تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه عبداللطيف ۽ مذهبي انتهاپسندي

سنڌ جي سر زمين جيڪا تمام فضيلتن ۽ برڪتن واري ڀُونءِ آهي، تنهن ڪيترائي قومي هيرا پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي عملي ڪردار سان تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن، جن جي زندگي مشڪل راهه آهي، اهڙن عظيم انسانن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ به هڪ آهي. شاهه سائينءَ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُهو دَور سنڌين لاءِ غلاميءَ جو دَور هو. سنڌ جا سنڌي حاڪم دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏن ڀَرُو ۽ جي حُضوريءَ ڪرڻ وارا هُئا، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جنهن کي وقت جي مذهب فروش مُلن مولوين مُحي الدين جو لقب ڏنو هو، يعني (دين جو محافظ) اُن دين جي محافظ جي حالت اِها هُئي، جو پنهنجي پيءُ شاهجان کي قيد ڪري پاڻ تخت تي ويٺو هو. وڏي ڀاءُ دارا شڪوه ۽ ٻين ننڍن ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، اُن سان گڏ صوفي سرمد، جيڪو وڏو بزرگ ۽ عظيم انسان هو، تنهن کي به شهيد ڪرايائين، مطلب مُلن مولوين جي هٿ ٺوڪئي (محي الدين) اورنگزيب عالمگير جا هٿ بيگناهه مظلومن جي رت سان رنڱيل هُئا. شاهه عبداللطيف پنهنجي تيز فهم ۽ دُورانديش نگاهه سان ڏسي رهيو هو. اورنگزيب جڏهن وفات ڪئي هُئي، تڏهن شاهه سائينءَ جي عمر 17 سال هُئي، اهڙيءَ طرح 1696ع ۾ جڏهن سنڌ جي غدار جاگيردارن، ڀوتارن، رئيسن، وڏيرن ۽ ميرن پيرن سنڌ جي ڌارئي ڌاڙيل گورنر اعظم خان پٺاڻ سان ساز باز ڪري، وقت جي مذهب فروش مُلن مولوين کان صوفي حضرت شاهه عنايت خلاف فتويٰ وٺي شهيد ڪرايو هو، اُن وقت شاهه سائينءَ جي عمر 28 سال هُئي، ۽ هُو اُهو سڀ ڪُجهه ڏسندو رهيو ته مذهبي ٺڳ مُلن مولوين ڌارئي گورنر ۽ سنڌ جي جاگيردارن، ڀوتارن، رئيس وڏيرن ۽ پيرن ميرن سان مِلي فتويٰ جاري ڪري، شاهه عنايت کي ڪيئن شهيد ڪرايو؟ اِهو سڀ ڪجهه شاهه عبداللطيف پنهنجي اکين سان ڏسندو رهيو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو ته مُلا مولوي ڪهڙي ريت پيٽ ۽ پئسي تي فتوائون ٿا وِڪڻن، ۽ پنهنجي اعزازن جي خاطر خلق خدا کي گُمراهين جي چڪر بازين ۾ ڪيئن ڦاسائي رکن ٿا، ۽ اهڙيون مذهبي ريتون، رَسمون ايجاد ڪري رکيون اٿن، جن جي ڪري ماڻهن جو مرڻو، پرڻو، شادي غميءَ جيڪو ڪجهه به آهي، اُنهن ٺڳن کي کارائڻ پيارڻ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي، اُنهيءَ ڪري جڏهن انساني ڀلائي ۽ اصلاح لاءِ ڪا ڳالهه ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين اُهي مذهبي ٺڳ ٽولي جا ماڻهو، جُبن، دستارن ۾ ويڙهجي، پنهنجن عالمانه فريبازين جا هٿيار کڻي، انساني ڀلائيءَ جو رستو روڪڻ لاءِ اُٿي اڳيان بيهي ٿا وڃن، ۽ اهڙو سانگ کڻي ٿا رَچائين جو دنيا حيران پريشان رهجي ٿي وڃي. صوفي شاهه عنايت واري تحريڪ (جو کيڙي سو کائي) انساني ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ هُئي، جيڪا مُلن مولوين کي نه وڻي، ۽ وڏو سانگ رَچائي ظلم جو ڀرپور ساٿ ڏئي، شاهه عنايت کي شهيد ڪرايائون. هن طبقاتي ۽ قومي جنگ ۾ شهيد ٿيل اڳواڻ صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس پوئلڳ شهيد فقيرن جو ڀٽائي گهوٽ تي وڏو اثر ٿيو ۽ ڏُک جو اظهار ڪندي چيائين ته:

وَيا مور مَرِي، هَنج نه رَهيو هيڪڙو،
وَطن ٿِيو وَري، ڪُوڙن ڪانئيرن جو.
يا
آن ڪي ساٿي ڏِٺَئي، جي مُون ويڙهه وِڃائيا
رُئان رَت مَڃُٺَ، هاڻي تَن هوتَنِ کي.
ڀٽائي گهوٽ ڏٺو ته صوفي حضرت شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ به مُلا مولوي ماٺ ڪري نه ويٺا، هُو سياسي سماجي ڳالهين ۾ هروڀرو به ٽنگ اَڙائي جائز کي ناجائز ۽ ناجائز کي جائز چئي مذهب جي نالي ۾ ظلم ڪندا رهن ٿا، ۽ حُسن اخلاق وڃائي، دين کي نمائش طور پيش ڪندا رهن ٿا، ته جيئن سڀ ڪو سمجهي ته فلاڻو يا فلاڻو وڏو ديندار آهي، وڏو بُزرگ آهي، وڏو ڀلارو آهي، حاجي نمازي ۽ سڳورو آهي، وغيره وغيره. ڀٽائي گهوٽ بار بار مشاهدو ڪري ڏٺو ته مُلن مولوين جي هٺ ڌرميءَ واري مذهب مان، خوف خرابي، ظلم ۽ زيادتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نٿو ٿئي، ۽ هُو تباهي بربادي ڪري رهيا آهن. مُلا مولوي مجاور ۽ ڪانءُ عادتن ۾ ٽيئي هڪجھڙا آهن. شاهه جو مجاور جو اشارو بدنيت پيرن ڏي آهي، ۽ ڪانءُ جو اِشارو فرعون صفت جاگيردارن، ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن ڏي آهي. چوڻي آهي ته ’ڪانءُ کي لُڙ ۾ مزو!‘ جاگيردار، ڀوتار ۽ رئيس وڏيرا به ’ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو!‘ واري اُصول تي ڪاربند هوندا آهن، ۽ مُلن مولوين جو سٽ ۽ پئسن جو حِرس مشهور آهي، جو کين ست رَڇيون ڍؤ تي کارائي، پوءِ ڪنهن حلوي سيري جي کائڻ لاءِ چئبو ته، چوندا ته اورتي ڪريو، جو ثواب خاطر ضرور کائبو، جو مٺو کائڻ سُنت آهي! مجاور جي عادت به ساڳي آهي، سندس ڍَؤ ٿئي ڪونه، ڪنهن قبر واري پير تي روزاني هزارين رُپيا گڏ ٿيندا، ڪيئي قيمتي پَڙ پيا پَوندا، ڦنڊرون پيون ڪُسنديون ۽ ديڳون پيون لَھنديون ۽ چڙهنديون، پر پوءِ به مجاور چوندو، ڪُجهه نه ٿيو اَڃا گهٽ آهي! هِن کان اڃا وڌيڪ اچي ته سُٺو ٿئي ها! ڪانءُ جي ڪِرت به ساڳي آهي، سُٺو کارائي شهد شُڪر جي وَهندڙ ندين تي ويهاري ڇڏبو، ڀرسان ڪنهن برتن ۾ ڪا غليز شيءِ وِجهي ڍَڪي رکبي ته ڪانءُ اُن جو ڍَڪ لاهي، اُن گند ۾ چُهنب ضرور ٻوڙيندو! ڇاڪاڻ ته هُو عادت کان مجبور هوندو آهي، جاگيردار ڀوتار ۽ رئيس وڏيري جو حِرس به ساڳيو هوندو آهي، هُو چاهيندا آهن ته هر شيءِ اسان وٽ هُجي! اهڙين حالتن کي ڏسي شاهه سائينءَ کي چَوِڻو پيو ته:
مُلو، مُجاور، ڪَانءُ، ٽيئي اکر هيڪڙي،
هو سيڱ نه وڃي سامهون، هو نينهن نه ڳِنهن ناءُ،
جِت گُرڙ سندو گانءُ، تت ڪُنڌا ڪوئين ڪنڌ کي.
بس شاهه سائينءَ جو ايترو چوڻ ۽ مُلن مولوين ۽ پيرن جي وَٺ وٺان ٿي، وئي، چيائون، ڇا جو شاعر؟ ڇا جو صوفي فقير؟ هي ته بنهي خارج اسلام آهي، جو مُلن مولوين ديندارن بُزرگن ۽ سڳورن جي پونئيرن، ٻُهاريدارن، مُجاورن کي ڪانءُ جهڙي ڍونڍ کائڪ حرام پکيءَ سان مِلائي مشابهت ڏئي، کين بُرو ڀلو بدشد ڳالهايو اٿس، کين وات ۾ هَڏي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ڌڻيءَ جي در تان ڌِڪارجي ۽ تڙجي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس. هن بزرگن، ڀلارن ۽ سڳورن جي وات ۾ هڏي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي! هن ته ڀلارن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي! هي ته شرافت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويو آهي! ابول! ظلم ٿي ويو! بس اُن وقت جي ظاهر پرست مُلن مولوين گادي نشينن، پيرن شاهن ۽ مجاورن جي دانگي ڀڄي پئي، چؤطرف وٺ پڪڙ ٿي وئي، ڪُفر جون فتوائون جاري ٿي ويون، سڀئي مفت خور مڪار، ٺڳ ٽولي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ سڀئي فريبڪارين جا هٿيار کڻي شاهه سائينءَ جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا، چيائون ته ظلم ٿي ويو، شاهه ڀٽائي اسلام ۽ اسلامي ماڻهن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، کيس ڦاسي تي لٽڪايوس! ڪِن چيو ته وِجهوس ڪاٺ ۾ ته خبر پويس! ڪِن چيو ته سنگسار ڪريوس! ڪِن چيو ته يار مست ملنگ آهي، ڇڏيوس! ڪِن چيو ته هُو مجذوب آهي، مُلو، مُجاور، ڪانءُ ڪِن ٻين شين ڏي اشارو آهي وغيره وغيره. اڃا انهيءَ ڳالهه جي ماٺار مس ٿي، ڀٽائي گهوٽ ڏٺو ته ڌارين جي اِشاري تي ساڳيا ئي مُلا مولوي هڪ رِٿيل منصوبي تحت ٽولا ٺاهي، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهجي پيا آهن ته جيئن هُو سنڌي ماڻهن جي ذهني سُجاڳي ۽ آزاديءَ جي اُڀرندڙ جذبي کي ختم ڪري، کين سُست بيڪار ۽ ڪمزور بنائي ڇڏين. اهڙن مذهبي ٺڳن پنهنجي چالبازي، مڪاري ۽ منافقيءَ سان مذهب جي نالي ۾ سنڌي قوم کي بيوقوف بنائي، هنن کي مذهبي فرقي پرستي، ذاتين، قبيلن جي بنياد تي گروهه بنديون ڪرائي، ماڻهن ۾ هڪٻئي جي خلاف نفرتن جو ٻِج پوکڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو، هُو هڪٻئي جي خون جا پياسا بنجي ويا، اُنهن مذهبي ٺڳن اُهو ٻڌايو ته هندو ڀيل، ڪولهي، باگڙي، مينگهواڙ، اوڏ، جوڳي، شڪاري، هڏڙواڙ وغيره ڪافر آهن، اُهي مذهب اسلام جي خلاف آهن، تنهن ڪري اُنهن سان لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، اُنهن سان واسطو رکڻ يا ڀلائي ڪرڻ ڏوهه آهي، ايتري قدر جو اُنهن کي هٿ ٿو لڳي ته ماڻهو پليت ٿيو وڃي، تنهن ڪري اُنهن پليتن کان پري ڀڄجي، اُنهن سان ڪو واسطو نه رَکجي! مُلا مولوي مشائخ، پير، شاهه ۽ مُجاور وغيره اُنهن جا ظاهر ۾ لَڇڻ ڪيترا به بُڇڙا ڇو نه هُجن، پر پوءِ به عام ماڻهن کان ڀلارا ۽ سڳورا آهن، ڇو ته ڀلارن بُزرگن جو اولاد آهن. مير بحر، مهاڻا، ماڇي، مڱڻهار، ڪوري، موچي، سوچي، لوهار، ڪنڀار، ڌوٻي، ٻالا ۽ شيخ وغيره گهٽ ذات آهن، پير، پيرزادا، حمزي جو اولاد، ٻروچ اُوچي ذات آهن، سندن اخلاق ڪيترا به بُڇڙا، بيحيائي، بدمعاشي وارا هُجن، پر پوءِ به هُو اُوچي ذات وارا آهن. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اُوچ نيچ، ذات پات واري انساني اُصولن ۽ قدرن جي پيالي ڏسي، شاهه سائينءَ کي اُن جو ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ کيس ماٺ ڪانه آئي. مُلن مولوين جي اَجاين سجاين ڳالهين تي اعتبار ڪري انسان دشمنيءَ وارا عمل ڪندڙن کي سمجهائيندي چيائين ته هُو دنيا جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهن، هنن دنيا تي دين وِڪرو ڪري، پاڻ کي حق کان خالي ڪري ڇڏيو آهي، اُنهن کي مُلا مُلا چئو، هُو اهڙا شڪار ڪندڙ آهن، هو مرونءَ جي ماس تي ماڻڪن جو سودو پيا ڪن، اهڙن مذهب فروش مُلن تي لعنت هُجي، اهڙن مُلن مولوين لاءِ مرشد لطيف اِجهو هن طرح فرمايو آهي ته:
مُلا مُلا مَ چَئو، هُو آهيڙِي آهِين،
مِرونءَ سَندي مَاهَه تي، ٿا ماڻڪ مَٽائين،
اُنهن تي آهِين، لَعنتُون لطيف چَئي.
يا
ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَرين کِير نَه چَکِيو،
دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلهَا ٿِيا.
بس پوءِ ته وري نئين سِر ٻارڻ ٻَري ويو، وٺ وٺان شروع ٿي وئي، ته شاهه لطيف ڪهڙي قسم جو صوفي فقير آهي، جو بزرگن کي گهٽ وڌ ڳالهائي، مٿن لعنتون پيو وِجهي! هي ته اسلام ۽ اسلامي ماڻهن جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، هي ڇا جو صوفي فقير آهي، هي ته بنهه مارڻ جهڙو آهي، هن کي درويش صوفي فقير چوڻ ئي ڏوهه آهي، هي ته وڏو بغاوتي ۽ فسادي آهي ۽ ديندارن جو دشمن آهي، نه ڇڏيوس، پڪڙيوس، ماريوس، جو عالم سڳورن جي شان ۾ گُستاخي ڪري کين گهٽ وڌ ڳالهايو اٿس، کين آهيڙي (شڪاري) چيو اٿس. اڙي ظلم ته ڏسو، هنن لاءِ چوي ٿو هُو مِرونءَ جي ماس تي ماڻڪ ٿا مَٽائين، اڙي قيامت اچي وئي، هُو چوي ٿو ته مُلا مولوي سوئر جو گوشت ماڻڪن تي خريد پيا ڪن، توبهه توبهه اهڙو ڪُوڙ، وري اُنهن تي لعنتون پيو ٿو وجهي. اڙي! آهي ڪو، جو هِن دين جي دُشمن کي سمجهائي، ابول! قيامت اچي وئي، اڙي! هي ته نئين نسل کي بِگاڙي تباهه ڪندو، ابول! ڀينگ ٿي وئي، ظلم ٿي ويو، پوءِ ڀٽائيءَ گهوٽ کي هڪڙي شهر کان ٻئي شهر تائين نيڪالي ملي، آخر اُتي به کيس ويهڻ ڪونه ڏنائو، ۽ مجبور ٿي کيس جهنگ مُنهن ڪرڻو پيو ۽ عام ماڻهن جي نظر کان ڪجهه وقت لاءِ غائب ٿي ويو. شاهه سائين مذهبي ڪٽرپڻي تعصب پرستي ذات پات، اُوچ نيچ جي پليتيءَ کان بلڪل پاڪ صاف هو، سندس علم، فهم، فڪر ۽ فلسفي ۾ هن جو ڪوبه مَٽ ڪونه هو، آهستي آهستي جهنگ ۾ به سندس محبتي ماڻهن کيس ڪونه ڇڏيو، ماڻهن جو هي حال هو جو:
ڪُوڙين ڪَن سَلام، اَچِي آسَڻُ اُن جي.
عام ماڻهو شاهه سائينءَ کي سچو سمجهڻ لڳا، اُن ڪري ئي ظاهري طرح مُلا مولوي ۽ ٻيا مخالف کيس ڪوبه نقصان پهچائي نه سگهيا، باقي ڳُجهه ڳوهه ۾ هُنن وسان ڪين گهٽايو، ڪڏهن سرديءَ کان بچڻ لاءِ معجون ۾ زهر ملائي ٿي ڏنائون ته ڪڏهن وري چڙهڻ لاءِ خطرناڪ ٽاهڙ گهوڙي ٿي ڏنائون، چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي! مُلن مولوين، جاگيردارن، ڀوتارن ۽ حاڪمن گڏجي گهڻو ئي ڪجهه ڪيو، پر شاهه سائينءَ جو وار به ونگو ڪري ڪونه سگهيا. ڀٽائي گهوٽ جي به مُلن مولوين جي چُر پُر تي خاص نظر هُئي، هُن ڏٺو ته هو هڪ طرف مذهب جي اڳواڻي ڪندي، پاڻ کي حق سچ جا پيروڪار چَوِرائي رهيا آهن. ٻئي طرف هر ظالم جابر جي حمايت لاءِ مذهب جي غلط تشريح ڪري اُنهن جا ٻانهن ٻيلي بڻجي، انسان دشمني ڪري رهيا آهن. هُن اهڙن مذهب فروش مُلن مولوين کي پاراتا ڏيندي چيو ته: اي مُلا! ’تُنهنجي شل ماءُ مري ۽ تُنهنجو پتو سندس پيٽ ۾ ئي ڦِسي پوي! ڇاڪاڻ ته حقيقت کي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ به تون ڌوڙ ٽُٻي هڻي ناحق جي طرف هليو ٿو وڃين!‘ ڀٽائي گهوٽ اهڙن حق سچ جي انڪاري مُلن لاءِ هن ريت ننديوآهي ته:
مُلا مَرَئِي مَاءُ، پِتو ڦِسي پيٽ ۾،
اَکين ڏِسي اَلله، ٽُٻي هَڻي ڌُوڙَ ۾.
مرشد لطيف مذهب جي نالي انسان دشمنيءَ واري مُلائپ واري عمل کي نهايت نفرت جي نگاهه سان ڏسي، اُن کي ننديو آهي، مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سِطحي طرح نه، پر يقين ۽ بصيرت سان نرت ۽ سُرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه روش ۽ والهانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، ايمان جي ڪيفيت کي زباني علم گوءِ هجڻ اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي، اها علم گوءِ دل ڪهڙي ڪم جي! جا دل دغا، فريب، ٺڳي ۽ دوکي سان ڀريل هُجي، شِرڪ شيطان منجهس خيما کوڙيو ويٺو هُجي، انسان حيات ۽ ڪائنات جي حقيقت ۽ رازن جو ڪو احساس ئي نه هُجي، پر مُرڳو انسان ذات لاءِ دل ۾ دغا فريب، مڪر ۽ نفرت هُجي، اهڙي مسلمان کي مرشد لطيف مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: ’تون رڳو منهن ۾ مسلمان آهين، پر تنهنجي اندر ۾ بت تراش آزر ويٺو آهي، جيڪو چارئي پهر ويٺو دغا، فريب، مڪر، ٺڳي، نفسانيت، خيانت، بدمعاشي ۽ بُڇڙائي جا بُت ويٺو گهڙي، تُون رڳو زبان سان وڏا وڏا ڪلما پيو پڙهين، وڏو وات ڦاڙي ذڪر ٿو ڪرين ته جيئن ماڻهو توکي نيڪ سمجهن، پر حقيقت ۾ تُون اُنهن بُتن جي پوڄا پيو ٿو ڪرين!‘ مرشد لطيف اهڙن مڪريل ملن لاءِ فرمايو آهي ته:
اُن پَر نَه اِيمَانُ، جي ڪلمي گو ڪوٺائين،
دَغا تَنهنجي دِل ۾، شِرڪ ۽ شَيطَانُ،
مُنهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آزر آهين!
يا
مُنهن ۾ ته موسيٰ جهڙو، عادت ۾ اِبليس،
اهڙو خام خبيث، ڪَڍي ڪوهه نه ڇَڏيين!
سنڌ اندر ڀٽائي گهوٽ جي دَور کان وٺي هي مشهور آهي ته، مُلا مولوي مرشد لطيف جا پِٽيل آهن، اڄ به ڪو چندي خور ۽ مذهب فروش مُلا مولوي ڪٿان ڪو سڻڀو ٽڪر کائي نذرانو وصول ڪري، رياڪار بڻجي حق کي ڇڏي، ناحق جو ساٿ ڏيندو آهي، يا بهشت جا دلاسا، دوزخ جا دڙڪا ڏئي، پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، يا وري مذهبي نفرتون پيدا ڪري ماڻهو ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪيترا ماڻهو مرشد لطيف جا لفظ ورجائي چوندا آهن ته:

مُلا ناءُ موليٰ جو، آخوند سڀ انڌا،
لاهي ڇَڏ لَطيف چَئي، تِن کَاڻِين جَا کَنڌا،
اُهي اَنڌائي اَنڌا، پِٽين پيرايو ڪِينڪِي!

[روزاني جاڳو ڪراچي، جمعو 30 جون 1997ع ۾ ڇپيل.]