تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه سائينءَ جو ديسي دلالن خلاف جهاد

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين!
شاهه سائين جي رسالي جي هر هڪ سُر ۾ مضمون جي خيال سان ڪانه ڪا حق سچ جي هدايت ۽ ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، ڪنهن نه ڪنهن اُونهي اسرار ۽ رُوحاني راز جو پيغام سمايل آهي. سندس جدوجهد جا ڪَئين رُخ آهن، ڪيئي موڙ آهن، هن وقت اسان ڪهڙين حالتن مان گُذري رهيا آهيون، اسان کي ڪهڙي قسم جي جدوجهد ڪرڻ کپي، اُنهي کي هر زي فهم، باضمير ۽ باغيرت ماڻهو سمجهي ٿو، ڄاڻي ٿو، پر پوءِ به ذهني تازگيءَ لاءِ آءٌ شاهه سائينءَ جي ٽن قسمن جي جدوجهد تي روشني وجهندس.
 سنڌ ۾ ڌارين ڌاڙيلن خلاف جدوجھد
 سنڌ ۾ ديسي دلالن خلاف جدوجھد
 مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جدوجھد
شاهه سائينءَ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُن وقت جو دَور سنڌين لاءِ نهايت دهشتزده ۽ غلاميءَ جو دَور هو، سنڌ جا سنڌي حاڪم دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏَن ڀَرُو ۽ جي حُضوري ڪرڻ وارا هُئا، ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ تي جڏهن نادر شاهه دراني حملو ڪيو ۽ نسوار خور لالن جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر سنڌ ۾ ڪاهجي پيو ۽ سنڌ جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو سنڌي قوم کي اڪيلو ڇڏي، پاڻ اُٺ پکيءَ وانگر ڀڄي وڃي ريگستاني علائقي ۾ لِڪو، سنڌ جي هر شيءِ ڌارين حوالي ٿي وئي، جن سنڌين جي مال ملڪيت کي خوب لُٽيو، ساڙيو، تباهه برباد ڪيو. شاهه سائين پٺاڻن جي لشڪر کي گُهمندي ڦِرندي سنڌ ڀيليندي ڏٺو، جنهن جو کيس گهڻو ڏُک ٿيو ۽ هُو نور محمد ڪلهوڙي وانگر مصيبت وقت سنڌي قوم کي اڪيلو ڇڏي ڀڄڻ بجاءِ، پنهنجن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال کڻي، سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو ۽ سنڌين کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو ته: سنڌيو! اُٿو سُجاڳ ٿيو، اوهان کي ايتري ننڊ ڪرڻ نه گُهرجي، ڇاڪاڻ ته آزاديءَ واري نعمت ننڊ ڪندي حاصل ڪانهي ٿيندي! اُن وقت سنڌ جا اڪثر وڏن ماڻهن خوف ۽ لالچ ۾ اچي، ڌارين جا دلال بنجي، اُنهن جي اڳيان اچي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي، ڌارين وٽ سُرخرو ٿيڻ ۽ پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي، جيئن اڄ ڪلهه ڪي وائڙا وائڙپ جو شڪار بنجي، هرو ڀرو به ڌاري ٻوليءَ ڳالهائيندا آهن، اُن وقت شاهه سائين کين ننديندي چيو ته اي سنڌيو! خبردار ٿيو، اوهان خود مطلبي، چاپلوسي ڇڏي ڏيو، خدا اوهان کي پنهنجي سنڌي زبان بخشي آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، جيڪا ادب، اخلاق جي زيور سان سنواريل سينگاريل آهي، اوهان جي مائُرن انهيءَ زبان ۾ اوهان کي لوليون ڏئي ننڊون ڪرائي وڏو ڪيو آهي، اُها زبان اوهان جي بزرگن وڏڙن جي زبان آهي، حيف آهي اوهان جي حال تي، جو اوهان پنهنجن بزرگن ۽ پنهنجي امڙ سنڌ جي زبان کي ڇڏي، پارسي زبان ڳالهائڻ شروع ڪئي آهي! خبردار! جي اوهان پنهنجي سنڌي زبان ڇڏي، سنڌ تي ڪاهي ايندڙ، ڌارين ڌاڙيلن جي پارسي زبان سِکي ته پوءِ ائين سمجهو ته اوهان غلامي قبول ڪري ورتي آهي، جيئن اُڃايل پاڻي گُهرندو ۽ بُکيو ماني گُهرندو آهي، پر ڪي اُڃ بُک هوندي به ڪنهن کان ڪُجهه نه گُهرندا آهن ۽ خاموش هوندا آهن، ڪنهن جي اڳيان محتاج نه ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو ئي خاص سمجهيا ويندا آهن، جيڪي ’ڀلي بُک ڀَرم جِي شَال نَه وَڃي شَان!‘ تي قائم رهندا آهن، اهڙين حالتن ۾ شاهه سائين اُن وقت جي سنڌي ماڻهن کان وٺي، هن وقت جي سنڌي ماڻهن جي رهنمائي هن طرح ڪندي فرمايو آهي ته:
تو جي سِکيو پارسي، گولو توءِ غلام
اُڃيو تان آب گُهري، بُکيو تان طعام،
اي عامين سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي!
سنڌ تي ڌارئي ڌاڙيل جي حملي ڪري، سنڌ کي وڏو ڇيهو رَسيو، انهيءَ سياسي سماجي ردوبدل، اُٿل پُٿل ۽ ڌارين جي ڦُرلُٽ سبب سنڌ ۾ ڏُڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون، سنڌي بُکن ڏُکن ڏوجهرن جو شڪار ٿي ويا. شاهه سائينءَ جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ اَمر پِريم جي خوشبوءِ هُئي، هُو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل هو، ٻولي توڙي احساس ۽ جذبن ۾ سنڌي قوم جي وڌيڪ ويجهو هو، تنهن هن پسمنظر کي چڱي ريت پرکي پروڙي ڏِٺو، سندس دل ۾ درد دُکڻ شروع ٿيا ۽ اُهي هنڌ، اُهي ماڳ مڪان رُوبرو وڃي ڏٺائين، جتي ڌارين جي لشڪر تباهي بربادي ڪئي هُئي، مار ڌاڙ ڪئي هُئي، ڦُرلٽ ڪئي هُئي، ظُلم زيادتي ڪئي هُئي، مرشد لطيف سنڌ جي چپي چپي وِک وِک وستي واهڻ شهرن بازارين کي گُهمي ڏٺو، پنهنجي سنڌي قوم کي ڏکويل حال ۾ ڏسي پاڻ به ڏاڍو دُکي ٿيو ۽ انهيءَ درد جون دانهون ڪندي چيائين ته: افسوس! جو سنڌي ماڻهو ڌارين جي غلاميءَ ۾ اچي ويا آهن، سندن سُک ۽ آرام تباهه ٿي ويو آهي، هُو بُکن ڏُکن ڏولاون جي وَر چڙهي ويا آهن، سندن ٻنيون ٻارا تباهه ٿي ويا آهن، سندن شهرن جون بازاريون بند ٿي ويون آهن، رونقون ختم ٿي ويون آهن، وڻج واپار ٺپ ٿي ويو آهي، چئو طرف سُڃ واڪا پئي ڪري، نه ڪا وونئڻن ۾ ڪپهه رهي آهي، نه ڪتڻ واريون رهيون آهن، ڪپڙي جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن، واپار بند ٿي ويو آهي، سنڌي قوم جي اهڙي تباهي کي ڏسي منهنجو هينئون جهڄي لُوڻ وانگر ڳري رهيو آهي، اُنهيءَ وقت جي تباهي جا منظر مرشد لطيف هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
نَه سي وونئِڻ وَڻَن ۾، نَه سي ڪَاتارِيُون،
پَسِئو بَازارِيُون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي!
 مرشد لطيف جو سنڌ جي ديسي دلالن خلاف جهاد!
شاهه سائين ڏٺو ته ڌاريا ته ڌاريائي آهن، اُنهن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان دشمني جي ڪهڙي ميار ڏجي، ڇو ته هُو ڌاريا آهن، اُهي اسان جا ڪڏهن به سڄڻ يا مائٽ نه ٿا ٿي سگهن، اُهي اسان جا بدخواه ئي رهندا، پر سنڌي قوم مان ڌارين جا دلال بنجي ويل، جيڪي اسان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر مس آهن، پر مڪاري منافقي ڪري قومي مفادن کان هٽي ڪري، ذاتي مفادن کي مِٺو ڪري، ڌارين جي دلاليءَ سان طاقتور بنجي ويا آهن، اوهان جيڪي به ڪُجهه آهيو، سو پنهنجي سنڌيءَ جي وجود جي ڪري آهن، اُهي ئي اوهان جي اصل طاقت آهن، اُنهن جي صدقي ئي اوهان جو نالو آهي، سنڌي غريب قوم جا ماڻهو ئي اوهان جا بازو آهن، اُنهن تي ظُلم ٿا ڪريو، ڄڻ اوهان پاڻ تي ظُلم ٿا ڪريو! اي هچارؤ! اوهان سنڌي قوم سان غداريون ڪري، سڄي سنڌ کي ڌارين جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي تباهه برباد ڪيو آهي، اوهان هميشه چالاڪي ۽ چاپلوسيءَ سان حيلا بهانا سوچي رهيا آهيو ته پنهنجي سنڌي قوم کي ڪهڙي نالي سان ڌوڪو ڏئي، ذاتي مفادن خاطر خواهشن جي ٽِياس تي لٽڪائي، ذِلت ۽ غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڌارئي حاڪم کان پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪريون، اُن وقت جي دلالن کان وٺي، اڄ ڏينهن جي دلالن کي شاهه سائين پِٽون پاراتا ڏيندي چيو ته، اي قوم جا غلام، تُون مانگر مڇ وانگر ٿُلهو ٿيندو، پنهنجن کي پيو مارين تباهه ڪرين، پر ياد رک جنهن پاڻي جي زور تي (ڌارين جي ٽيڪ تي) تُون آهين ۽ سمجهين ٿو ته اُهو پاڻي سدائين هوندو، (سدائين ڌارين جي ٽيڪ تي هوندس پر ياد رک اُهي ڌاريا جلد ختم ٿي ويندا ۽ اُنهن سان گڏ تُون به ختم ٿي ويندين! انشاءَ الله. مرشد لطيف قديم ترين قوم دشمن کان وٺي، اڄ جي جديد ترين قوم دشمن لاءِ هي پيغام ڏيندي چيو آهي ته:
هِي مُنهن ڏَئي ٻن، تُون وِهُه کَائِي نَه مَرين،
تَان جي مَلير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
پوءِ تُون ڪِيئن مَنجَهان تن، پَاڻ ڪوٺائين مَارئي!
يا
مَتو آهين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هَڻين،
تَو جَا ڀَانئين اَڇ، تَنهن پَاڻِي پُنا ڏِينهَڙا.
 شاهه سائينءَ جو مذهبي دلالن خلاف جهاد!
شاهه سائين ڏٺو ته ڌارين ڌاڙيلن جي اِشارن تي ڪيئي پيٽ پرست، مذهب فروش مُلا مولوي جُبن ۽ دستارن ۾ ويڙهجي سيڙهجي، هڪ رِٿيل منصوبي تحت، ٽولا ٺاهي، سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن ته جيئن سنڌي ماڻهن جي ذهني سُجاڳي ۽ آزاديءَ واري اُڀرندڙ جذبي کي ختم ڪري، کين مذهبي مَن گهڙت ڳالهين ۾ ڦاسائي، سُست، بيڪار، ڪانئر، ڪمزور، رُڳو قصا ۽ قسمت جهڙين ڳالهين تي ڀاڙي ويهي رهڻ جو عادي بنائي ڇڏجي! اُنهن مذهبي ٺڳن پنهنجي چال بازي ۽ مڪاريءَ سان مذهب جي نالي ۾ سنڌي قوم کي بيوقوف بنائي، کين مذهبي فرقي پرستي، ذات پات، اُوچ نيچ ۽ قبيلن جي بنياد تي گُروهه بنديون ڪرائي، سنڌي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نفرتن جو ٻج ڇَٽڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو هڪڙي قوم جا ماڻهو، مذهب ۽ فرقي پرستيءَ جي بنياد تي هڪ ٻئي جي خوف جا پياسا بنجي ويا هُئا، اُنهن ڌارين جي مذهبي دلالن اِهو ٻُڌايو ته هندو، ڀيل، ڪولهي، باگڙي، مينگهواڙ، ڪڇي، اوڏ، جوڳي، هڏواڙ، شڪاري وغيره ڪافر آهن، اُهي مذهب اسلام جي خلاف آهن، تنهن ڪري اُنهن سان سياسي سماجي لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، اُنهن سان ناتو واسطو رکڻ يا ساڻن ڀلائي ڪرڻ ڏوهه آهي، ايتري قدر جو اُنهن کي هٿ ٿو لڳي ته ماڻهو پليت ٿيو وڃي، تنهن ڪري اُنهن پليتن کان پري رهجي، اُنهن سان ڪوبه واسطو نه رکجي، مُلا مولوي، پير مير، شاهه، مجاور اُنهن جا ظاهر ۾ لَڇڻ ڪيترا به خراب ڇو نه هُجن، پر پوءِ به هُو عام ماڻهن کان ڀلارا، سڳورا ۽ پاڪ پوٿي آهن، ڇو ته هُو ڀلارن بُزرگن جو اولاد آهن، جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرن مان هر هڪ ڪيترن ئي اوليائن جي طاقت ٿو رکي، اُنهن جي عزت ڪرڻ ضروري آهي! ميربحر، مهاڻا، ماڇي، مڱڻهار، ڪوري، موچي، لوهار، ڪنڀار، واڍا، ڌوٻي، شيخ، ٻالا، وغيره گهٽ ذات آهن، شاهه ٻروچ اوچي ذات آهن، سندن لڇڻ ڪيترا بُڇڙا، بيڪار، بي حيائي، بي شرمائي وارا هُجن، پر پوءِ به هُو اُوچي ذات وارا آهن. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي اُوچ نيچ ۽ ذات پات وارن انساني اُصولن جي پائمالي کي ڏسي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته:
راڻي وَٽان رَات، مُون کي نَئون نِياپو آيو،
لَڌي سُون لطيف چَئي، ڪَنان ڏاتر ڏَات،
ڪونه پُڇي ٿو ذات، جي آيا سي اَگهيا.
هونءَ به اهو دَور سنڌ جي غلامي، بُک، بدحالي وارو دَور هو، اُن وقت جا مُلا مولوي سڻڀي ٽُڪر پيٽ ۽ پئسي تي وِڪامجي طاقتور ماڻهن جي طرفداريءَ ۾ هليا ويا، ٿيو ائين جو اتحاد جي جڳهه تي تعلق اچي ويو ۽ محبت جي جاءِ تي نفرت اچي وئي، مُلن مولوين جي اهڙين حالتن مذهبي ڪٽرپڻي ۽ ذات پات واري نفرت سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني هُئي، اهڙين حالتن تي مرشد لطيف ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، مُلن مولوين جي آجيان ۽ فرسوده هٿ ٺوڪين ڳالهين تي ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، کين شرمائيندي چيائين، اي مُلئو! هي وقت هن ڳالهه کي ڏسڻ جو بلڪل ڪونهي، ته ڪو نماز پڙهي ٿو يا نٿو پڙهي، يا هٿ ٻڌي ٿو پڙهي يا کولي ٿو پڙهي؟ ماڻهو روزا رکن ٿا، يا نٿا رکن، ڏاڙهيون ڊگهيون ٿا رکن يا ڪوڙائين ٿا؟ بهشت يا دوزخ جا قائل آهن يا نه؟ مُلن مولوين جا واعظ تقريرون ٻُڌن ٿا يا نٿا ٻُڌن؟ مُلن مولوين کي دعوتون کارائين ٿا ۽ کين نذر نياز چندا چوڙيون ڏين ٿا يا نٿا ڏين؟ وغيره وغيره جهڙين ڳالهين کي ڇڏي هن وقت اِهو ڏسڻو آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڌارين جي غلاميءَ واري مصيبت مان ڪيئن ڇڏائجي؟ سنڌي ماڻهن جو ڇا حال آهي؟ مرشد لطيف کي بلڪل معلوم هو ته سنڌ جا ماڻهو مُلن مولوين جي انڌي تقليد جي ڪري مصيبت جي مُنهن ۾ اچي ويا آهن، سوچيائين ته:
ذات ناهي ڏات، جو وَهي سو لَھي!
مرشد لطيف جو چوڻ هو ته اسان سڀئي انسان برابر آهيون، اهو ضروري ناهي ته اُوچي ذات وارو اعليٰ حيثيت رکي ٿو ۽ گهٽ ذات وارو نيچ آهي! اسان آدم جي نسبت سان بلڪل برابر آهيون، انسان دشمني وارو عمل خراب آهي، جي مُلا مولوي اِهو عمل ڪن ٿا ته اُن کي خراب سمجهيو وڃي، هو ته دنيا جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهن، اُنهن دنيا تي دين کي وِڪرو ڪري، پاڻ کي حق کان خالي ڇڏيو آهي، اُنهن کي مُلا مُلا نه چئو هُو ته آهيڙي (شڪاري) آهن، مذهب ته انسان ذات کي پاڻ ۾ پيار، محبت سان رهڻ جو درس ڏنو آهي ته پوءِ هي مذهبي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ مذهب اسلام پنهنجي تعليم جو بنيادي اُصول انسانيت تي قائم ڪيو آهي! شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته هاڻ اُهو دَر نه رهيو آهي، جو خدا کي انسانن وِرهائي رکيو هو، اڄ جو خدا هندن جو به ساڳيو آهي ته مسلمانن جو به ساڳيو آهي، هن جي روشني هر انسان لاءِ برابر آهي، هن جي حُسن جو جلوو ڪُل ڪائنات جي هر شيءِ ۾ موجود آهي، ڪائنات جي نبض ۾ گرم خون وانگر ڊوڙي رهيو آهي، گويا هڪ مرڪز ۾ اچي ماضي حال مستقبل سڀ هڪ بنجي ٿا وڃن، چؤطرف تون ئي تون! يعني جيڏانهن ڪر نگاهه، تيڏانهن سڄڻ سامهون آهي! اهو سڄڻ، اهو مالڪ مسجد، مندر، ڪليسا، چرچ تائين محدود ناهي رهيو، هاڻ اُن کي فطرت جي وصيت ۾ تلاش ڪيو وڃي، هر دل جي اندر سندس آستانو سمجهيو وڃي ته پوءِ نفرت ڇا جي؟ مرشد لطيف بار بار مشاهدا ڪري ڏٺو ته مذهب فروش، فتويٰ باز ۽ فتني باز مُلن مولوين ذاتي مفادن ۾ ظُلم جو ساٿ ڏئي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خونريزي ۽ بدامني، مذهب جي نالي ۾ ڪرائي آهي، هن جو خيال هو ته هي وقت دوزخ جي دڙڪن ۽ بهشت جي دلاسن جو ناهي! هي وقت دستارن ۽ جُبن ۾ ويڙهجي وڏيون تسبيحون هٿ ۾ ڪري، ممبر تي ويهي، رُڳو معجزن ۽ ڪرامتن جا داستان ٻُڌائي، مُريد خادم وڌائي، چهريون، مِٺيون، سَڻڀيون مانيون کائڻ ۽ چندي وٺڻ جو ناهي! اهڙي قسم جو مذهب اسان جي ڪابه مدد يا رهبري ڪري نه ٿو سگهي، اي مُلئو مولويو! اوهان کي گُهرجي ته عملي طرح امن امان پيدا ڪري، عام انسانن سان ڀلائي ڪريو، اِهو نه سوچيو ته ڪير هندو آهي، ڪير مسلمان! ڇاڪاڻ ته خدمت خلق افضل عبادت جو نالو آهي! تڏهن ته پاڻ هڪ هنڌ واضح ڪندي فرمايو اٿس ته:
روزا نِمازُون، اِي پڻ چَڱو ڪَمُ،
اُهو ڪو ٻِيو فَهم، جنهن سان پَسين پِرينءَ کي.
پرينءَ جي پسڻ لاءِ شاهه سائينءَ جو اِشارو، انسانيت جي بهتري طرف آهي، مذهب جي نالي ۾ مُلن مولوين جي انسان دشمنيءَ واري عمل کي ننديو اٿس، مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سطحي طرح سان نه، پر عقيدت ۽ بصيرت سان عزت ۽ سيرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه رَوش ۽ والھانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، هُو ايمان جي ڪيفيت کي رُڳو زباني ڪلمي گو هُجڻ، اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر بلڪل نٿو سمجهي. مرشد لطيف حق جي انڪاري ملن لاءِ چيو آهي ته:
مُلا مُلا مَ چَئو، هُو آهيڙِي آهِين،
مِرُون سَندي مَاس تي، ٿا مَاڻڪ مَٽائِين،
اُنهن تي آهِين، لَعنتُون لَطيف چَئي.
-
ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَريل کِيرنه چَکيو،
دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلھَا ٿِيا!
يا

اِن پَر نَه اِيمان، جي ڪَلمي گو ڪوٺائين،
دَغا تَنهن جي دِل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مُسلمان اَندر ۾ آزر آهِين!
-
اَندر ڪَارو ڪَانءُ، ٻاهر ٻولي هَنج جي،
اهڙو ٺهلو ٿانءُ ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين!

[روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 25 مارچ 2005ع ۾ ڇپيل]