سچل سائين پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي آئيني ۾
لانفي جو ڪَلمو، مُون کي مُرشد پاڻ پَڙهايو،
نَابُودي جي نَشي اَندر، ستگر سير ڪرايو،
هٿيو ڏئي همت وارو، سارو بار کڻايو.
خواجا عبدالحق جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پُٽ سخي قبول محمد پيءُ جي گادي سنڀالي ته سچل سائين هن جي شفقت هيٺ رهيو، اهڙيءَ طرح پنهنجن بزرگن جي پرورش هيٺ رهڻ ڪري، هُو پنهنجي دَور جو وڏو عالم، صوفي، تصوف جو شهنشاهه، حقيقت ۽ معرفت جي رمزن جو راڻو ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان بُلند و بالا هو، هُو هڪ اهڙو صوفي بنجي ويو، جيڪو ’لَڪُم دِينڪُم وَليَ الدِين‘ جو عملي پيروڪار هُئڻ سان گڏ واصل با الله ۽ فنافي الله پڻ هو، جنهن خود خدائي نُور جي تجلين جو مشاهدو ماڻيو هو، هن کي مالڪ حقيقيءَ جي سڀني اِسرارن ۽ رَمزن جي ڄاڻ هُئي، هن کي دين ڌرم جي نالي ۾ بيگناهه قتل غارت، اجائي ڦُرلٽ، مارڌاڙ ۽ جهيڙن جهڳڙن واري ڳالهه پسند بلڪل ڪانه هُئي، اِهو ئي سبب هو، جو پيٽ پُوڄاري مُلن مولوين ۽ هروڀرو مرد - مؤمن ۽ مرد- مجاهد سڏائيندڙن سان ڪانه لڳندي هُئس، سندس سرائڪي ڪلام جي هڪ سِٽ آهي ته:
ڪوئي هووي جو ملي نون ماري سچل سچ الاياهي!
سچل سائينءَ جي ڪلام جي هن سِٽ جو اهو مطلب نه آهي ته اوهان لَٺيون ڪُهاڙيون کڻي مُلا ماري ڍير ڪريو، سندس مطلب آهي ته اوهان مُلن جي تشريح ڪيل مذهبي ڪٽرپڻي واري دين کان ڀڄي پاسو ڪريو، ڇو ته هُو مذهب جي نالي ۾ انسانن کي ڪُڪڙن، ڪُتن ۽ ٻِلن وانگر ويڙهائي، رتو ڇاڻ ڪري، تباهه ٿا ڪن، ۽ ايتريون نفرتون وڌي وڃن ٿيون، جن جو ڪو حساب ئي ڪونهي! هن جو خيال هو ته دنيا ۾ انسان هڪ آهي ته پوءِ سندس مذهب به هڪڙو ئي هُجڻ گهرجي، جنهن ۾ محبت ئي محبت هُجي، هي نفرت ۽ ويڙهه بلڪل اَجائي آهي، مذهب انسانن کي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهڻ جو درس ٿو ڏئي، ته پوءِ هي جهيڙا جهڳڙا ڇو؟ هنن جهيڙن جهڳڙن ۽ نفرتن کي ڏسي بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ خون خرابن ۽ نفرتن جو ذميوار مُلن مولوين جو تشريح ڪيل ڪٽرپڻي وارو مذهب آهي، جيستائين اُهو ڪٽرپڻي وارو مُلن وارو مذهب موجود آهي، تيستائين اِهي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ختم نه ٿينديون، سندس چوڻ هو ته مُلن مولوين جي مُلائيت ۽ فرقيواريت وڌي وڃڻ عذاب اِلاهي آهي، اُنهن پنهنجي مڪر ۽ فريبڪارين سان انسانن کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه هي پنهنجي هِڪ هَٽي کي قائم ڪرڻ خاطر ڪري رهيا آهن، اُهي عقل جا انڌا وحشانيت پيدا ڪري رهيا آهن، اوهان جڏهن مُلن جي مُلائيت کي سمجهي پاڻ بچائيندؤ ۽ ٻين کي به بچائيندؤ ته اڳتي هلي مُلا مولوي پنهنجي موت مري ويندا ۽ سندن مذهبي مڪاريون ازخود ختم ٿي وينديون ۽ انسانيت سُک جو ساهه کڻندي، اِهو ئي آهي مُلن کي مارڻ جو مفهوم، جنهن سان منهنجو هي خواب پورو ٿيندو ته:
مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مَان،
جيئن بجلي بادل سان، شامل آهي سُپرين.
ڀٽائي گهوٽ جو هڪ بيت آهي ته:
رَوزا نِمازُون، اِيءُ پڻ چَڱو ڪَم،
اُهو ڪو ٻِيو فَهم، جنهن سان پَسين پِرين کي.
سچل سائين، شاهه سائينءَ جي ڪُني جو ڍڪڻ لاهي، سندس مٿئين بيت جي فهم واري فلسفي جي سمجهاڻيءَ لاءِ هن بيت کي پيش ڪيو آهي ته:
مَذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو مُنجهايا،
شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀُلايا،
ڪي نوڙِي نِمازون پڙهن، ڪِن مَندر وَسايا،
اوڏا ڪِين آيا، عَقل وارا عِشق کي.
اهو سچل سائين جو وڏو سچ هو، جنهن سان سندس وقت ۾ مُلن کي مِرچ لڳا هُئا ۽ مٿن ڪُفر جون فتوائون جاري ڪيون ويون هُيون، ڏٺو وڃي ته اڄ به اهڙا مُلا مولوي موجود آهن، جيڪي سچل سائينءَ جي فڪر جا انڪاري آهن، ۽ سچل سائينءَ جي پيروڪارن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سچل جا اُهي پيروڪار هنن لاءِ ڪي وڏا ڌاڙيل آهن، حافظ شيرازيءَ جو قول آهي ته:
گبنده عشقم راز هر دوجهان آزاد م!
يعني آءٌ عشق جو غلام آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.
سچل سائين ساڳي ڳالهه هن طرح ڪئي آهي ته:
جيئڻ آهي جڳ ۾، بنا عشق عذاب!
يعني عشق کان سواءِ زندگي جنجال بڻجي ٿي وڃي، اُن عذاب مان نڪرڻ لاءِ عشق جي رهبريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي، حافظ شيرازي هڪ غزل ۾ حُسن جي باري ۾ چيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته: ”بادشاهي تاج پهري تخت تي ويهي، حڪومت هلائڻ ۽ دنيا جي فڪر ۾ گذارڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن حسين چهري جو دل کولي ديدار ڪجي!“
سچل سائين به ساڳي پنڌ جو پانڌيئڙو هو، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ هر هنڌ حُسن پرستي نظر پئي اچي، ايتريقدر جو حسينن کي زيب زينت وارن لباسن پائڻ، اُن سان گڏ سُٺا زيور پائڻ ۽ هار سينگار ڪري وڌيڪ سهڻي ٿيڻ جون صلاحون ٿي ڏنائين، ۽ اِلتجا ڪندي محبوب کي چوي ٿو ته: پنهنجي چهري تان پردو هٽاءِ، جو آءٌ تُنهنجو سُهڻو چهرو ڏسڻ آيو آهيان!
سچل سائين پنهنجي جادو بيانيءَ جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
گُهنڊ کول ديدار وِکائو، مين آيا مُک وَيکڻ،
پايا زيب پيران، وچ ڪڙيان پايل ڪُون ڇمڪائو،
مين آيا مُک وَيکڻ
نال اسانڏي دلبر سائين، الله لَڳ ته لائو!
مين آيا مُک وَيکڻ
روا نوري، سبز چولا، هيري نال جڙائو،
مين آيا مُک وَيکڻ
حَال سَچل دَا مَعلوم تيڪُون، سَائل ڪُون نه سَتائو،
مين آيا مک ويکڻ
سچل سائينءَ جي اندر ۾ عشق اِلاهي جو درياهه اُڇلون ڏئي وَهي رهيو هو، جنهن ۾ هُو هميشه تڙڳندو ٿي رهيو، ڦُوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي نفس کي قابو ڪيو هُئائين، پر حُسن پرستي تمام گهڻي هُئس، جيڪا پيريءَ تائين هليس، پر زندگي ڀر ڪو اجايو پير ڪونه کنيائين ۽ پاڪن پاڪ رهيو، هن لاءِ حُسن پرستي واري رُوحاني لذت ڪافي هُئي، شادي جو به گهڻو خيال ڪونه هُئس، پر پنهنجي هادي ميان عبدالحق جي اصرار تي سندس نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، نه ته شادي جو اونو ڪونه هُئس، اُن شاديءَ مان کيس هڪ پُٽ به ڄائو هو، ڪُجهه وقت کان پوءِ خيرپور جي مير رستم خان جو پٽ مير محمد حسن سخت بيمار ٿي پيو، حڪيمن ۽ طبيبن کان گهڻو ئي علاج ڪرايو ويو، پر ڦَڪين فرق نه ڪيو، آخر مير رُستم خان، سچل سائينءَ کي روئي چيو قبلا سائين! واهر ڪري ڪا دعا ڪريو، پُٽ هٿن مان ٿو وڃي! پاڻ دُعا گُهريائون ۽ پوءِ مير رُستم کي مخاطب ٿيندي چيائين ته، ’آءٌ تنهنجي پُٽ جي عيوض ۾ پنهنجو پُٽ خدا کي ٿو ڏيان!‘ پوءِ پاڻ خيرپور ۾ ئي هُئا ته سندس پُٽ زماني مان موڪلائي ويو ۽ مير رُستم جو پُٽ چڱو ڀلو ٿي اُٿيو. چون ٿا ته هڪ ڀيري سچل سائين، ڪنهن غريب جي ڪم لاءِ مير سهراب خان ۽ سندس پُٽ مير رُستم خان وٽ خيرپور ويو، ميرن جي ڪمرن ۾ بندوقون ٽنگيل ڏٺائين ۽ هٿ جو اِشارو ڪري، ميرن کان پُڇيائين ته هي ڇا آهن؟ ميرن چيو ته قبلا سائين! هي بندوقون آهن، هنن سان اسان شينهن جو شڪار ڪندا آهيون! سچل سائين کين چيو ته، شينهن ڪنهن جي مارڻ جو آهي ڇا؟ خوشامندڙين چيو، ها، هن بندوق هيترن قدمن تي شينهن ماريو! ۽ هن بندوق هيترن وِکن تي شينهن ماريو! ائين وٺي گوڙ ڪيائون ۽ ميرن به نوڪرن جي پُٺڀرائي ڪئي، جنهن تي سچل سائين جي طبع ۾ تمام جوش اچي ويو. چون ٿا ته، سندس صورت ۾ اهڙو تغير پيدا ٿيو، جو هُو شينهن بنجي ويو ۽ شينهن واري گجگوڙ ڪري اُٿيو! سندس اِها ڪيفيت ڏسي خوف مان ميرن کان جُتيون پائڻ به وِسري ويون ۽ پيرين اُگهاڙا خوف مان نوڪرن سميت اُن جڳهه مان نڪري ٻاهر ڀڳا ۽ پوءِ سچل سائينءَ کان اُن گُستاخيءَ جي معافي ورتائون، اُن کان پوءِ سچل سائين ۾ سندن اعتقاد وڌيو ۽ وٽس وقت به وقت زيارت لاءِ ايندا ويندا هُئا. هڪ ڀيرو مير ننڍا وڏا شڪار تان موٽيا هُئا، چيائون ته سچل سائينءَ کي پيرين پوندا هلون، سو لڙي آيا، اُن وقت سخت گرمي هُئي ۽ سچل سائين بدن کي ميٽ هنيو، کُوهه تي وهنجڻ جي تياري ۾ هو، وڏا مير گهوڙن تان لھي بيهي رهيا، جو سچل سائينءَ کي ميٽ لڳل هو، دل ۾ خيال ڪيائون ته متان ڪپڙا خراب ٿين! ۽ بيٺي خوش خيرعافيت ڪيائون، مير علي مراد خان، جيڪو سڀني کان ننڍو ۽ تمام سُهڻو سيبتو هو، سو پُٺتي هو، جڏهن پهتو ته گهوڙي تان لهي پيو ۽ وڏن ميرن کي بيٺل ڏسي سمجهيائين ته هُو پيرين پئي بيٺا آهن، تنهن ڪري پاڻ هڪدم وڃي سچل سائينءَ جي قدم بوسي ڪيائين ۽ ڪپڙن خراب ٿيڻ جو ڪو خيال نه ڪيائين، جنهن تي سچل سائين تمام گهڻو خوش ٿي کيس ٻنهي اکين تي چُميون ڏئي دُعا ڪيائين ۽ وڏن کي چيائين ته توهان مُنهنجي جسم تي ميٽ ڏسي، پري بيهي رهيا، پر هي ميٽ نه پر ميندي هُئي، جنهن جو رنگ هن ننڍڙي مير کي لڳو آهي، پوءِ اهو سچ ثابت ٿيو، جو اُهو مير وڏي نالي وارو شاعر ۽ روشن خيال عاشق مزاج ٿيو. سچل سائينءَ جي بيماريءَ جو علاج راڳ رنگ ۽ ساز آواز سان ٿيندو هو، هڪ ڀيري کيس خوني پيچش ٿي پيا، جنهن لاءِ ستيون ڦڪيون به کاڌائين، پر پوءِ به فائدو ڪونه ٿيو ۽ ڏاڍو ضعيف ٿي لُڙهي پيو، سخي قبول محمد کي سندس حُسن پرستي ۽ راڳ ويراڳ جي شوق جي خبر هُئي، تنهن مير رُستم خان ڏي چَورائي موڪليو ته، سچل اَگهو ٿي پيو آهي، اوهان ڳائڻيون موڪليو! بس حُڪم جي دير هُئي، مير به ٽي ڳائڻيون ۽ ناچڻيون هار سينگار ڪرائي موڪلي ڏنيون، جيڪي ڳائينديون وڄائينديون، سچل سائين وٽ پهتيون، هُو اُنهن کي ڏسي اهڙو ته خوش ٿيو، جو ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ ساڻن گڏجي نچڻ ڳائڻ لڳو ۽ بلڪل چاقُ چڱو ڀلو ٿي ويو. چون ٿا ته سال اڌ کان پوءِ سچل سائين وري اَگهو ٿي پيو، اِها خبر جڏهن لآڙڪاڻي جي جيوائي نالي ڳائڻي کي پئي، جيڪا حُسن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئي ۽ ڳائڻي به ڀلوڙ هُئي، سا کيس پُڇڻ لاءِ شهر درازا ۾ پهتي، هار سينگار ڪري، پيشواز ۽ ڇيرون پائي، ڳائيندي، نچندي، سچل سائينءَ جي ڪمري ۾ آئي، جتي هُو سُتل هو. سچل سائين کيس ڏسي چيو ته، بسم الله اسان جا طبيب، اسان جا حڪيم آيا آهن! ائين چئي ٽپ ڏئي اُٿيو، ڄڻ بيمار ئي ڪونه هو ۽ ساڻس گڏجي نچڻ ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويو ۽ نؤ بنو تازو توانو ٿي پيو.
سچل سائين جي کاڌ خوراڪ، عادتون ۽ لياقتون:
سچل سائين جا وڏا تمام سادگي پسند هُئا، وٽن مخدوم غوث بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني مهمان ٿي آيو ته سندن ڏُٿ تي گذران ڏسي، کين ڏوٿڙ جو لقب ڏنائون، يعني ڏُٿ تي گذران ڪرڻ وارا! اُن جو اثر سچل سائين تي نمايان هو، سندس کاڌ خوراڪ بلڪل سادي سودي هوندي هُئي! ڏينهن جو ڏُڌ ۾ لوڻ مرچ وِجهي، اُن ۾ ٽُڪر ٻوڙي کائيندو هو، يا ماني ڀوري، ڪُٽي کائيندو هو، نه ته اڪثر روزي ۾ رهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گوشت جو شوربو کائيندو هو، اڳتي هلي اُهو به بند ڪيائين، هُو ڏاري جي رَٻ ۽ دال پسند ڪندو هو، رات جو اڪثر کاڌو نه جي برابر کائيندو هو، يا کائيندو ئي ڪونه هو، هن پنهنجي هٿ سان ڪنهن حلال جانور يا پکي کي ڪونه ڪُٺو ۽ نه وري ڪو شڪار وغيره ڪيائين، رات جو گهٽ سُمهندو هو، اڪثر ڪاٺ جي صندلي تي مُراقبي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو هوندو هو، جوانيءَ ۾ پنج وقت نماز به پڙهيو، پر موج مستيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ نماز به ڇڏي ڏنائين ۽ استغراق ۾ پيو هوندو هو، ڪڏهن وري مستي ۽ وجد جي حالت ۾ پيو نچندو ڪُڏندو هو، سني ۽ شيعي وارو فرق نه رکندو هو، اهلبيت لاءِ وڌ مان وڌ محبت هُئس، عاشورن ۾ مرثيه خوانيءَ سان گڏ ماتم به ڪندو هو، شِدت پسنديءَ واري مذهبي ڪٽرپڻي کان تمام گهڻو پري هوندو هو، پئسي جي لالچ اصل ڪانه هُوندي هُئس، جي ڪٿان چار پئسا مِلندا هُئس ته ٻين کي ڏئي ڇڏيندو هو، مير ڪڏهن راڳ رنگ جي محفل رچائيندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا ۽ سچل سائين اُن محفل ۾ هوندو هو ته شراب پيئڻ جي منع نه ڪندو هو، پر پاڻ عشق جي نشي کان سواءِ ٻيو ڪوبه نشو نه ڪندو هو، سچل سائين پاڻ ڳائيندو وڄائيندو هو، هُو راڳ جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. چون ٿا ته، جڏهن سارنگي ۽ طبلي تي هٿ لڳندو هو ته هو هڪدم بي خودي جي عالم ۾ هليو ويندو هو ۽ سندس مٿي جا وڏا وار بلڪل اُڀا ٿي ويندا هُئا ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هُئس، شعر، مستي ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ چوندو ويندو هو، منشي ۽ فقير لکندا ويندا هئا، جڏهن هوش ۾ ايندو هو، تڏهن ٻُڌائيندا هئس ته قبلا سائين! اوهان هي هي چيو آهي! پاڻ چوندو هو ته، بابا! اِهو سڀ ڪجهه چوڻ واري چيو آهي، مون کي ته خبر به ڪانهي! پوءِ فقير سندس چيل ڪلام گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڪري رکندا ويندا هُئا. چون ٿا ته، اُنهن ڪتابن مان ڪُجهه لِکڻيون پاڻ ئي ساڙائي ٻوڙائي ڇڏيون، چي! متان اِهي ڳالهيون عام ماڻهن جي سمجهه ۾ نه اچن ۽ ڀُلجي نه وڃن! باقي مختلف ٻولين ۾ رهيل ڪلامن ۽ بيتن جو اندازو نو لک ڇٽيهه هزار ڇهه سئو ڇهه آهي، اُنهيءَ کان سواءِ فارسي تصنيف ’ديوان آشڪار‘ آهي، جنهن ۾ غزل مثنويون ۽ رُباعيون وغيره ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي!
سچل سائينءَ جا مُريد خادم ۽ ٻالڪا:
سچل سائينءَ جي سچائي، صفائي ۽ پيار محبت ڏسي، ڪافي ماڻهو سندس مُريد خادم ۽ ٻالڪا بڻجي ويا، اُنهن ۾ هڪڙو لاڙڪاڻي جو صالح فقير مشهور آهي، جنهن کي پنهنجو طالب بڻائي دُعا ڪيائين، جنهن کي اهڙو رنگ لڳو، جو سيلاني بنجي ويو، جيڪو خراسان ۽ قنڌار ۾ وڃي، وڏي ناليوارو درويش ظاهر ٿيو ۽ اُتان جي ڪيترن ئي پٺاڻن کي پنهنجو مريد بڻايائين ۽ اُتي ئي رهيو، ٻيا فقير جيڪي درازا ۾ سچل سائينءَ جي خدمت ۾ رهندا هُئا، جن ۾ سيد دين شاهه، پير شاهه، حيدر شاهه، خير شاهه، يوسف فقير کوکر، جيڪو پوءِ يوسف نانڪ سڏجڻ لڳو، يعقوب فقير، گهرام فقير جتوئي، شير خان فقير نڀرو، محمد صالح، فقير دونهين وارو، محمد صديق، فقير لاڙڪاڻي وارو، عثمان فقير، چاڪي لاڙڪاڻوي قابل ذڪر آهن، اُنهن فقيرن مان يوسف فقير، جيڪو پوءِ يوسف نانڪ ٿيو ۽ يعقوب فقير تي سچل سائينءَ جو ڏاڍو راز هو، اُهي ٻئي فقير وڏا درويش ٿيا ۽ شاعري به ڪيائون، جنهن ۾ يوسف نانڪ جو هي ڪلام مشهور آهي، جيڪو هن پنهنجي مرشد سچل سائين جي بيماريءَ دوران دُعا طور چيو هو ته:
عُمر درازا تيڏي، الله نگهبان هووي،
علي دي اَمان هووي، پنجتن دي ڇانو هووي!
سنڌ ۾ هن ڪلام جي تمام وڏي مقبوليت آهي، جيڪا هڪ دُعا سمجهي ويندي آهي.
سچل سائينءَ جي شڪل شبيهه ۽ پوشاڪ:
سچل سائين، وِچولي قد جو، رَنگ موافق ۽ صاف هوندو هوس، نڪ ۽ پيشاني ڀورا بيٺل، اکيون وڏيون، چاپهين ڀنڀي ڏاڙهي مبارڪ، مٿي جا وار وڏا، مٿي ۾ فقيراڻو سائي رنگ جو تاج پائيندو هو، ڪُلهن تي سفيد چادر يا ڪاري کٿي ڍڪيندو هو، پيرن ۾ سنڌي جُتي پائيندو هو، ڪڏهن پير اُگهاڙا ڪري گُهمندو هو، هٿ ۾ لٺ کڻي هلندو هو، پَٽ تي تڏو وِڇائي سُمهندو هو، ڀر ۾ تنبورو رکندو هو!
وَهٽ تي گهٽ چڙهندو هو، اڪثر پنڌ هلندو هو، لکندو گهٽ هو، ڳنڀير خيال ۾ رهندو هو، سچ ڳالهائيندو هو، رات جو آرام گهٽ ڪندو هو، سڄي رات ڪاٺ جي صندلي تي مُراقبي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هوندو هو، وڌيڪ سندس صورت بابت نانڪ يوسف جون هي ٻه سِٽون ڪافي ٿو سمجهان ته:
مُک مصحف، سڄڻ تيڏي صورت،
مُورت الله بسم الله، حمد لله
سچل سائينءَ جي ولادت سنڌ لاءِ سعادت ثابت ٿي، جو هُن جي فڪر ۽ فيض سان سنڌي ماڻهو مُلن ۽ مولوين جي مذهبي ڪٽرپڻي واري مصيبت کان بچي ويا، هن چيو ته:
پنهنجي ذات لِڪائي، ڪيئن ٻي ذات سَڏايان،
اَعليٰ اَعظم شَان جي، نوبت نِينهن وَڄايان،
مَنصوري جي موج ۾، ٿو اَنا الحق الايان!
پاڻ زندگي ڀر چوندو هو ته، مون کي مالڪ حقيقيءَ وٽان عمر 105 سال مليل آهي، پر آءٌ 15 سال اڳ ۾ سرڪار جي سلام تي ويندس، يعني پيالو ڪندس ۽ اِئين ئي ٿيو، جو هُو 1829ع جي مطابق هجري سن 1242 جي رمضان مهيني جي 14 تاريخ فجر مهل سنڌ جي ماڻهن کي الوداع چئي، مالڪ حقيقي جي حُضور ۾ وڃي حق موجود چيائين.
[روزاني عبرت حيدرآباد، سومر 15 سيپٽمبر 2008ع ۾ ڇپيل.]