تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه لطيف پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي آئيني ۾

شاهه لطيف، جنهن کي اسان عقيدت ۽ محبت سان ڀٽائي گهوٽ يا لاکيڻو لطيف به چوندا آهيون، سندس والد ماجد جو نالو سيد حبيب شاهه آهي، جنهن کي پهريائين اولاد ڪونه هو، پوءِ ڪنهن پهتل بزرگ کان اولاد ٿيڻ لاءِ دُعا گُهرايائين، پوءِ اُن بزرگ دُعا ڪري چيس ته تو کي پُٽ ڄمندو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ، جيڪو زماني جو غوث ٿيندو، پوءِ سِگهو ئي سيد حبيب شاهه کي پُٽ چائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، جيڪو سِگهو ئي راهه رباني وٺي ويو، وري ٻيو پُٽ ٿيس، اُن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، اُهو ننڍي عُمر ۾ ئي وفات ڪري ويو، وري ٽيون پُٽ ٿيس، اُن جو نالو به ساڳيو عبداللطيف رکيائين، جيڪو زنده رهيو، جهڙو هُيو سندس نالو، تهڙو ئي پاڻ لطيف هو، هُو عبداللطيف هو ۽ ساڳي وقت عبد توڙي لطيف هو، عبديت ۽ لُطافت سندس شاعريءَ ۾ فڪري فيض ۽ پيغام جا چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙا ٻه روشن رُخ آهن، جن جي سوجهري ۾ ئي شاهه سائينءَ جي ڪلام کي صحيح سمجهي سگهجي ٿو، جهڙي طرح مولانا جلال الدين رُومي جي مثنوي متعلق مشهور آهي ته:
مثنوي و مدنوي و مولوي
هست قرآن در زبان پهلوي!
تهڙي طرح سنڌ جي سُهڻي ڌرتيءَ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف پنهنجي شاعريءَ کي، پنهنجي فڪر ۽ پيغام جو ذريعو بنائيندي چيو آهي ته:
جي تو بيت ڀَانئين، سي آيَتُون آهِين،
نِيو مَن لائِين، پِريان سَندي پَار ڏي!
شاهه سائينءَ جي هن بيت جي، سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ بزرگ هستي حضرت عبدالرحيم گرهوڙي حمايت ڪندي چيو ته:
آهي عبداللطيف جو اسان تي احسان،
جنهن جوڙي قرآن، سنڌيءَ ۾ سَهي ڪَيو!
سندس ننڍپڻ جا ڏينهن:
سندس شروعاتي پالنا، سندس امڙ ۽ پيءُ سيد حبيب شاهه جي دست شفقت هيٺ ٿي، هُو جڏهن ڇهن ستن سالن جو ٿيو ته کيس آخوند نور محمد ڀَٽيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو، اُستاد کيس پٽيءَ تي شروعاتي سبق ڏيندي چيو ته: چئو ’الف‘ ڀٽائي گهوٽ چيو ته ’الف‘ وري استاد چيس ته: چئو ’ب‘ ڀٽائي گهوٽ چيو ته: ’ب‘ وڃي ٻين کي ڏي، مون لاءِ ’الف‘ ڪافي آهي! استاد کيس ’ب‘ چوڻ لاءِ گهڻو ئي چيو، پر هن ڪابه نه ٻُڌي، آخر کيس پيءُ سيد حبيب شاهه وٽ وٺي آيا ۽ سڄو احوال ڪري ٻڌايائونس، سيد حبيب شاهه وڏو داناءُ هو، جنهن پنهنجي پُٽ جي رمز سمجهي ورتي ۽ ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ معصوم پُٽ کي ڀاڪُر پائي، مٿي کڻي سندس اکين تي چُميون ڏئي چيو ته، پُٽ تون حق تي آهين، ليڪن ظاهري سبق جو اهو هڪ نمونو آهي! گهڻن ماڻهن جي اِها راءِ آهي ته، شاهه سائين ڪنهن مُلا مولوي وٽ ظاهري تعليم ڪانه ورتي هُئي، هو ڄمندي ڄام هو، جو سڀني علمن ۽ فن جو وڏو ماهر هو، کيس دُنوي علمن تي قدرت حاصل هُئي، جنهن کي خدائي ڏات چيو وڃي ٿو، اُنهيءَ لاءِ سندس واضح لفظن ۾ هي گواهي آهي ته:
سي اَڻ پَڙهيا ئِي پَڙهيَا ٿِيا، جِن پَڙهايو پَاڻ،
ٻِيا ڪُوڙين ڪِتابن سَاڻ هُونئين وَتن هَلندا.
يا
اَکر پَڙهه اَلف جو، ٻِيا وَرق وَرَائين ڪَوهه،
آهي اُهو ئِي ڏَوهه، جيئن سَمجهين ڪِينَڪي.
يا
هَنڍَائِج هِينئين ۾، اَلف سَندي اَوڙ،
تَه ڪِتابَن جِي ڪوڙ، مَنجَهائين مَعلوم ٿِئي.
هنن بيتن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس عِلم جي عطايت خود خدا کان ٿي هُئي.
سندس ننڍي هُوندي جون عادتون:
شاهه سائين اڪيلائي کي گهڻو پسند ڪندو هو، ويهندو هو ته جهنگ طرف منهن ڪري ويهندو هو، ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون گُهمندو وتندو هو، جي ويهندو هو ته خيالن ۾ گُم نظر ايندو هو، هو رُوحاني اک رکندڙ هو، هُن کي ڪائنات جي ڪُل شين ۾ خُدائي نُور نظر ايندو هو، اهڙي وقت ۾ هن عاشق بي ساخته چئي ڏنو ته:
اَيڪ قَصَر دَر لَک ڪوڙين ڪَڻِس ڳڙکيُون،
جَيڏانهن ڪَريَان پَرَک، تَيڏانهن سَڄڻ سَامهون.
يا
ڪَيو مُطالعو مُون، هُو جَو وَرق وِصَال جو،
تَنهن ۾ تُون ئِي تُون، ٻِي لات لَحظي جيتري.
چون ٿا ته هڪ ڀيري ٻين ٻارڙن سان گڏ لِڪ ڇِپ راند ڪندي واريءَ جي دڙي جي ڀر ۾ هڪ ڪِريل وڻ جي پُور ۾ گهڙي لِڪي ويهي رهيو، اُتي ڪو اهڙو خيال اچي ويس جو راند وسري ويس، ٻيا ڇوڪرا به هليا ويا، ڪنهن به هن جي سار ڪانه لڌي، پاڻ ٽي ڏينهن وڻ جي پُور ۾ لِڪو ويٺو هو، سيد حبيب شاهه کيس ڳوليندو، اُن ڪِريل وڻ وٽ اچي پهتو ته سندس ڪپڙي جي ڪُنڊ ٻاهر ڏٺائين، جيڪا هوا جي لڳڻ ڪري ڪُجهه لٽجي به وئي هُئي ۽ سمجهيائين ته منهنجو لاڏلو اتي آهي، جيڪو جيئرو به آهي، الائي نه! تڏهن چيائين ته:
لَڳي لَڳي وَاءُ، وِيا اَنگڙا لَٽجِي.
جڏهن پيءُ جو اهو آواز شاهه سائينءَ جي ڪن تي پيو ته ڇِرڪ ڀري اُٿيو ۽ جواب ۾ چيائين ته:
پَئي کَڻي پَسَاهه، پَسَڻ ڪَارَڻ پِرِينءَ جي.
شاهه سائينءَ جو هندو فقيرن سان گڏجي سير سفر ڪرڻ:
شاهه سائينءَ کي سير سفر ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، سو پاڻ ويس مٽائي، هندو سنياسي ۽ جوڳي فقيرن سان گڏجي، جبلن جو سير شروع ڪيو، جنهن ۾ گنجو ٽڪر، ڀڳو ٺوڙهو، کير ٿر، ڏاڙهيارو، هماليا، هاڙهو ۽ ڪارونجهر جهڙا ڪيترائي جبل گهمي ڏٺائين ۽ ڀنڀور لسٻيلي کان ڪيچ مڪران تائين ويو ۽ جبلن ۾ زيارتن جا هنڌ پڻ ڏٺائين، جنهن ۾ لاهوت لامڪاني، شاهه نوراني هنگلاچ ۾ ناني وغيره جون زيارتون ڪيائين، ڍنڍون، ڍورا، درياهه، سمنڊ جا ساحلي علائقا ۽ مورڙي جو ماڳ پڻ ڏٺائين، هُو هندو فقيرن سان ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون، مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال گُهمندو، ٿر بر جهاڳيندو رهيو، گرنار جيسلمير ويو، اُتي هڪ مريد وٽ مهمان وڃي ٿيو، اُهو مريد ويچارو ڏاڍو غريب هو، سو ڏاڍو پريشان ٿيو ته هاڻ ڇا ڪريان! سندس زال کيس پريشان ڏسي چيو ته، ميان! هڪ رستو سوچيو آهي، جنهن ۾ پنهنجو ڪم ٿي ويندو! مڙس پڇيس ڪهڙو؟ زال چيس، شهر ۾ هڪ هندو دُڪاندار آهي، جيڪو مُون تي عاشق آهي، پر آءٌ کيس ليکيندي ڪانه آهيان، جي اُن وٽ وينديس ته کاڌي پيتي لاءِ اوڌر تي سامان مِلي ويندو، پوءِ پيا ڏينداسون، غريب مريد لاچار ٿي، انهيءَ رٿ تي راضي ٿيو، مائي جڏهن دُڪان تي وئي ته سيٺ چيس، تُون اچڻي نه وڃڻي اڄ ڪيئن وڏا پير ڪيا اٿئي! مائي سڄو قصو ڪري ٻُڌايس، اِهو ٻُڌي سيٺ کي ڏاڍو اَچرچ لڳو ته مرشد ۾ ايترو اعتقاد ڪير ڪري! سو مُٺ ۾ هڪ ٻُڪ رُپين جو ۽ سيڌو سامان مفت ۾ ڏئي مٿي تي پوتي پهرائي، دين جي ڀيڻ ڪري موڪليائين ۽ پوءِ پاڻ به شاهه سائينءَ جو مريد ٿيو، اها ڳالهه جڏهن شاهه سائينءَ جي ڪن تي پئي، تڏهن چيائين ته مائي کي جس هُجي، جنهن خداڪارڻ بدنامي سَٺي، هن کي ڪَس ڪانه لڳندي، جنهن هتان جو ڪم به ڪيو ۽ هُتان جو ڪم به ڪيو، شاهه سائين پنهنجي خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
تِن جَيسَلميراڻِيَن جَس، جَي اَلله ڪَارَڻ لَنڊيون ٿِيُون،
اَديون عَبداللطيف چَئي، ڪَانه لَڳندن ڪَس،
هِت به رَهايائُون رَسُ، هُت به گَڏيُون هَوت کي!
شاهه سائين جو دُعا لاءِ مرزا مغل بيگ جي گهر وڃڻ:
مرزامعل بيگ ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هُئا، جيڪا هاڻوڪي ڀٽ کان اڌ ڪوهه پري ڏکڻ طرف هُئي، مرزا تمام وڏو ماڻهو هو، پر سيد حبيب شاهه سان گهڻو ٺهيل هو ۽ هُن ۾ وڏو اعتقاد هوس، ڪنهن مشڪلات ۾ پوندو هو ته شاهه حبيب کان دُعا گهرائيندو هو ته اُها مشڪل دُور ٿي ويندي هُئي! هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ بيمار ٿي پئي، علاج معالج ڪرايائونس، پر ڪوبه سڌارو ڪونه آيو، آخر هُو شاهه حبيب کي دُعا لاءِ سڏڻ آيا، پر شاهه حبيب پاڻ ٺيڪ ڪونه هو، سو اُن عيوض شاهه لطيف کي وٺي ويا، اُن وقت نينگري وڏي چادر ۾ ويڙهجي سيڙهجي کٽولي تي سُتل هُئي، شاهه سائين مٿان اچي سندس هٿ جي چيچ پنهنجي هٿ ۾ وٺي، هي لفظ چيا ته ’جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لھر نڪي لوڏو!‘ هن ڳالهه تي مغلن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ تپي باهه ٿي ويا ۽ سيد کي ايذائڻ شروع ڪيائون، آخر کين اُتان لڏائي ڇڏيائون ۽ هُو ٻئي پاڙي ۾ وڃي ويٺا! کين اُتي به نه سَٺائون ۽ هُو ڪوٽڙيءَ مان لڏي ڀِٽ تي اچي ويٺا، مرزا مغل بيگ کي اُنهيءَ رمز جي ڪهڙي خبر ته طالب ۽ مطلوب جو تعلق روز ازل کان آهي، جيڪو سندن رُوحن جي پيدائش وقت ٿيو هو، اُنهيءَ ۾ سيد جو ڪهڙو ڏوهه! جو ڪا شئي پيدا ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪانه هُئي، نڪو گوشت پوشت، نه وري آدم جو ڪو وجود هو، رُڳو روح هُئا، اُنهيءَ وقت ۾ هن ڳانڍاپي جي ياد آهي، اُنهيءَ لاءِ شاهه سائين هن ڳجهه جي ڳالهه هن ريت ڪئي آهي ته:
نَڪَا ڪُن فَيڪُون هُئي، نَڪَو لِڱ لَھم،
بَنيو هو نَه بُت ۾ اَڃَا ڪِين آدم.
ان دوران ڪي ڌاڙيل مردن جي غير موجودگيءَ ۾ مغلن جي ڪوٽ ۾ اچي پيا، ڪافي مال ملڪيت لُٽي هليا ويا، جڏهن مغل گهر آيا ته ڌاڙي جي ڳالهه ٻُڌي، هٿيار کڻي ڌاڙيلن جي پُٺيان لڳا، واٽ تي شاهه سائين پنهنجن فقيرن سان گڏ ڪاٺيون ڪري رهيو هو، سو اهڙي ڏُکئي وقت ۾ فقيرن سميت مُغلن سان مدد لاءِ گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مغلن کيس منع ڪئي ته تون اسان سان گڏجي نه هل! پوءِ به شاهه سائين ساڻن گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ته، مرزا مغل بيگ، شاهه سائينءَ کي ڌِڪا ٿيلها ڏئي گندا ۽ گُٿا لفظ ڳالهائي واپس ڪيو، شاهه سائينءَ کي اُن ڳالهه جو ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ بي اختياريءَ ۾ اچي چيائين ته:
بيگ تُنهنجي بيگِي، رَهندي ڪوٽڙِيءَ ۾ ڪَانه،
اَٿم آس اَندر ۾، دِل مَارينَئِي مَان!
چوندا آهن ته فقير جي ٻولي، الله جي ٻولي هوندي آهي ۽ شاهه سائين جو اِهو چوڻ گُٿو ئي ڪين، اڳتي هلي مغلن جو مقابلو دَل ڌاڙيلن سان ٿيو، جنهن ۾ مرزا مُغل بيگ سان گڏ، سڀئي مغل مارجي ويا، باقي مغل بيگ جو هڪڙو ننڍڙو پُٽ، جيڪو گهر م رهيل هو، سو بچي ويو، اُهو واقعو 1713ع ۾ ٿيو، مُغلن جي عورتن ۽ ٻين عام ماڻهن چيو ته اِهو سيدن جو رنج وِڙهيو آهي! سو مغل ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ خوف ۾ گهيرجي ويا ۽ پوءِ سيدن کان معافي ورتائون ۽ مرزا مُغل بيگ جي نياڻي سعيده بيگم جنهن جي چيچ شاهه سائين پنهنجي هٿ ۾ ورتي هُئي، ان جو سڱ شاهه سائين کي ڏنائون، جنهن سان سندس شادي ٿي، ڪجهه وقت کانپوءِ شاهه سائين جي گهر ۾ اُميدواري ٿي، هڪ ڏينهن هڪڙو فقير سَھڪندو شاهه سائين وٽ آيو، شاهه سائين پُڇيس ته ابا ٻيو ته خير آهي! فقير وراڻي ڏنس ته قبلا سائين! ٻيو خيرآهي، اوهان جي گهر ۾ اُميدواري آهي، سو کين پلي کائڻ جي خواهش ٿي هُئي، ڊوڙندي پلو وٺي آيس، سو ساهه تڪڙو ٿو کڻان! اِها ڳالهه ٻُڌي شاهه سائينءَ کي ڏاڍي بڇان لڳي ۽ چيائين ته واهه جو اولاد چئبو، جو اَڃا پيٽ ۾ آهي ته مُنهنجن فقيرن کي ٿو رُلائي، جي ڄمندو ته الائي ڪهڙا ڪَلُور ڪندو! مون کي اهڙو ٻار گُهرجي ئي ڪونه! پوءِ فقيرن ڏي هٿ جو اشارو ڪري چيائين ته هي سڀ فقير مُنهنجا رُوحاني اولاد آهن. شاهه سائين سان نور محمد ڪلهوڙي جي دشمني جو وڌڻ! شاهه سائين جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ امر پريم جي قدرتي رمز رکيل هُئي، هو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل وڏو ڪيل هو، ٻولي توڙي احساسن ۽ جذبن ۾ سنڌي ماڻهن جي وڌيڪ ويجهو هو، هن سنڌ جي سياسي سماجي ردو بدل ۽ اُٿل پُٿل کي چڱي ريت پروڙي پرکي ڏٺو هو، هن سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ راڳ جي رستي ذهني سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، اُن ڪري سنڌي ماڻهن جي عقيدت ۽ محبت جو هن گودڙي پوش صوفي سان هي حال هو ته:
ڪُوڙين ڪَن سَلام، اَچيو آسَڻ اُن جي!
شاهه سائينءَ سان سنڌي ماڻهن جي گهڻي عقيدتمندي ۽ پوئلڳي ڏسي، سنڌ جو ظالم ۽ ترقيءَ جو دشمن حاڪم نور محمد ڪلهوڙو، جيڪو پاڻ به مُرشديءَ جو دم هڻندو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ خدا آباد هو، اُن جي دل ۾ شاهه سائينءَ لاءِ حسد پيدا ٿيو، ڏَن اوڳاڙُو نام نهاد مرشد به ساڻس مِلي ويا هُئا، سڀئي شاهه سائينءَ کي ڪنهن نموني مارائڻ جي ڪوشش ۾ هُئا، هڪ ڀيرو شاهه سائين ٻيڙي رستي ملتان مان ڪاشيءَ جون سِرون، شاهه ڪريم جي مقبري لاءِ وٺيو ٿي آيو ۽ خدا آباد وٽ ڪجهه وقت ترسيو ته نور محمد ڪلهوڙي کيس موتين جي معجون ۾ زهر مِلائي، دٻليءَ ۾ وِجهي ڏياري موڪليو، جيڪو پوءِ شاهه سائين درياهه ۾ هاري ڇڏيو، ٻئي ڀيري نور محمد ڪلهوڙي، شاهه سائين جي دعوت ڪري، کيس نذراني ۾ هڪ لَتر چَڪر ۽ ٽاهڙ گهوڙي ڏني ته جيئن کيس ڪُڏائي ماري، شاهه سائين اِها گهوڙي وٺي ٽپ ڏئي، اُن تي چڙهي ويٺو، ته اُها گهوڙيءَ هڪ گهڙيءَ ۾ ڊوڙي نظر کان نڪري وئي ۽ نور محمد ڪلهوڙو ڏاڍو خوش ٿيو، ته اڄ شاهه سائين پورو ٿي ويندو! پر چوندا آهن ته ’جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي!‘ سو ٿوري دير کان پوءِ شاهه سائين بنا لغام گهوڙيءَ ڊوڙائي واپس آيو ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي اڳيان اچي بيهاري، جيڪا تِکي ڊوڙڻ ڪري سهڪي رهي هُئي ۽ پگهر ۾ شل هُئي، پوءِ نور محدم ڪلهوڙو ڏاڍو لَڄي ٿيو ۽ شرم لڪائيندي، شاهه سائينءَ کان پُڇيائين ته اوهان گهوڙيءَ جو لغام ڇو لھرائي ڇڏيو هو؟ شاهه سائين جواب ۾ چيس ته، اي ڳهيلا! منهنجي واڳ به ڌڻي سڳوري جي هٿ ۾ آهي، تڏهن وَهٽ منهنجي هيٺان هو، اُنهيءَ جي واڳ (لغام) به مون اُن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي ۽ چيم ته:
وَاڳ ڌَڻي تُنهنجي وَس، آءٌ ڪَا پَاڻ وَهِيڻي.
اهو نُڪتو ٻُڌي نور محمد ڪلهوڙو ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ضمير جي چُهنڊڙين ڪري شاهه سائين کان معافي ورتائين! ڀِٽ شاهه تي حملو ڪندڙ هالن جي پير، شاهه سائين اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري کانئس معافي ورتي!
هڪڙي ڀيري پير پنج پاڳ، هالن وارو، بکر واهه ۾ ٻيڙيءَ تي چڙهي شڪار لاءِ نِڪتو هو، هڪ هنڌ واهه جي ڪپ تي، شاهه سائينءَ جي فقير کي ويٺل ڏٺائين، جنهن سان ڪُتو به گڏ هو، پير کي اُهو ڪُتو ڏاڍو وڻيو، سو فقير کان اُهو ڪُتو گُهريائين، فقير چيس اُهو ڪُتو مرشد لطيف جو آهي، آءٌ اُهو ڪُتو نٿو ڏئي سگهان ۽ پير اُهو ڪُتو فقير کان زوري کسي ٻيڙيءَ ۾ وجهي هليو ويو، اِها خبر جڏهن شاهه سائينءَ جي فقيرن کي پئي، تڏهن ولر ڪري، ڏنڊا کڻي، واهه جي ڪپ تي اچي بيهي رهيا ته پير واپس مٽيو ته ٻيڙي زوري بيهاري، پير کان ڪُتو ڦري ورتائون، اُنهيءَ ۾ پير پنهنجي وڏي بيعزتي سمجهي، ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هالن ۾ پهچي پنهنجا هٿياربند ماڻهو گڏ ڪري چيائين سُڀاڻي سوير ڀِٽ تي حملو ڪبو! اها خبر شاهه سائينءَ کي به پئي، سو پنهنجي فقيرن کي چيائين، ابا! فڪر نه ڪريو، جيڪا الله جي مرضي! اهو به چيائين ته ٿوري دير کان پوءِ هڪڙو مست فقير ڪاٺين جي ڀري کڻي ايندو! اُها ڀري هِت لاٿائين ته سمجهو ته فتح اسان جي آهي، پر جي اُها ڪاٺين جي ڀري کڻي اڳتي هليو ويو ته پوءِ حال ڪونهي! ڪُجهه وقت کان پوءِ ڏٺائون ته هڪڙي مست فقير ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي، شاهه سائينءَ جي آستاني تي لاٿي، ۽ پاڻ ويندو رهيو، تڏهن فقير ڏاڍا خوش ٿيا، سڄي رات راڳ ويراڳ ۾ گذاريائون، صبح ٿيو ته پير پنهنجي لشڪر سميت ٻاهران اچي پهتو، پر سندس وڏو خليفو نالي اسماعيل پوئتي رهجي ويل هو، اُن کي وٺڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين ته جيئن اچي ته شاهه سائينءَ تي حملو ڪريون، ڪجهه دير کان پوءِ خليفو اچي حاضر ٿيو، پر پنهنجي مُنهن کي ڪپڙي سان ڍڪي پير جي اڳيان اچي بيٺو، پير پُڇيس ته مُنهن ڇو ويڙهيو اٿئي؟ پوءِ سَٽ ڏئي، پير ڪپڙو لاٿس ڏسي ته سندس ڏاڙهي مُڇون، مٿو ڪوڙيو پيو آهي ۽ منهن ڪارو لڳو پيو اٿس، پير کي حيرت وٺي وئي ته منهنجي خليفي سان هي جُٺ ڪنهن ڪئي آهي؟ سو تڪڙ ۾ پُڇيائينس ته هي جُٺ ڪنهن ڪئي اٿئي؟ خليفي جواب ۾ چيو ته قبلا! جيڪڏهن توسان گڏجي شاهه سائينءَ سان نٿو وِڙهان ته نمڪ حرام ٿو ڪوٺجان، جي هلي ٿو وڙهان ته قيامت جي ڏينهن خدا ۽ رسول صلعم جي اڳيان، منهنجو ڪارو مُنهن ڪري اچي بيهاريندا، جو مان حضرت علي عليه السلام جي اولاد سان وڙهيس، سو مون چيو ته هِن ئي جهان ۾ پنهنجن ئي هٿن سان ڏاڙهي، مُڇون، مٿو ڪُوڙي، مُنهن ڪارو ڪري آيو آهيان! هاڻ حڪم ڪريو، جيئن چئو تيئن ڪريان! پير کي خليفي جي هن ڳالهه ۽ اُن عمل تي ڏاڍو شرم آيو ۽ پڇتايو، پنهنجن هٿياربندن کي واپس ڪري شاهه سائينءَ جي قدمن تي ڪِري، پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتائين، شاهه سائين اهڙن پيرن جي بي سمجهائي ڏسي چيو ته، هُو پاڻ ڪجهه نٿا ڪن، اجايو پنهنجن ڏاڏن ۽ نانن جي اَجاين ڪاني ڪرامت جون ڳالهيون ٻُڌائي، خدا جي خلق کي ڦُريندا کائيندا رهن ٿا، هُو ائين آهن جيئن بنا نر جي ڪُڪڙ جا وائي آنا! شاهه سائين اُن ڳالهه جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
پَاڻ ڪَن ڪِينَڪِي، پَا ائين ڏاڏ ۽ نان،
اهڙا وائي آنا، ڪُڪڙ لاٿا ڪيترا!
اهڙن مثالن جي ڪري شاهه سائينءَ جي مُريدي خادمي ۾ وڏو اضافو آيو، جيڪي سندس مخالف هُئا، سي به هن کان ڪن هڻڻ لڳا ۽ ڊوڙي اچي سندس پاسو ورتو!
شاهه حبيب جي وفات:
شاهه حبيب ڏاڍو اگهو ٿي پيو، شاهه سائين ڪوٽڙي ويل هو، شاهه حبيب هڪ قاصد موڪليو ته جيئن هُو اچي آخري ملاقات ڪري، اُن قاصد هٿان هي بيت لِکي موڪليائين ته:
ڪَنهن جي نِينهن گتا، جو وَاجَهائِيندي نَه وَرو،
جيڪي مُئي ڪَندا، سو جَانب ڪَريو جيئري.
شاهه سائين اُن جي جواب ۾ پنهنجي والد ماجد ڏي قاصد هتان هي بيت ڏياري موڪليو ته:
مَتان ٿِئين مَلور، ڪِينَ اَڳاهون آهِيان،
ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏورُ، حدَ ٻِنِين جي هيڪِڙي.
قاصد جي موٽي اچڻ کانپوءِ شاهه حبيب پِيالو ڪيو، کيس ڀِٽ تي سيد محمود شاهه جي سيراندي ۾ جڳهه ڏني وئي، اُن کان پوءِ شاهه سائين رياضت ۾ گذارڻ لڳو، اُنهيءَ وچ ۾ جيڪي ماڻهو سندس مخالف هُئا، سي سندس مريد بنجي ويا!
شاهه سائين جو ڳائڻي گلان کي دعا ڪرڻ:
چون ٿا ته گُلان نالي هڪ وڏي ڳائڻي هُئي، جيڪا صُورت ۽ سِيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئي، جيڪا ڀِٽ شاهه تي گهڻو اچي، شاهه سائينءَ وٽ ڳائيندي وڄائيندي هُئي. هڪ ڀيري شاهه سائين وٽ ڀِٽ تي اچي اهڙو ته ڳائڻ وڄائڻ ڪيائين، جو شاهه سائين سميت سڀني فقيرن کي وَجد ۾ آڻي ڇڏيائين، چون ٿا ته اڳ ۾ اهڙو ڪڏهن ڪونه ڳايو هُئائين ۽ شاهه سائين ڏاڍو خوش ٿيو هو، ۽ واهه واهه چئي کيس ڏاڍو داد ٿي ڏنائين. عين اُن وقت، اُن ڳائڻيءَ شاهه سائينءَ کي هٿ جوڙي نهايت عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته قبلا سائين! مُون کي ته ڪا دُعا ڪريو ته آءٌ پنهنجي ماني مڇيءَ واري ٿي سُکيو ستابو وقت گُذاريان ۽ عاقبت سُٺي گُذريم! شاهه سائين به دير ڪانه ڪئي، هٿ کڻي دعا ڪيائينس ۽ کيس چيو ته، مائي گُلان تُون سنڌراڻي ٿينديين ۽ تو مان هڪ گُل ٿيندو (پُٽ ڄمندو) جيڪو سنڌ جو ناميارو حاڪم ٿيندو، شاهه سائين جي دعا جلدي ڌڻي در اگهاڻي، پٽ تي اِها ڳالهه ٿي، عين اُن وقت شاهه سائين جي ڪنهن مخالف، سنڌ جي حاڪم نور محمد ڪلهوڙي کي وڃي ٻُڌايو ته، عام ماڻهو شاهه عبداللطيف کي اهڙو خدا جو نيڪ ٻانهون ٿا چون! پر هُن جو حال هي آهي، رات جو ڀِٽ تي رُڳو ڪنڃريون پيو نچائي، ۽ پاڻ به اُنهن سان گڏجي پيو نچي ۽ راڳ پيو ٻُڌي! ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته ڀِٽ تي وڃي اها خبر لھن ته سچ آهي يا ڪُوڙ! جيڪڏهن ڪا ڪنڃري، شاهه وٽ هُجي ته اُن کي وٺي، مُون وٽ حاضر ڪريو ته، رُوبرو شاهه صاحب جون خبرون چارون وٺونس! اهي اڃا پنڌ ۾ ئي هُئا ته ڳائڻي گلان، شاهه سائينءَ کان موڪلائي وڃڻ جي ڪئي. شاهه سائين چيس ته مائي گُلان تڪڙ نه ڪر، ٿورو ترس، جو هيرن جا خريدار ٿا اچن! ائين ڪندي نور محمد ڪلهوڙي جا ماڻهو آستاني اندر گِهڙي آيا ۽ هڪدم گُلان کي کنڀي کڻي وڃي نور محمد ڪلهوڙي وٽ پيش ڪيائونس، ميان نور محمد ڪلهوڙي گلان جي خوبصورتي ۽ مست جوانيءَ جو جوڀن ڏسي موهجي پيو ۽ خيال ڪيائين ته ساڻس محبت ڪريان، پر گُلان هٿ لائڻ نه ڏنس ۽ چيائين ته ميان صاحب! شريعت موجب نڪاح وَهندين ته آءٌ سڄي ساري تُنهنجي مِلڪ آهيان، باقي ائين هرگز ڪين ٿيندو!
ميان کي عشق جي باهه ويهڻ نه ڏنو ۽ هڪدم هڪ مُلو گهرائي کڻي، گلان سان نڪاح ڪيائين، جو پوءِ اُن مان غلام شاهه ڄائو، جيڪو سنڌ جو ناميارو حاڪم ٿيو ۽ پوءِ مرشد لطيف جو پڪو مُريد ٿيو، جنهن لاءِ هي مشهور آهي ته شاهه سائين سنڌ جي ڀلائي لاءِ غلام شاهه خدا کان گُهري ورتو هو!
شاهه سائين جو ڪربلا موليٰ جي زيارت لاءِ نڪرڻ:
شاهه سائينءَ کي اوچتو اچي خيال ٿيو ته مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه السلام ۽ سندس ٻچڙن جي وڃي زيارت ڪيان، سو ڀِٽ تان نڪري تيار ٿي روانو ٿيو، هڪ منزل کان پوءِ واٽ تي هڪ مريد ملي ويس، جيڪو هڪ ڪامل فقير هو، تنهن چيس ته قبلا سائين هي ڇا؟ اوهان ماڻهن کي ٿا چئو ته اسان جو آخري آرام گاهه ڀِٽ تي ٿيندو! پوءِ پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ نِڪتا آهيو هيڏي وڏي سفر تي، ڪير مري، ڪير جيئي! پوءِ شاهه سائين پنهنجو خيال بدلائي موٽي ڀِٽ تي آيو ۽ ماتمي لباس پائي اِمام پاڪن جي ماتم ۾ سُر ڪيڏارو چيائين ته، محرم جو مهينو ته موٽي آيو آهي، پر اِمام نه موٽيا آهن. اي الله مون کي مديني جي مير سان مِلاءِ! اي يزيد! علي عليه السلام جي اولاد سان جنگ ڇڏي ڏي، اها خوشي تُون ماڻيندين، جيڪا خوشي حضرت حسين عليه السلام کي اَبد تائين حاصل هُوندي، شاهه سائين پنهنجي ڪم جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته:
محرم موٽي آيو، آيا تَان نَه اِمَام،
مَدِيني جَا ڄَام، مَوليٰ مُون کي ميڙئين.
يا
جهيڙو لاهه يزيد، علي جي اولاد سِين،
سَا تَه پَسندين عِيد، جَا هُوندي مير حسين سِين.
مرشد لطيف جو لاڏاڻو:
هڪ ڀيري اوچتو خيال ۾ اچي اڪيلا ڪوٺيءَ ۾ ويهي، ايڪيهه ڏينهن عبادت ڪيائون، پوءِ ٻاهر اچي غسل ڪري فقيرن کي راڳ جو حُڪم ڪري، پاڻ مٿان چادر وِجهي مراقبو ڪري، عبادت ۾ ويهي رهيا، راڳ ويراڳ مسلسل ٽي راتيون، ٽي ڏينهن جاري رهيو، جيڪو فقيرن واري واري تي چيو، آخري رات راڳ بند ڪري شاهه سائين جي ويجها ٿيا، ڏٺائون ته خاڪي جسم موجود آهي، پاڻ الائي ڪيڏي مهل موڪلائي ويا هُئا، اها صفر مهيني جي چوڏهين (14) تاريخ 1752ع 1165 هجري هُئي. پاڻ 63 سالن جي عمر ۾ پيالو ڪيائون، حضور پرنور به ساڳي عمر ۾ روانا ٿيا هُئا!
مرشد لطيف جي شڪل شباهت:
شاهه سائين پوري ڊگهي قد جا هُئا، مٿو ويٺل، پيشاني ڪُشادي، ڏاڙهي ڀنڀي، چاپهين، شهپرن سان اکيون ڪاريون، چمڪيدار، رنگ ڪڻڪائون، خطو موش طبع، حليم سڀاءُ، ڏيک ويک کان پري، سادو ۽ تمام ٿورو کائيندا هئا، گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائيندا هئا، پڇاڙيءَ ۾ ماتمي ڪارو لباس ڪيائون، مٿي ۾ ڊگهي ٽوپي پائيندا هُئا، جنهن کي تاج چوندا هُئا، پيرن ۾ سنڌي جُتي پائيندا هُئا، اڪثر پير اگهاڙا ڪري هلندا هُئا، هٿ ۾ لٺ کڻندا هُئا، کاڌي کائڻ لاءِ ڪِشتو (ڪچڪول)، سُمهندا هيٺ تڏي تي هُئا، پاڻ ڏاڍا رحمدل هُئا، پاڻ ڪنهن پکي يا ڪنهن به جانور کي ايذايائون ڪڏهن به ڪون، هڪ ڀيرو سفر تان موٽيا هُئا، واٽ تي ڏٺائون ته مُئل ڪُتيءَ جا ٻه گلر سندس بُبا چُوساڙي رهيا هُئا ۽ کير نه ملڻ ڪري ڏاڍيون دانهون ڪري رهيا هُئا، جيڪي پاڻ کڻي ڀِٽ تي آيا، جن کي کارائي پياري جوان ڪيائون، هڪ جو نالو موتي ۽ ٻئي جو نالو کينهون رکيائون، جن جو ذڪر سندس رسالي ۾ موجود آهي، پاڻ اڪثر سَھن جي شڪار کان منع ڪندا هُئا، چي اهي ڏاڍا ضعيف ۽ بيواهه جانور آهن، بيواهن ۽ ضعيفن کي ايذائڻ خدا جو ڏمر آهي!
شاهه سائين جو مذهب:
شاهه سائين صوفي لاڪوفي هو، هن جو مذهب محبت ۽ ماڻهپو هو، هن جو چوڻ هو ته اسلام پنهنجي تعليم جو بنياد انسانيت تي قائم ڪيو آهي، خدا جو حڪم آهي ته فساد نه پکيڙيو زمين تي! پوءِ هي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ڇو؟ خدا ته هندو توڙي مسلمان جو ساڳيو آهي، هن جي روشني هر انسان لاءِ برابر آهي، هن جي حُسن جو جلوو ڪُل ڪائنات جي هر چيز ۾ موجود آهي، اُن کي ئي حق موجود چئبو آهي، جيڪو ڪائنات جي نبض ۾ گرم خون وانگر گردش ڪري رهيو آهي، گويا هڪ مرڪز ۾ اچي ماضي حال مستقبل سڀ هڪ بنجي ٿا وڃن ۽ چؤطرف تُون ئي تُون آهي. جيڏانهن ڪر نگاه، تيڏانهن سڄڻ سامهون آهي، اُهو سڄڻ مسجد، مندر، يا ڪليسا تائين محدود ناهي رهيو، عربي هُجي يا عجمي هُجي، هندو هُجي يا مسلمان هُجي، ڪاري جي هُجي يا ڀُوري گوري جي هُجي، سڀ ۾ پاڻ ٿو وَسي. شاهه سائين مذهب کي زبان سان رسمي ۽ سطحي طرح سان نه، پر يقين ۽ بصيرت سان نِرت ۽ سُرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه روش ۽ والهانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، هُو ايمان جي ڪيفيت کي زباني ڪلمي گو هُجڻ اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي، اها ڪلمي گو دل ڪهڙي ڪم جي؟ جنهن دل ۾ دَغا فريب، ڪُوڙ، ٺڳي، دوکو، منافقي، بدمعاشي جي باهه پئي ڀڙڪي، شرڪ ۽ شيطان منجهس خيما کوڙيو ويٺو هُجي، اُن لاءِ پاڻ فرمائي ويا آهن ته:
اُن پَر نَه اِيمان، جيئن ڪَلمي گو ڪَوٺَائِين،
دَغا تنهن جي دل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مُسلمان، اَندر ۾ آزر آهِين!
يا
مُنهن ۾ مُوسيٰ، اَندر ۾ اِبليس،
اهڙو خَام خَبيث، ڪَڍي ڪَوهه نَه ڇڏيين!

[روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، اڱارو 10 فيبروري 2009ع ۾ ڇپيل]