين تي، اسان سڀئي سنڌ واسي سِري، لاڙ، ڪوهستان، وِچولي وارا ۽ پاڻ کان رُسي وڃڻ وارا سڀئي گڏجي روئون ۽ زماني کي رُئاڙي ماتم ڪريون ۽ چئون ته ناحق اسان مذهبي ڪٽر پڻي ۾ اڙجي مُرشد لطيف کي وِساري، سندس ڏنل درس کي ڀُلائي، پاڻ سان پاڻهي ظلم ڪيو، اڄ اسان کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن، جي اسان سڀئي سندس دامن مان هٿ نه ڪڍون ها ته اڄ اسان سڄي سنڌي قوم کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻا نه پون ها، نه وري ڌارين جي گهيري ۾ اچون ها! شاهه سائينءَ کي دنيا جي اُونهي آزمودي مان اها پروڙ پئي ته غريبن ۾ گهڻن جي کاڻ آهي، جتان سچائي ۽ محبت جا موتي مِلن ٿا، جيڪي جاگيردارن شاهوڪارن سرمائيدارن، ڀوتارن، رئيس وڏيرن، سردارن ۽ ميرن پيرن کان مِلي نٿا سگهن، هونئن به هڪ ڀيرو شيڪسپيئر شاعر چيو هو ته: اي انگلستان! مان تنهنجن غدارن سان به پيار ٿو ڪريان، ڏٺو ويندو ته اڪثر غدار رئيس، وڏيرا، جاگيردار، ڀوتار، سرمائيدار، سردار، پير مير ٿيندا آهن، اُن مان صاف ظاهر ٿيو ته شيڪسپيئر اُنهن وڏن ماڻهن سان محبت جي هَام هنئين آهي، پر مرشد لطيف ڪنهن ماڪو چنيسر، قاضي قادن، نائو نمل ۽ صوبدار جهڙن غدار وڏن ماڻهن سان محبت ڪانهي ڪئي، هن غريب ماروئڙن لاءِ چيو ته:
جَيها سي تيھا، مَارُو مُون مَڃيا!
اُنهن جيهن سي تيهن ۾ سڀئي غريب، ڪوري، موچي، لوهار، ڪنڀار، مڱڻهار، مگتا، هاري ناري، لنگي، اجرڪ، کٿي، لوئي، چُني، پوتي، چولي، شال، پڳ، اوڄ گگهو، پڙو، آتڻ، ايٽ، چرخو، تس، تئوتر، جنڊ، تڏو، هس، ڪٺمال، ڪنگڻ، نٿ، بينسر، بُولو، پنڙ، ٻانهين، پٽيون، ٻاهونٽا، ڪڙيون، ڪٺمال، تائٿ، ڇن، چؤنرا، مَنهه، ڇپر، لوڙها، اچي ٿا وڃن، ڏُٿ ۾ لُلر، لُوڻڪ، مريڙو، پُسي، پڪا، پيرون، سِڱر، موٺ، موڪ، چڀڙ، ميها، کنڀيون، سائون، ڪرنگهه، چيڻو، چونرا، ڳُم، ڳنڍير، ساوڙي، لنب، آراڙي، هندانُ، ريڙي، ڇاهيون، ماروئڙن جي مال، رڍن، ٻڪرين، اُٺن، ڏاچين، توڏن، گورن، ڍڳن، ڍورن اُنهن جي ڳچين ۾ پوندڙ برن، ڳوپ، نڪتا، جهاٻا، ميندڍ، اجوڙا، ڏانوڻ، نيئر، وغيره وغيره کي پنهنجن بيتن ۾ آڻي اُنهن کي اڻ مٽ آيتن جي صورت ۾ پيش ڪري، سنڌي ماروئڙن کي مخاطب ٿيندي چيائين ته:
جَي تَو بَيت ڀَانئين، سَي آيَتُون آهِين!
شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، شاهه سائينءَ جي اُنهن اڻ مٽ آيتن سنڌ ۽ اسان سنڌي قوم کي حرمت ۽ مانُ بخشيو آهي، جو اسان اَهل ڪتاب بنجي دنيا ۾ ڄاتا سُڃاتا وڃون ٿا، جنهن لاءِ پاڻ چيائون ته:
آهي عَبداللطِيف جَو، اَسان تي احسان،
جَنهن جَوڙي قُرآن، سِنڌيءَ ۾ صَحيح ڪَيو.
مرشد لطيف ٻاهر جي ڪنهن به فِڪر ۽ فلسفي سان ڪابه دلچسپي ڪانهي ڏيکاري، نه وري اهڙين ڳالهين کي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو فائدي وارو سمجهيو، هن ڌارين جي محل ماڙين، ويس وڳن، ست رَڇين کي تِڇ سمجهي، سون تي سيڻ نه مٽڻ جو هڪ اهم سبق ڏنو آهي، پراين محلاتن کي ڇڏي، پنهنجن ڪکاون ڇنن ڇپرن مَنهن ۽ چؤنرن سان چاهت جي تلقين ڪئي آهي ۽ سنڌين کي پاڻ ۾ ميٺ محبت ۾ هڪ ٿي وڃڻ جو سبق ڏنو آهي، سندس نظر ۾ سڀئي سنڌي هڪ جسم جي عضون برابر هُئا، هن جو خيال هو ته جيئن جسم جي ڪنهن هڪ عُضوي کي ڪا تڪليف ٿيندي آهي ته سڀئي عضوا بي آراميءَ ۾ تڙپندا آهن، تيئن هڪ سنڌيءَ کي ڪا تڪليف ٿئي ته سڀئي سنڌي اُها پنهنجي تڪليف تصور ڪن، اهڙي مضبوط ڳانڍاپي لاءِ وڌ مان وڌ تاڪيد فرمايو اٿن، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
وَڳَر ڪَيو وَتن، پِرت نَه ڇِنَن پَاڻ ۾،
پَسو پَکِيئَڙن، مَاڻهان مِيٺ گَهڻو.
يا
ڪَڍي ڪَان ڪَمان مَان، مِيان مَارُ مَ مُون،
مُون ۾ آهِين تُون، مَتان تُنهِنجو ئِي تَوکي لَڳي.
يا
پَڙَاڏو سَو سَڏ، وَر وَرائي جَو جَي لَھين،
هُئا اَڳَھين گَڏ، پَر ٻُڌڻ ۾ ٻَه ٿِيا.
مرشد لطيف انساني اُصولن ۽ قدرن سان گڏ ٿر ڄائي مارئيءَ جي رُوپ ۾ حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو جيڪو پيغام ڏنو آهي، تنهن ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته ساڻيهه لاءِ سِڪ هرو ڀرو دولت مند وڏيرن، رئيس، جاگيردارن، ڀوتارن جو وِرثو ڪونهي، وطن جي محبت ۽ آزاديءَ ڍنگر جي ڍار، ڇپرن ۽ چؤنرن ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن ۾ پُختگيءَ سان مِلي سگهي ٿي. اڄ مرشد لطيف جسماني طرح اسان سان گڏ ڪونهي، پر سندس محبت، غيرت، شرافت، حُب الوطني ۽ آزاديءَ وارو پوکيل ٻِج ڦُٽي وڻ بنجي، سنڌ جي چپي چپي ۾ بهار بنجي ميوو جهليو بيٺو آهي.
مرشد لطيف جو رُوح رڙيون ڪري، سنڌي ماڻهن کي سڏي، اُن ميوي کائڻ لاءِ تاڪيد ڪندي پيو چوي ته:
تَتِي ٿَڌِيءَ ڪَاهه، ڪَانهي وَيل وَيهَڻ جِي!
اُن ميوي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سردي توڙي گرميءَ ۾ سخت ڪوشش ڪرڻي پوندي، سڀني سِنڌين کي هِڪ ٿي مرشد لطيف جي هن بيت ته:
سَڄڻ ۽ سَاڻيهه، ڪَنهن اَڻاسِيءَ وِسري،
حَيف تِنينءَ کي هَوءِ، وَطن جِنين وِساريو!
جا پڪا شيدائي بنباسون، هن ۾ ئي سنڌي ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو راز سمايل آهي، جنهن جو مختصر بيان هيٺ پيش ڪجي ٿو.
عُمر بادشاهه ٿر جي غريب ڄائي مارئيءَ جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي، کيس ملير مان زوري کڻي اچي عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ۽ هن کي رهڻ لاءِ محل ماڙيون، کائڻ لاءِ سَت رَڇيون، پيئڻ لاءِ اُوچا اُوچا خوشبودار کَٽا مِٺا شربت، پهرڻ لاءِ ويس وڳا ۽ سُمهڻ لاءِ پَلنگ پٿراڻيون ڏِنيون، پر سڀني شين کي جُهوپڙين ۾ رهندڙ غريب ڳوٺاڻن اَک کڻي نِهاريو به ڪونه ته اُهي شيون ڪهڙيون ٿينديون آهن. عُمر بادشاهه جنهن جي دل ۾ بي ايماني سمايل هُئي، تنهن هن غريب ڄائي مارئيءَ کي پنهنجيءَ ڪرڻ لاءِ ڪيئي هيلا هلايا، پر هُو عمر بادشاهه جي ڪابه ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار نه ٿي، هن غريب ٿر ڄائيءَ کي عُمر جي محل ماڙين کان پنهنجا اَباڻا ڪکاوان جهوپڙا وڌيڪ پيارا هُئا، عمر جي ست رَڇين کان هن کي ملير جو ڏُٿ پيارو هو، کيس عُمر جي کَٽن مِٺن شربتن کان، پنهنجي ملير جي تلائن جو گڏ ٿيل پَلر جو پاڻي وڌيڪ پيارو هو، هُن کي عمر جهڙي ظالم حاڪم جي ويس وڳن کان ملير جا پُراڻا کٿا ۽ لويون پائڻ وڌيڪ پسند هُيون، هن کي عمر جي پلنگ پٿراڻين کان ملير جي ٿڌڙي واريءَ وارو وِڇاڻو وڌيڪ پسند هو، اُنهيءَ ڪري عمر جي ڪوٽ ۾ قيد دوران هُو هيٺ پَٽ تي سُمهندي هُئي، هن اڄ ڪلهه جي قيدين وانگر وقت جي عُمر بادشاهه کان پنهنجا ملير ڄاوا ماروئڙا اصل نه وِسريا، عمر بادشاهه هن کي سڀئي سهولتون مُهيا ڪري ڏنيون هُيون، پر اُنهن کي بلڪل ٺُڪرائي ڇڏيو، ۽ پاڻ کي قيدياڻي سمجهي ڏُک سُور سَهندي رهي، هن ڪڏهن به عمر بادشاهه کان ڪنهن به شيءِ جي گُهر ڪانه ڪئي هُئي، هُوءَ هر وقت اوڇنگارون ڏيئي پئي روئندي رَڙندي هُئي، عمر بادشاهه کيس نِت نَيون نَيون لالچون پيو ڏيندو هو ۽ کيس پَٽ راڻيءَ بنائڻ لاءِ به چيو، پر ملير جي مسڪين نياڻيءَ اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيو، پنهنجي سِيل سَتُر بچائڻ لاءِ هِمت جو سندرو ٻڌي بيهي رهي ۽ عمر جي ڪابه آڇ قبول نه ڪيائين! سندس اڳيان هڪ فولاد جي ديوار بنجي بيهي رهي. عمر بادشاهه جيڪا به کيس آڇ ٿي ڪئي سا هُن ٺُڪرائي ٿي ڇڏي، عمر کيس سمجهي وڃي ٿڌيون مِٺيون ڳالهيون ٻُڌائي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته مارئي پنهنجي مُلڪ ملير ڏي مهاڙ ڪري زارو زار روئي رِيهون ڪري ائين ٿي چيو ته، اي عمر بادشاهه! تنهنجا هي سڀ سُک پنهنجي لاءِ موت ٿي سمجهان، آءٌ هڪ غريب مسڪين مارُوئڙي جي مِلڪيت آهيان، آءٌ ڪڏهن به ظلم زبردستيءَ سان هروڀرو تنهنجي زال ڪانه ٿينديس، منهنجي مٿي تي جيڪا مون کي پنهنجي مائٽن لوئي پهرائي آهي، سا ڪڏهن به ڪانه لاهينديس، اي سومرا سردار! هرو ڀرو تون اشرافن (پاڪدامن) کي ڏاڍ ڏمر سان ظلم جا زنجير وِجهي پنهنجو نه ڪر، ڇو ته زور جي ميندي لڳڻي ئي ناهي! مرشد لطيف مارئيءَ جي واتان عمر بادشاهه کي هن طرح چورايو آهي ته:
ڪَيو مُهاڙ مَلير ڏي روئي اُڀي چَوءِ
سَھڄ سُوري ڀَانئِيان، سُومرا سَندوءِ
مِلڪ مَاروءَ جِي آهيان، جَور نَه ٿِيان جوءِ
يا
ڪَيو مُهاڙ مَلير ڏي اُڀيائي آهي،
جَا مَٿي ڏِنس مارئين، سَا لوئِي نَه لاهي،
سُومرا! سا هي، سُتيءَ وِجهه نَه سَنگهرُون.
مارئي جو پنهنجي مُلڪ ملير ۽ مُلڪي ماروئڙن سان اهڙو ته پيار هو، جو بادشاهه جي ڪنهن به ذاتي لالچ لوڀ ۾ نه آئي، هن کي هر وقت پنهنجي مسڪين ماروئڙن ۽ هڪ جيڏين سرتين جي سِڪ محبت ستائيندي ٿي رهي، هن پنهنجي ذاتي لالچ کي مٺو ڪري، مسڪين ماروئڙن کي وِساري ويهڻ کي عيب ٿي سمجهيو، ائين ڪرڻ سان پاڻ لاءِ هن وڏي لعنت ٿي سمجهي، ڀلا ملير ۽ پنهنجي مسڪين ماروئڙن کي وِساري به ڪيئن ها! هي ڄائي نِپني ملير ۾ هُئي، سندس ماروئڙا به ملير ۾ ئي هُئا، هي ملير جي ڏُٿ تي پلجي وڏي ٿي هُئي، هن جي سيني ۾ ملير جي مٽي ۽ ملير جي ماروئڙن لاءِ فطري طرح مُحبت هُئي، ملير جي ڪَک پن لاءِ هن کي عزت هُئي، هن جي دل جون پاڙون ملير جي مِٽيءَ ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هُيون، هي ڪا آوارا، هيڏانهن هوڏانهن جي عورت ڪانه هُئي، جيڪي هر هنڌ هليون وڃن، هن جو جسم ٿر جي مٽيءَ مان ٺهيل هو، انهيءَ نسبت سان هن جي محبت ملير ۽ ملير جي ماڻهن سان اهڙي ته پختي هُئي، جو عمر بادشاهه ڪيڏو به بادشاهه هو، پر پوءِ به ڌاريو سوئي ڌاريو هو، هن ڌارئي بادشاهه کان هن کي پنهنجو ٿري وَر پيارو هو ۽ ڌارئي عمر بادشاهه کي پنهنجي غريب ٿري وَر کان تمام ۽ تمام گهٽ ٿي سمجهيائين. سبب اِهو هو، جو هُو ڌاريو هو، ڌارئي وٽ وِڪامجي وڃڻ هُن جي پنهنجي لاءِ وڏو عيب ٿي سمجهيو، انهيءَ ڪري ئي هي غريب، عمر بادشاهه وٽ ڪانه وِڪاڻي، مارئي جي اڳيان عمر بادشاهه ڪا شئي ڪونه هو، عمر بادشاهه جي مُقابلي ۾ هن جو ٿري وَر ڪيترو به غريب هو، پر ڌرتيءَ جي ڳانڍاپي جي ڪري، مارئي کي ٿري مُڙس وڌيڪ پيارو هو، اُن ڪري ئي هن ڌارئي کي ڌاريو سمجهي پنهنجو نه ڪيو، مارئي ٿي چيو ته، جهڙي ريت ڪپڙي کي ڪنهن سَنهي سُئيءَ سان ڳنڍي سوگهو ڪبو آهي، اهڙيءَ ريت منهنجو ساهه ملير جي ملڪي ماروئڙن سان ڳنڍجي سوگهو ٿي ويل آهي. اي عمر سومرا! مُون کي ملير جا گولاڙا ۽ گاهه (ڏُٿ) ياد پيا ٿا پون، هِت تو وٽ منهنجو فقط خاڪي جسم آهي، باقي منهنجي دل منهنجو رُوح ملير ۾ آهي، مُنهنجو ساهه پساهه پنهنجي اَباڻن جي پکن ۾ آهي، سچ ڪري پُڇين ته تنهنجي هن ڪوٽ ۾ مون مجبور جو خاڪي جسم آهي! مرشد لطيف مارئيءَ جي واتان هيڏي ساري بادشاهه کي هن ريت چَوِرايو آهي ته:
ويٺي سَاريَان سُومرا گَولاڙَا ۽ گَاهه،
هِينئُون مُنهنجو هُت ٿِيو، هِت مِٽي ۽ مَاهه
پَکَن مَنجهه پَساهه قَالب آهي ڪَوٽ ۾.
مارئي ويچاري پنهنجي ٿري ماروئڙن جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ لاءِ ظالم عمر بادشاهه جون سڀئي سُور سختيون سَهندي رهي، مگر اُن جي اڳيان جُهڪي اصل نه. هن عُمر بادشاهه اڳيان جُهڪڻ کي عيب ٿي سمجهيو، جي مارئي سندس اڳيان جُهڪي ها ته سڀني ٿري ماروئڙن تي وڏو داغ اچي وڃي ها ۽ عُمر بادشاهه جو به من وڌي وڃي ها، پوءِ ٿر جون ٻيون نياڻيون به اهڙي ئي ظُلم جو شڪار بنجن ها، پر مارئي اهڙو پاڻ ملهايو جو عُمر جي ڪنهن به لالچ ۾ ڪانه آئي، هن عُمر جي هر سهوليت کي لت هڻي ٺُڪرائي ڇڏيو، نه وري سندس ڪنهن به دڙڪي دهمان ۾ اچي جُهڪي، جيئن مٿس سختيون ٿي ٿيون، تيئن هن ۾ خانداني شرافت ۽ نسلي عظمت، غيرت، شرافت ۽ همت ٿي وڌي. عمر بادشاهه جهڙي حاڪم وٽ قيدياڻي هُوندي به بنا ڪنهن خوف خطري جي حق سچ کان اصل ڪانه هٽي، ۽ عمر بادشاهه تُون منهنجي جسم کي چيري چيري لوڻ وِجهي ڇڏ، مگر آءٌ ڪڏهن به بُرو فعل ڪانه ڪنديس، ڇو ته اهڙو بُرو ڪم منهنجي نسل مان ڪنهن نه ڪيو آهي، نه وري آءٌ ئي ڪنديس، مُون کي جيسين سِسيءَ ۾ ساهه آهي، تيسين منهنجي محبت، منهنجي پِريت پنهنجي ٿري غريب وَر سان آهي! شاهه سائين عمر بادشاهه کي ٿر جي غريب نياڻيءَ جي واتان اجهو هن ريت چورايو آهي ته:
جَي لُوڻ لِڱين لاَئين، چِيري چِيري چَم،
مُون ڪُر اَڳي نَه ڪَيو، اَهڙو ڪَوجهو ڪَم.
جَان جَان دَعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوار سِين.
ٿر جي مسڪين مارئي، جڏهن کان عمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي آئي، تڏهن کان هُن کائڻ پيئڻ گهٽائي ڇڏيو هو، هُن کي ڌارئي ڌاڙيل جي سڻڀي ماني کائڻ کان سخت نفرت هُئي، هن عمر جي ماني ڏي نهاريو به ڪونه ٿي، انهيءَ ڪري، جو هن اهو ئي ٿي سمجهيو ته ڌارئي ڌاڙيل جي ماني کائڻ سان منهنجي عزت ڪانه رَهندي، پنهنجي عزت ۽ شان کي وڏو ڌڪ لڳندو، اهڙي ماني کائڻ کان ’ڀلي بُک ڀَرم جِي، شَال مَ وَڃي شان!‘ تي ثابت قدم رهي ڪري، فاقاڪشيءَ ۾ گذارڻ لڳي، جنهن ڪري سندس چنڊ جهڙو چهرو ڪُومائجڻ لڳو، عمر بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي ته مارئي ماني ڪانه ٿي کائي، سو هن وٽ هلي آيو کانئنس پُڇيائين ته مارئي! تُون هي سُٺا سُٺا کاڌا ڇو نٿي کائين؟ مارئي، عمر بادشاهه کي چيو ته اي عمر بادشاهه! مون کي تُنهنجا کاڌا اصل ڪونه ٿا وڻن، عمر بادشاهه حيران ٿي مارئي کان پڇيو ته، تنهنجي غريب ماروئڙن جو کاڌو منهنجن هنن کاڌن کان وڌيڪ سُٺو هوندو آهي ڇا؟ مارئي جواب ۾ چيو، ها! عمر بادشاهه مارئي کان پُڇيو ته، ڀلا ٻڌاءِ ته اهو ڪهڙو کاڌو آهي؟ ته تنهنجي لاءِ هت تيار ڪرايان! مارئي جواب ۾ چيس ته، تُون منهنجي لاءِ ڌاريو آهين، تو وٽ آءٌ ويهي تنهنجا ٻوڙ پُلاءُ کائينديس ته منهنجي عزت، منهنجي غيرت، منهنجي شرافت کي ڌڪ لڳندو، تنهن ڪري تنهنجا کاڌا نه کائينديس! ٻيو ته مون کي منهنجي ٿري ماروئڙن جو کاڌو تنهنجي کاڌن کان وڌيڪ عزت وارو آهي ۽ تنهنجو کاڌو منهنجي لاءِ ذلت وارو آهي! عمر بادشاهه، مارئي کان پُڇيو ته اُهو ڪهڙو کاڌو؟ مارئي چيس ته، اُهو کاڌو ڏاڍو شرافت وارو آهي، جو منهنجا مارُو روزاني ڏُٿ آڻي چاڙهي کائيندا آهن، سَائون ۽ لُنب، آراڙي ڍيرڪري سُڪائي صاف ڪري، چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن، اُهو کاڌو اهڙو ته لذيذ آهي، جو تنهنجو پُلاءُ اُن جو مٽ نٿو ٿي سگهي! مرشد لطيف مارئي جي زباني هن طرح فرمايو آهي ته:
آڻِين ۽ چَاڙهين، ڏُٿ ڏِهَاڙِي سُومرا،
سَٿَا ڪَيو سَيد چَوي، سَائون سُڪَائِين،
مَنجَهان لُنب لَطيف چَوي، چَانوَر ڪَيو چَاڙهِين،
پُلاءُ نَه پَاڙين، عُمر! آراڙي سِين.
مارئي جڏهن عمر ڪوٽ ۾ اچي قيد ٿي، تڏهن پاڻ کي قيدياڻي سمجهيو، اڄ ڪلهه جي قيدين وانگر ڌارئي حاڪم کي ڪنهن به سهوليت جي درخواست ڪانه ڪيائين. هتان جيڪا سهولت هن کي ازخود ملي پئي ته اُن کي ٺُڪرائي ٿي ڇڏيائين، هن کان کل خوشي موڪلائي وئي هُئي، هن قيد ۾ ويس وڳا ڪين پاتا، غريب ماروئڙن وٽان جنهن لباس ۾ آئي هُئي، اُهو ئي کيس پاتل هو، ڌارين جا ويس وڳا هُن لاءِ ڌاريا هُئا، ڌارين جي تهذيب به هن کي پسند ڪانه هُئي، اباڻي لباس ۾ گذارو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ٿي ڪيائين، اَباڻو وڳو جي ڪٿان ٽُٽي ٿي پيس ته اُن کي ٽوپو ڏئي ٿي پاتائين. عمر بادشاهه هن کي سُٺن سُٺن وڳن پائڻ لاءِ ٿي چيو ته، مارئي کيس ٿي چيو ته، اي عمر بادشاهه! هت اچڻ سان مان مارُن جي ميارڻ بنجي وئي آهيان، تنهنجا ويس وڳا مون جهڙيون ميار واريون ڪيئن ڪنديون، جن جي وَرَن کي ٿر ۾ عام ماڻهو مهڻا طعنا ڏنا هوندا، آءٌ پنهنجي وَر واري آهيان، آءٌ پنهنجي وَر کي ڇڏي ڏيان، پوءِ آءٌ پاڪدامن ڪيئن ليکبس؟ مارُن جا منهنجي ڳچيءَ ۾ جيڪي سڳڙا ٻڌل آهن، اُهي تنهنجي سون کان وڌيڪ سمجهان ٿي. آءٌ تنهنجي ڪنهن به لالچ ۾ اچڻ واري نه آهيان، مرشد لطيف اُن واقعي جو مارئيءَ جي واتان هن طرح بيان ٿو ڪرائي ته:
عُمر! اڇَا ڪَپڙا ڪَاڻيارِيُون ڪِيئن ڪَن،
جِن جَا ٿَرن ۾، وَر ٿَا وَيڻ سَھن
هُو جَي حَق ڀَڃَن، سَي ڪِيئن سُتيون سُومرا.
عمر بادشاهه هڪ ڀيري مارئي کي چيو ته، اي مارئي! مون جهڙي وڏي بادشاهه جي گهر ۾ رهڻ جي باوجود به تُون روڄ راڙو ڇو ٿي ڪرين؟ مون ته سڀ ڪجهه تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي!
مارئي جواب ڏنس، اي عُمر بادشاهه! جيئن سمنڊ ۾ رهندڙ سِپيون سمنڊ جي وڏي پاڻيءَ ۾ رهڻ جي باوجود به هُو ڪڪرن جي برساتي ڦُڙن لاءِ آتيون هُونديون آهن، جيئن ڪُونجڙيون جبل ۾ کاڌي پيتي جي اڻاٺ هوندي به جڏهن آباد کاڌي پيتي واري هنڌ چوڳي چَڳڻ لاءِ وينديون آهن ته پوءِ جبل کي نه وِسارينديون آهن، ڇو ته هُو ڄايون نِپنيون جبل ۾ آهن، هنن جو جبل سان فطري پيار آهي، سندن ٻچا ۽ ٻيا وَلر به انهيءَ جبل ۾ هوندا آهن، تنهن ڪري هو پنهنجي اصلي هنڌ کي نه وسارينديون آهن، اُنهن کي جبل جي تانگهه رهندي آهي، منهنجي حالت به اُنهن ڪونجن جهڙي آهي، مون کي به هر وقت ٿر ۽ ٿري ماروئڙا ياد آهن، منهنجو ٿر وڃڻ جو اقرار ٿيل آهي، آءٌ اڳي پوءِ ٿر وينديس، مون ائين ڪونه سمجهيو هو ته آءٌ تو وٽ قيدياڻي اچي ٿينديس، هٿن پيرن ۾ ڪَڙيون لڳي وينديون! مون تي پهرا لڳي ويندا، اهو سڀ ڪجهه منهنجي بي وسي آهي، آءٌ جيڪر قيدياڻي ۽ پهري هيٺ نه هُجان ته پوءِ آءٌ ماٺ ڪري ڪوٽن ۾ ڪيئن ويهي رَهان، مرشد لطيف مارئي جي زباني هن ريت بيان ڪرائي آهي ته:
جَر ۾ سِپُون جِيئن، آهِين اَبر آسري،
جِيئن ڪُونجڙيون سَارين رَوه کي، مُون تن اندر تِيئن،
هِت واعدا وَڃڻ جَا، هت نَه ڀَانئِيم هِيئن،
ڪَوٺين وِهان ڪِيئن، جي نظر بَندياڻين نَه هئان!
يا
وَاجَهائي وَطن کي، آءٌ جي هِت مُياس،
تَه گَور مُنهنجِي سُومرا، ڪَج پَنهوارن پَاس،
ڏِج ڏَاڏَاڻي ڏَيهه جِي، مَنجَهان وَلڙين وَاس،
مُيائي جِياس، جَي وَڃي مَڙهه مَلير ڏي.
پوءِ عمر بادشاهه مجبور ٿي مارئي کي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪا پنهنجي ڪاميابي تي کِلي خوش ٿي، ملير وڃي پنهنجن ماروئڙن سان مِلي، شال ڌڻي ظُلم جي هر قيديءَ کي مارئي واري طاقت عطا ڪري، جو هڪ ڏينهن عمر جي قيد مان نڪري آزاد ٿي لوئي لڄ نيبهه رکي سگهون!
[روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپيل]