تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

سُپيرِيَان سِين سَوڀ

سنڌ جي ادبي تاج جي لاثاني گوهر، ڀلاري ڀٽ ڌڻي، يعني شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي پيغام جو، جيڪڏهن تفصيل سان ذڪر ڪبو ته اُن لاءِ دفترن جي درڪار ٿيندي، جنهن ڪري مون فقط هڪ بيت چونڊيو آهي ته:
سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪرو، لاَلچ ڇَڏي لَوڀ،
سُپيرِيَان سِين سَوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه ٿِئي!
لاکيڻي لطيف جي هن بيت کي ذهن جي ڪسوٽي تي پرکي مٿس غور فِڪر ڪري ڏسبو ته ڪُوذي ۾ سمنڊ بند ٿيڻ واري چوڻي جي زنده تصوير نظر ايندي. هن پنهنجي جادو بيانيءَ سان سَنواري سينگاري معنيٰ جي معراج تي پهچايو آهي، جو واقعي ڄڻ ڪُوذي ۾ سمنڊ اُڇلون ماريندي نظر پيو اچي، سبحان الله سندس بصيرت روشن خيالي ۽ وسيع النظريءَ کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن ته هُو ڪهڙي طرح انسان ذات لاءِ فِڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪري زندگيءَ جي جُدا جُدا آزمائشي مرحلن ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ٿو ڪري ۽ انساني سَڀاءُ کي پرکي پروڙي پهاڙن جيڏا مسئلا تمام سادگي ۽ آسانيءَ سان حل ڪيا آهن، اڄ به جيڪر سنڌ جا ماروئڙا، سانگيئڙا، ڏوٿيئڙا ۽ جهانگيئڙا پنهنجي مرشد رهبر ڀٽائي گهوٽ جي ڏنل پيغام کي پروڙي اُن تي عمل ڪن ته جيڪر اُنهن کي ڏُکيا ڏينهن ڏِسڻا ئي نه پون ۽ جلد پنهنجي عظيم مقصد کي ماڻي سگهن ٿا. مون وٽ جيڪو مرشد لطيف جو بيت زير بحث آهي، سو هي آهي ته:
سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪرو، لالچ ڇَڏي لَوڀ،
سُپيرِيَان سِين سَوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه ٿِئي!
شاهه سائينءَ جي هن شعر کي دل جي دُوربيني ۽ باريڪ نظر سان وڃي ڏسبو ته منجهس مقصد جا موتي مِلندا، جن جي قيمت جو ڪاٿو ئي ڪونهي، شاهه سائين پنهنجي لافاني شاعريءَ ۾ جيجل سنڌ کي لازوال بنائي سنڌي سانگيئڙن کي سنواري سينگاري دُنيا اڳيان ڳاڙهي گهوٽ وانگر نِروار ڪري بيهاريو آهي، شاهه سائين جي شاعري، سنڌي سانگيئڙن جي شاعري آهي، جنهن ۾ اَڇي ڪاري، هندو مسلم جو تفاوت ڪونهي، رُڳو پيار ئي پيار جو پيغام آهي. شاهه سائين ڪنهن ظالم جابر استحصالي ڌاڙيل، ڦورو ۽ لُٽيري جي قصيدي خواني ڪانه ڪئي آهي ۽ نه وري ڌارئي رستم سهراب يا گل ۽ بلبل جو بي مقصد ڪو راڳ ڳايو آهي، جڏهن شاهه سائينءَ جي وقت ۾ ڪٿي ڌاريا ڌاڙيل ۽ لُٽيرا، مسڪين ماروئڙن جو رَت ۽ سَت چُوسڻ لاءِ سنڌ تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرائيندا رهيا، تڏهن شاهه سائين مايوس ۽ نا اُميد نه ٿيو ۽ هن مرد مجاهد سينو سُپر ڪري وڏي دليري ۽ همت سان پنهنجي ديس واسين کي حُب الوطنيءَ جو هٿيار ڏئي تلقين ڪري چيو ته، منهنجي ڌرتيءَ جا ماروئڙا! اوهان هِمت نه هاريو، سُست ۽ ڪانئر نه ٿيو، توڪل جو ترهو ٻَڌي سڀئي گڏجي پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکو، متان همت هاري اَٿو! ۽ اُنهيءَ پنهنجي نيڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀئي اُٿي کڙا ٿيو، بنا ڪنهن حِجاب جي دنيا جون سڀئي لالچون ڇڏي، وِک کي وڌائي اڳڀرا ٿيو! پوءِ ڇو نه اُن لاءِ اوهان کي ننگي ٿي بيهڻ يا لاهي پاهي ٿي بيهڻ جا طعنا مِهڻا ملن! پوءِ به ڪنهن لُٽيري ڦوروءَ جي ڪوڙڪائي ڪڇ تي پنهنجا ماڻڪ موتي (نيڪ مقصد) نه وڃايو، سنڀالي قدم کڻو! متان ٿوري وقت جي خوشي ۽ آرام لاءِ پنهنجي لَکن جي لال (آزادي) وِڃائي ويهي رهو ۽ پوءِ متان اوهان کي سَکڻا هٿ هڻڻا پون! تنهن ڪري پنهنجي مقصد کي مٿانهون سمجهو، متان پراين ماڙين جا خواب ڏسي، پنهنجي جُهوپڙي ڊاهڻي پوي ۽ پوءِ اوهان کي مٿي لڪائڻ جي جڳهه به نه ملي! جي عارضي وقت لاءِ سڻڀن ۽ لذيذ طعامن تي پنهنجا پيٽ هيرائي پنهنجي ڏُٿ کي وساري ويٺا ته ٿي سگهي ٿو ته سُڀاڻي توهان کي پنهنجي سادي سودي دال روٽي به هٿ نه اچي، تنهن ڪري ٻين سڀني ڳالهين کي ٿِڇ سمجهي پنهنجي حقيقي مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪريو، يعني ٻين جي غلاميءَ کان بچو، متان اڳتي هلي اوهان کي ڏُکيا ڏينهن نه ڏِسڻا پون! مرشد لطيف ديس واسين کي پنهنجي نيڪ مقصد لاءِ جيڪا تلقين ڪئي آهي، سا سندس شعر مان چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر صاف نظر پئي اچي، الله تعاليٰ به فرمائي ٿو ته ايستائين ڪنهن قوم جي تقدير نه ٿي تبديل ٿئي، جيستائين اُها قوم پنهنجي تقدير پاڻ نٿي بدلائي، هن مان شاهه سائين جي اُنهيءَ بيت جي تصديق ٿئي ٿي ته جي تو بيت ڀَانئِين، سي آيتون آهين!
هي مرشد لطيف جون اڻ مٽ آيتون، هر انسان لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکن ٿيون، هر دُکي انسان جي ڇوٽڪاري لاءِ ڪامل نسخي جو ڪم ٿيون ڏين. شاهه سائينءَ جي ڪلام مان ڪامياب زندگي گذارڻ جو پتو پوي ٿو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ سان هِت به رَهايائون رَسُ هُت به گَڏيا هَوت کي! وارو مثال پورو ٿئي ٿو، يعني هِن جھان ۾ به ڪاميابي سان زندگي گذاري سگهجي ٿي ۽ پنهنجي مالڪ وٽ پهچڻ وقت به سُرخرو ٿي سگهجي ٿو، اُنهيءَ شرط سان ته انسان حق سچ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ۽ ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ نه اچي، ۽ غلاميءَ کان بچي، انهيءَ لاءِ مرشد لطيف وڌ کان وڌ تلقين ڪندي فرمايو آهي ته:
سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪرو، لالچ ڇَڏي لَوڀ،
سُپيرِيَان سِين سَوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه ٿِئي!

[روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، جمعو 18 اپريل 1980ع ۾ ڇپيل]