ڀٽائي گھوٽ جي هڪ بيت جي شرح
مُون ڪُر اَڳي نه ڪَيو، اهڙو ڪو جهو ڪَم،
جان جان دعويٰ دَم، تان تان پِرت پَنهوارن سِين.
مهراڻ جي ماٿريءَ جي سدا حيات ۽ جڳ مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جي اُونهي اڀياس سان، اُنهن ۾ وڏي سمجهه جو ساگر نظر ايندو، جنهن مان دل جي دليري، اِرادي جي پُختگي، يقين، محڪم ۽ سچائيءَ جا سچا موتي مِلندا. سُهڻي لطيف جي اُنهن بيتن ۾ جيڪي نصيحت جا نُڪتا سمايل آهن، جي اُنهن تي ويهي لکجي ته وڏن وڏن دفترن جي درڪار رهندي، اُن ڪري مون فقط مٿيون هڪ بيت سُر مارئيءَ مان شرح لاءِ چونڊيو آهي. انهيءَ لاءِ ته هن ديس جي ديسي ماروئڙن جو نانءُ سُنهري اکرن ۾ لکجي ۽ سندن مان ۽ شان تي سندن ايندڙ نسل فخر سان ڳاٽ اوچي گُهمي سگهي. شاهه سائين، مارئيءَ جي رُوپ ۾ حُب الوطنيءَ جو عجيب نقش چِٽيو آهي، اِئين چئجي ته شهنشاهه ميڊاس وانگر، شاهه سائين جنهن به شيءِ کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ چُونڊيو آهي، اُن کي سچو سون بڻائي ڇڏيو اٿس. مارئيءَ جي جذبن ۽ وِلولن جي تصويرن ذريعي، وطن سان محبت ۽ پيار جي پيغام سان ته سُهڻي لطيف ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. سندس سُر مارئيءَ کي پڙهڻ سان شفيع المذنبين رحمت العالمين، حضرت محمد صلعم جي حديث، ’حُب الوطن مِن الايمان‘ جي ياد تازي ٿئي ٿي، ۽ ادب وِچان ڪنڌ جُهڪي ٿو پوي، ۽ زبان دل جي تصديق ڪندي چوي ٿي ته: جيئي لطيف جي حُب الوطني! ٿر جي غريب نياڻيءَ مارئي، جڏهن عمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ اچي قيد ٿي، تڏهن سندس کِل ۽ خوشيون، روڄ راڙي ۾ تبديل ٿي ويون، ۽ عمر بادشاهه جي ڪنهن لالچ لوڀ دڙڪي دهمان ۾ نه آئي، هن کي ملڪ ۽ ملڪي ماروئڙن کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ياد ڪانه هُئي. جيتوڻيڪ غريب مارئيءَ جا ماروئڙا، عمر جهڙي وڏي بادشاهه سان پُڄي نه ٿي سگهيا. ٿر جا مجبور ماروئڙا رَڙندي رَڙندي لاچار ۽ بيوس بڻجي، پنهنجي نياڻيءَ مارئيءَ کي وِساري ويهي رهيا، پر مارئيءَ کي پنهنجا ٿري ماروئڙا اصل نه وِسريا، هُن کي پنهنجي ٿري ماروئڙن جي سِڪ ايڏو ته ستايو، جو ڏينهن رات، صبح شام، روڄ ۽ راڙي ۾ ٿي گذاريائين، ٿري ماروئڙن وٽ هُن جي کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ بلڪل سادي سودي هُئي. عمر بادشاهه مارئيءَ کي کائڻ لاءِ اُوچا اُوچا طعام ۽ پهرڻ لاءِ اُوچا اُوچا لباس پائڻ لاءِ اُوچا اُوچا زيور ۽ هيرا جواهر اڳيان آڻي رکيا، پر ٿر جي سادي سودي نياڻي مارئي، عمر بادشاهه جي اُنهن سڀني شين ڏانهن اک کڻي نهاريو به ڪين ته عمر بادشاهه جون اُهي شيون ڪهڙيون ٿينديون آهن؟ بس مسڪيني هُن جو مڻيو هُئي. ٿر جي هڪ غريب نينگري مارئيءَ جي اخلاق جي بُلندي ڪيڏي نه حيرت ۾ وجهندڙ آهي، جو هي، ”اِيءُ نه مارُن رِيت، جو سَيڻ مَٽائين سَون تي!“ تي بلڪل ثابت قدم رهي، پنهنجي ٿري ماروئڙن جي لوئيءَ جي لڄ رکي. مائيءَ جي قربانيءَ جي لاثاني لَڇڻ کي ڏسي، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪي انسان حق ۽ سچ تي ثابت قدم رهن ٿا، اُنهن جو مددگار خود خدا آهي، جن جو مددگار پاڻ الله بڻجي، ته پوءِ هُو ڪنهن بدنيت ظالم ۽ جابر جي اڳيان ڪنڌ جُهڪائي نٿا سگهن، جهڙيءَ طرح ٿر جي غريب گهراڻي جي غريب نياڻيءَ هڪ وڏي ڌارئي ڌُوتي حاڪم وٽ، اڪيلي سِر ڪوٽ ۾ قيدياڻي هُوندي به، هُن جي دل کي ڪو لوڏو ڪونه آيو، ۽ پنهنجي اِرادي تي ثابت قدم رهي، هيڏي ساري حاڪم جون لوڀ لالچون ۽ دڙڪا دهمان کيس محڪم اِرادي کان هٽائي نه سگهيا، ڀلا هٽائين به ڪيئن! مارئيءَ جي دل جون پاڙون، ملير جي مٽيءَ ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هُيون، ۽ ملير جا ٿري ماروئڙا سندس زندگيءَ جو سرمايو هُئا، اُنهن کي پنهنجي ذاتي لالچ تي وِساري ويهڻ وڏو عيب هو، وڏي لعنت هُئي ۽ وڏي بي شرمائي جهڙي ڳالهه هُئي. هُن سون تي سَيڻ نه مٽائڻ واري قول ڪردار تي قائم رهڻ سڀ کان افضل ٿي سمجهيو، تنهن ڪري جيئن ئي مٿس سُور سختيون ٿي وِڌيون ويون، تيئن هُن ۾ خانداني شرافت ۽ نسلي عظمت نِروار ٿي ٿئي. سندس رَڳن ۾ عزت عظمت، عصمت، غيرت، شرافت ۽ همت جو درياهه اُٿلي ٿي پيو.
عمر بادشاهه، جيڪو سندس حُسن تي موهجي، تڪليف ڪري، کيس ملير مان زوري زبردستيءَ کڻي پنهنجي ڪوٽ ۾ اچي قيد ڪيو هو، ۽ کيس اُهي خواب ڏسڻ ۾ ٿي آيا ته اڄ نه سُڀاڻي، مارئيءَ سان لانئون لهي گهوٽ بڻبس، تنهن جڏهن ڏٺو ته مارئي، مُنهنجي ڏسيل ڪنهن به لالچ لوڀ جي ڦندي ۾ نٿي اچي، تڏهن ڪاوڙ ۾ اچي، ظلم زبردستيءَ جو دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو، اُن وقت مارئي ويچاري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، عمر جهڙي هيڏي ساري حاڪم سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهي، هن سِر جو سانگو لاهي، عمر بادشاهه کي جيڪي چيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ، ملير ڄائي مارئيءَ جي واتان عمر بادشاهه کي جيڪو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اُن جو مطلب هن طرح سان آهي: اي عمر بادشاهه! تو مون کي بيگناهه ديس ۽ ديس واسين کان ڌار ڪري پاڻ وٽ اچي قيد ڪيو آهي، آءٌ، ٿر ۾ پنهنجن مٺڙن ماروئڙن، جهانگيئڙن، سانگيئڙن، سانبيئڙن ۽ ڏوٿيئڙن سان ڏاڍي آزاديءَ واري زندگي گذاريندي هُيس، پر تُنهنجي ڪوٽ ۾ غلاميءَ واري زندگي اصل پسند ڪانهي! تُنهنجي محلن ماڙين، وڳن، چرين، مِٺين ست رَڇين، پلنگ پٿراڻين ۽ ٻين لالچن تي سڄڻ ۽ ساڻيهه وساري ويهي رهڻ کان مون کي موت بهتر آهي! ماروئڙا ۽ ملير وِساري ويهي رهڻ مُنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي، مون کي ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ ڦاسندو نه ڏسي، تو مون تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جي تون اُنهن ظلمن ڪرڻ کان نه ٿو مُڙين ته پوءِ توکي هاڻ اجازت آهي، تون ڀلي مون کي مار ڪُٽ، ظلم زيادتيون ڪر، ايتري قدر جو مُنهنجو چَم چِيري چِيري چَھڪ ڏئي، اُن ۾ لُوڻ وجهي ڇڏ! تنهنجو ظلم مُنهنجي هڏ چم، گوشت پوشت تي هلي سگهي ٿو، پر مُنهنجي دل رُوح تنهنجي وس کان ٻاهر آهن. منهنجي رُوح تي حڪمراني، ٿر ۽ ٿري ماروئڙن جي هلي سگهي ٿي، ٻيو ڪوبه ظالم/جابر منهنجي رُوح تي حڪمراني ڪري ئي نٿو سگهي! منهنجي رُوح کي ٿر ۽ ٿري ماروئڙن کان سواءِ ٻي هنڌ، ڪِٿي به ٽڪاءُ ڪونه ايندو. منهنجي رُوح کي ٿر ۽ ٿري ماروئڙا پسند آهن، جيئن تون ڪرڻ ٿي چاهين، اِئين هرگز نه ٿيندو. تون پنهنجي دل مان اِها خوش فهمي ڪڍي ڇڏ ته، ڪا مارئي تنهنجي داٻي ۾ اچي، پنهنجي نيڪ مقصد تان ڪا هٿ کڻندي، يعني ديس ۽ ديسي ماروئڙن کي وساري منهنجي ٿي، موٽ ويهي رهندي، اها ڳالهه بلڪل اڻٿيڻي آهي، ڇو ته ملير ۽ مارو وساري تو سان شادي ڪري ويهي رهڻ جهڙو ڪِنو ڪم منهنجي بنياد مان، اڳ اصل ڪونهي ٿيو، اُنهي ڪري آءٌ به اهڙو بُرو ڪم ڪانه ڪنديس. آءٌ ديس ۽ ديسي ماروئڙن کي وساري ويهي رهڻ کي نهايت شرم ۽ بي حيائيءَ واري ڳالهه ٿي سمجهان، تون ڀلي مون تي ظلم ڪندو رهه، پر جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين پنهنجي مارُن جي ڏنل ’ٿري مڱيندي‘ جي محبت جي دعويٰ ڪندي رهنديس، تو جهڙي ڌارئي بادشاهه کان مون کي پنهنجو غريب ٿري مڙس ۽ هزارين بلڪ ڪروڙين ڀيرا ڀلو آهي. آءٌ جيئنديس به اُن جي محبت ۾ ۽ مرنديس به اُن جي محبت ۾، تو جهڙا لکين ڪروڙين بادشاهه پنهنجي ٿري مڙس ۽ ٿري ماروئڙن مٿان قربان ڪري ڇڏيان! منهنجي ملير جي مٽيءَ ۽ ملير جي ماروئڙن جهڙو، ڪنهن کي ڪانه ٿي سمجهان.
نيٺ عمر بادشاهه کي مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا، ڀٽائي گهوٽ سُر مارئيءَ جي هن بيت ۾ اسان کي آزاديءَ جي مضبوطي، دلي دليري، يقين محڪم، بي ڊپائي، توڪل ۽ ظالم اڳيان ڪنڌ نه جهڪائڻ جو هڪ سهڻو سبق ڏنو آهي. هي بيت اسان سڀني سنڌي ماروئڙن کي، حق سچ جي راهه تي پهچڻ لاءِ هڪ روشن شمع جو ڪم ٿو ڏئي، پر ائين چوڻ سان ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته پوري ڪائنات جي دُکي انسانن لاءِ شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت ڇوٽڪاري لاءِ هڪ اڪثير جي حيثيت رکي ٿو، هن مان راهه ڀٽڪيلن کي راهه ملي ٿي. هي سچ جي روشنيءَ جو بنياد آهي، جنهن سان وڃايل رستو آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو. شاهه سائينءَ، مارئي جي رُوپ ۾ اسان کي اهو سبق ڏنو آهي ته ڪوبه ڌاريو عمر جو روپ وٺي، مارئيءَ وانگر اسان کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري، ظلم ۽ زيادتيون ڪري، لوڀ لالچون ڏئي، دڙڪا دهمان ڏئي، پر اوهان حق جي راهه [آزادي] تان اصل هٿ نه کڻجو!
[4 فيبروري 1991ع روزاني عبرت ۾ ڇپيل]