سچل سائين جو مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جهاد!
سندس اصل نالو عبدالوهاب هو، جو سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو، پر ٻالڪپڻ ۾ ئي سلڇڻي هجڻ ڪري، کيس پنهنجو چاچو ميان عبدالحق پيار وچان ’سچل‘ يا ’سچو‘ ڪري سڏيندو هو. هُو پنهنجي وقت جو وڏو عالم، صوفي، تصوف جو شهنشاهه، حقيقت ۽ معرفت جي رمزن جو رازدار هو. سچل سائينءَ جي ولادت واري سال، يعني 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪري، وڏا ظُلم ڪيا، اُن کانپوءِ 1754ع ۾ احمد شاهه ابدالي، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، اُن کان پوءِ افغاني جلاد ملعوني طبع جي مالڪ ۽ ڪٺور دل، مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ ڦُري باهيون ڏئي ساڙايا ۽ اناج جا اڌ پڪل فصل تباهه ڪرايا ۽ سنڌ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، پٺاڻن جي لڳاتار حملن جي ڪري هي چوڻي وجود ۾ آئي ته:
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو!
سچل سائين اهڙي ڏکئي دَور ۾ اک کولي، پنهنجي تيز فهمي ۽ ذڪي نگاهه سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته افغاني ڌاريا حڪمران بنجي آيل جن ۾ اخلاق نالي ڪا شيءِ ذري برابر به ڪانه هئي، هُو انتهاپسند ۽ ڪٽر مذهبي جلاد ۽ ڪٺور دل هُئا، مذهب اسلام جي نالي ۾ اهڙا ته ظلم ڪيا، جنهن کي ڏسي شايد شيطان به شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هوندو، پر هنن کي ظلم ڏاڍ ڪرڻ ۾ ذرو به شرم ڪونه ٿي آيو، هنن مذهبي ٺڳن سنڌي ماڻهن ۾ مذهبي فرقي پرستيءَ جو ٻج پوکڻ شروع ڪيو، چي ڀيل، باگڙي، ڪولهي، مينگهوار، هندو وغيره ڪافر آهن، هُو مذهب اسلام جا دشمن آهن، هنن سان سماجي لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، هنن سان ڀلائي ڪرڻ گُناهه آهي وغيره. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اوچ نيچ، ذات پات واري انساني اُصولن واري پائمالي شروع ٿي وئي، ايتري قدر جو ڪيترن مُلن مولوين ۽ پيرن گڏجي هندن جون زور ۽ زبردستي سان طهرون ڪرائي، زوري مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو، اهو زمانو سُٺن ذهنن ۽ سيڪيولر خيالن وارن ماڻهن لاءِ قيامت کان گهٽ ڪونه هو، چؤطرف مايوسي پريشاني ۽ ويڳاڻپ پکڙجي وئي هُئي، پيار محبت رواداري نيڪ نيتي موڪلائي وئي هئي، امن شانتي اُجڙي وئي هُئي، هر طرف جبر، ڏاڍ، ڏمر، ظلم، زيادتي جو زور شور هو. سچل سائين مذهبي ڪٽرپڻي کان بُلند و بالا هو، هُو ’لَڪُم دِينڪُم وَليَ الدِينُ،‘ جو عملي پيروڪار ’واصل بالله ۽ فنافي الله‘ هو، جنهن خود خدا جي نُور جي تجلين جو مشاهدو ماڻيو هو، هن کي مالڪ حقيقيءَ جي سڀني اسرارن ۽ رمزن جي ڄاڻ هُئي، هن کي دين ڌرم جي نالي ۾ اجائي ڦرلٽ، مارڌاڙ ۽ قتل و غارت واري ڳالهه پسند ڪانه هُئي، هن ڏٺو ته اسلام جي وسيع تصور کي مُلا مولوي پاڻ ئي نقصان پهچائي بدنام ڪري رهيا آهن، ۽ دنيا جا انسان هن چوڻ تي مجبور ۽ لاچار ٿيا آهن ته دنيا ۾ خون خرابين ۽ نفرتن جو ذميوار ملن مولوين جو تشريح ڪيل ڪٽرپڻي وارو مذهب آهي، جنهن کي دين فطرت چئي نٿو سگهجي، جيستائين مُلن مولوين جي تشريح ڪيل ڪٽرپڻي وارو مذهب موجود آهي، تيستائين اهي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ختم نه ٿينديون، اُن لاءِ سچل سائين پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته:
ڪَڍ مَذاهب مَن مَان، سَاجهر سَاڻ سَويل،
مَتان ٿِئي اَويل، اولهه سِج نَه اُلھي!
هڪ هنڌ مرشد لطيف به چيو آهي ته:
ڪَافَر ٿي ته ابهين، بَاب شَرع جَا ڇَڏ،
مَن مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿِيين وِصَال کي!
شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته ڪٽر مذهبي مُلا مولوي، جن لاءِ فتوائون جاري ڪري چون ٿا ته هُو ڪافر ۽ مشرڪ آهن! حقيقت ۾ اهي ئي سڌي رستي تي هلڻ وارا آهن، انهيءَ ڪري مُلن مولوين واري شريعت کي ڇڏي ڪري، اُنهن ماڻهن مان بنجي وڃ، جن لاءِ هنن ڪُفر جون فتوائون ڏئي کين ڪافر ۽ مشرڪ چيو آهي، انهن سان ئي من جو ڳانڍاپو ڳنڍ ته حقيقت جي ويجهو ٿي ويندين.
سچل سائين جي کاڌ خوراڪ، لياقتون ۽ عادتون:
سچل سائين تمام سادگي پسند هو، ڏُڌ ۾ لوڻ مرچ ملائي ٽُڪر ٻوڙي کائيندو هو، يا ماني ڀوري ڪُٽيءَ ڪري کائيندو هو، نه ته اڪثر روزي ۾ رهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گوشت جو شوربو کائيندو هو، اڳتي هلي اُهو به بند ڪيائين، ڏاري جي رَٻ ۽ دال ڏاڍي پسند ڪندو هو، رات جو اڪثر کاڌو ڪونه کائيندو هو، پنهنجي هٿ سان حلال جانور يا پکي کي نه ڪُٺائين، نه وري ڪو شڪار ڪيائين، رات جو گهٽ سُمهندو هو، اڪثر ڪاٺ جي صندليءَ تي مُراقبي ۾ ويهي رات گذاريندو هو، سُني ۽ شيعي وارو ڪٽرپڻي وارو فرق نه رکندو هو، اهلبيت لاءِ وڏي محبت رکندو هو، عاشورن ۾ مرثيه خوانيءَ سان گڏ ماتم به ڪندو هو ۽ ماتمي جلوس جي اڳواڻي به ڪندو هو. سچل سائين جو مختلف ٻولين ۾ جيڪو به ڪلام آهي، سو اڪثر تصوف معرفت ۽ حقيقت بابت آهي، عمر جي وڌڻ سان سندس عشق ۾ اضافو ٿي آيو، سندس ئي زبان ۾ ائين کڻي چئجي ته:
جِيوين آوي پِيري، تِيوين نِينهن دِيان نَوڪَان نيان نيان!
صوفي اعظم ۾ سختي ٿي آئي، اهو سنڌ جو منصور سچل سائين 1242 هجري، 14 رمضان مبارڪ مطابق 1829ع ۾، بوقت فجر، الله اڪبر جي صدا مهل، سنڌ جي ماڻهن کي الوداع چئي، پنهنجي حقيقي مالڪ جي حضُور ۾ وڃي حق موجود چئي سدا موجود ٿيو.
[روزاني عبرت حيدرآباد، ڇنڇر 5 سيپٽمبر 2009ع ۾ ڇپيو]