شاهه عبداللطيف ۽ سُهڻي
مثنوي و مصنوي و مولوي هست قرآن در زبان پهلوي
تهڙي طرح اسان جي سهڻي ڌرتيءَ سنڌ جي صدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جو رسالو پڻ انسان ذات جي زندگيءَ لاءِ هڪ رهنما اُصولن جو انمول خزانو ۽ هدايتن جو اڻ کٽ بحر آهي، جنهن جي هڪ ڦُڙي نصيب ٿيڻ سان اندر جون اکيون کُليو پون، مطلب ته شاهه سائينءَ جو رسالو هڪ اهڙو ترياق آهي، جو زندگيءَ جي هر زهر کان انسان کي پاڪ صاف بنايو ڇڏي، يعني بُرابه ڀلا ٿيو پون، اِهو ئي سبب آهي، جو شاهه سائين پنهنجي رسالي ۾ ڏنل بيتن متعلق فرمايو آهي ته:
جي تو بَيت ڀَانئِيا، سي آيَتُون آهِين،
نِيو مَنُ لائِين، پِريان سَندي پَار ڏي.
اِها هڪ زنده حقيقت آهي، جنهن جي تصديق سنڌ جي جيد عالم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي ڪندي فرمايو آهي ته:
آهي عبداللطيف جو اسان تي احسان،
جنهن جوڙي قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو!
شاهه سائين سنڌي ٻوليءَ کي فقيري فيض ۽ عشق جمال سان اهڙو ته اُجاري اڇو ڪيو آهي، جو ڪنهن به دشمن جي دشمنيءَ سان سندس قومي ٻوليءَ واري اهميت ۽ عظمت کي ريٽي ميٽي نٿو سگهجي، ائين کڻي چئجي ته سنڌي ٻولي، لطيفي پارس سان لڳي سون بنجي چُڪي آهي، شاهه سائينءَ جو اِهو احسان گهٽ چئبو! جو سندس وقت جي حاڪماڻي ٻولي، جيڪا فارسي هُئي، اُن جي وڏي بهادريءَ سان مخالفت ڪندي چيائين ته:
تو جو سکيو فارسي، گولو توءِ غلام!
اُن جي جڳهه تي پنهنجي سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻ زمين کان مٿي کڻي آسمان تي پهچائي، سنڌي قوم کي اَهلِ ڪتاب بنائي ڇڏيو، سڄي دنيا کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پئي ته شاهه جي شاعريءَ ۾ جيڪو فهم ۽ فڪر موجود آهي، سو ايترو ته وسيع ۽ مضبوط آهي، جو سنڌي ٻولي دنيا جي عظيم ٻولين مان هڪ ٿي پئي آهي. شاهه سائين جي شاعريءَ کي واقعي پياري پاڪستان ۾ سياسي تعصب ڪري قومي شاعر تصور نٿو ڪيو وڃي، پر وقت گذرڻ سان جڏهن سڀ شيون پنهنجي اصليت طرف موٽ کائي، پنهنجي جاءِ وٺنديون، پوءِ شاهه سائينءَ جي اڻمٽ آيتن جي اُونهي اسرار ۽ رُوحاني رازن جي پروڙ پوندي. شاهه سائين ابن الوقت نه پر ابو الوقت صوفي شاعر هو، هن اعليٰ هستيءَ جو پيغام مڪمل انسان ذات لاءِ هڪ جهڙي هدايت وارو آهي ۽ هر زماني لاءِ فائدي وارو آهي. هن نابوديءَ کي نئين عبد کي اعليٰ ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي ۽ صبر جي شمشير سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ۽ سماجي ناانصافين، اخلاقي اُوڻاين کي دُور ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو آهي. ڪٿي وري سُستي غفلت ڇڏي ’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي!‘ ڳالهه ڪئي آهي، ڪٿي وري درد مند دلين جو آئينو بنجي ’ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ، سورائتي سندرو!‘ چئي همت ڏياري اٿس. ڪٿي وري اُگهور ننڊ ۾ سُتلن کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو اٿس، ’سُتا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري!‘ ڪٿي وري مذهبي ڪٽرپڻي جو زهر پکيڙيندڙ وحشين لاءِ پيو چوي ته ’مُلا نام مولا جو آخوند سڀ انڌا!‘ عام طرح ڪنهن غلط فهميءَ وچان صوفيءَ کي اهڙو شخص سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دنيا کي تَرڪ ڪري، لوڪان لِڪي جهنگلي جانورن وانگر جهنگ مُنھن ڪري يا وڏا وڏا چڙا ڳِچيءَ ۾ پائي ڀنگ جا ڪُونڊا، چرس جا سُوٽا ۽ آفيم جا روڙا چٻاڙي نشي ۾ ڌُت ٿي نِڪمو بنجي ويهي رهي، يا رلي ڪُلهي تي رُلندو پِنندو وتي! پر شاهه سائين هڪ اهڙو صاف نظر صوفي هو، جنهن سچائي ۽ محبت جي لافاني لاٽ سان اجتماعي زندگي گذارڻ جي واٽ ڏيکاري ۽ رُوحاني داستان وسيلي خُودي کان خدا تائين رسڻ لاءِ رهبري ڪئي آهي، سندس سَوَن مضمونن ۾ فهم جي خيال کان ڪانه ڪا حق سچ جي هدايت ۽ ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، خاص طرح سندس سُورمين وارن قصن ڪهاڻين ۾ ته عشق، محبت جو سمنڊ اُڇلون ۽ ڇوليون هڻندي نظر ايندو، هُو عشق ۽ محبت وارن جي ايمان جو استاد ۽ رهبر نظر ايندو، سندس عشق ۽ محبت، فڪر ۽ دليل کان مٿانهون آهي. آءٌ، شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سُهڻي ميھار کي انساني محبت جا ٻه روشن مينار سمجهي، سبق آموز ڪردارن متعلق پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪجهه عرض ڪندس، سُر سُهڻيءَ ۾ ’سُهڻي ۽ ميھار‘ جي محبت جي ڀيٽا ڪجي ته سُهڻي محبت جي ميدان ميھار کان الائي ڪيترا ڀيرا سوائي نظر ايندي، پر پوءِ به ميھار جي محبت کي وِساري نٿو سگهجي، سندس محبت جا ڪئي مثال موجود آهن. سُهڻي ويچاري ميھار جي عشق ۾ دل دهلائيندڙ درياهه ۾ ڪاهجي پوي ٿي، نڪو جَر جي جانورن جو ڪو خوف خطرو اٿس، نه وري درياهه جي اُونهي پاڻيءَ جي پرواهه. عشق محبت وارن لاءِ درياهه جي هستي مستي يا جَر جي جانورن جو ڪو خوف خطرو ڪا معنيٰ ڪونه ٿا رکن، هُوءَ سِر جو سانگو لاهي ميھار جي عشق محبت ۾ نڪري ٿي پوي، چوي ٿي ته مون کي ميھار جي محبت جي تار لڳل آهي ۽ ميھار کي وري منهنجي محبت جي ميخ لڳل آهي، اهڙن محبتي ماڻھن لاءِ حقيقت ۾ تَرڻ لاءِ ترو هو، ٻُڏڻ کان بچاءُ نه پرائين کڻي سمجهو ته اُن کي کڻڻ ئي هڪ بار مثل آهي. محبت جو تمام ۽ تمام بُلند ۽ بالا آهي، جنهن جو مقابلو ڪوبه ڪري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سُهڻي جي ايمان جي رهبري حضرت عشق ڪري رهيو هو، عشق فڪر ۽ دليل وغيره کان مٿانهون آهي. عشق وارن جا ڪم به فڪر ۽ دليل کان مٿانهان هوندا آهن، خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته اُهي ڪيئن ٿيا؟ خوف خطرن جي باوجود به هيڏو سارو درياهه هڪ ضعيف ۽ نازڪ مزاج عورت آسانيءَ سان پار ڪري ميھار سان وڃي ٿي ملي! اِهو سڀ ڪجهه حضرت عشق جو ڪمال هو، صدقو ٿيان عشق وارن جي نام تان! ڏٺو وڃي ته سڀ شيون محبت جون محتاج آهن ۽ سڀئي محبت جي سھاري پيون تِڳن، سڀني جي رهنمائي محبت ٿي ڪري، هر شيءِ محبت جي صدقي موجود آهي. اها محبت آهي، جيڪا هر چيز کي ٻي چيز ۾ گم ڪريو ٿي ڇڏي، محبت ئي ساهڙ آهي، محبت ئي سُهڻي آهي ۽ محبت ئي درياهه آهي! محبت جي اها ڳالهه هڪ ڳُوڙهو ۽ اُونهون اسرار آهي، جنهن کي محبت وارا ئي سمجهي سگهن ٿا، ٻئي جي جاءِ ئي ناهي! پاڻ مالڪ خدا ۽ هي انسان، جنهن کي پاڻ ئي اشرف المخلوقات جي پڳ پڌرائي اٿس ۽ پنهنجو نائب سڏيو اٿس، اُهو حضرت انسان، هي سڄي ڪائنات، ٽيئي محبت جو نالو آهن. سُهڻي کي ميھار جي محبت هُئي، اُن ڪري درياهه جو جتان تيز وهڪرو هو، اهو ئي هن لاءِ آساني وارو هو، ڇاڪاڻ ته آسانيءَ واري واٽ ۽ گهيڙ، ڪنڌيءَ ڪپر جي تانگهه ڪُوڙيون ڪنديون آهن، جن کي ساهڙ جي محبت هُئي، اُهي آساني واري گهيڙ گهٽ جو پُڇن ئي ڪونه، اُنهن لاءِ هيڏو سارو درياهه هڪڙي وِک برابر آهي. سُهڻي ويچاريءَ کي به اُن وقت جي ظالم معاشري هرو ڀرو به ڏهه زروي کڻي مڙس مڙهيو هو، هن جي روح جو ڳانڍاپو ميھار سان هو، اُن کي ئي حقي وَر ٿي سمجهيائين ۽ اُن جي طلب ٿي رکيائين، اُن ڪري ئي نه ملاح جو ٿي پُڇيائين نه سندس ٻيڙيءَ جو ٿي پُڇيائين، نه ئي نوڙ ٻڌي اُن جو سھارو ٿي ورتائين، هُن کي ميھار سان اَٿاهه محبت هُئي ۽ محبت جو ئي سھارو هوس، جيڪو هن لاءِ ڪافي هو، جو هيڏي ساري درياهه جي سِير واري پاڻيءَ کي بلڪل گهٽ، اصل پِنيءَ ٻوڙ ٿي سمجهيائين، اُن ڪري ملاح مڪڙي ۽ نوڙ ٻڌڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه ٿي سمجهيائين، ڇاڪاڻ ته محبت هڪ نادر ۽ بي بھا شيءِ آهي. محبت ۾ ئي فراخ دلي ۽ پاڪيزگي آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت جو معراج آهي، انهيءَ معراج انساني جو شاهه سائينءَ محبت جي متوالي سُهڻيءَ جي واتان هن طرح بيان ٿو ڪرائي چورائيس ٿو ته:
پُڇن جي ميھار کي، پُڇي سي ميھار،
ترهو ٿي يار، عشق جنين اتامرو
يا
ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سو ئي
آهي نِجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
-
جِتان وَهي تِتان واٽ، ڪَپر پُڇن ڪُوڙيون،
جِن کي سِڪ سَاهڙ جي، سي گهيڙ نه پُڇن گهاٽَ،
جِن کي عشق جي اُساٽَ، سي واهڙ ڀانئِين وِکڙي.
يا
هُئي طالب حق جي، تڏي لاڪُون تور،
نه ملاح نه مَڪڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙ،
پاڻي پِني ٻوڙ، سُهڻيءَ ليکي سِير ۾.
اسلام کان اڳ ۾ خاص طرح ڇوڪريءَ جي رضامندي جو شاديءَ دوران ڪوبه ضرور ڪونه هو، اسلام انهيءَ تفريق کي ختم ڪري ڇڏيو، شادي دوران ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي رضامندي ضروري سمجهيو ويو، اُن کان سواءِ نڪاح ئي نٿو ٿئي. اسان جي معاشري ۾ اُن ڳالهه تي عمل گهٽ ڪيو وڃي ٿو، هزارين سال اڳ وانگر اڪثر ڇوڪرين جا بغير رضا منديءَ جي نڪاح ڪيا وڃن ٿا، اڪثر محبت دشمن مُلا انهيءَ ڳالهه جو خيال گهٽ ڪندي، چار پئسا وٺي، سڻڀي ماني کائي، نڪاح پڙهندا آهن، ان ڪري معاشري ۾ ڪئي برايون جنم وٺنديون آهن، ٿي سگهي ٿو ته سُهڻيءَ سان به اِها ويڌن ٿي هُجي، جو سندس زوريءَ نڪاح ’ڏَم‘ سان ڪرايو ويو هُجي، جنهن کي هن قبول ئي نه ڪيو هُجي! جيئن هن وقت جي معاشري جي ڪُڌين ريتن رسمن تحت نياڻين جا ننڍپڻ ۾ ئي نڪاح ٿيڻ، نوجوان نياڻين جا پڙ ڏاڏي، پڙ ناني جي عُمر وارن کک پوڙهن سان نڪاح ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪري پرڻائي ڏيڻ وغيره. سُهڻيءَ سان به اڄ ڪلهه جي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم واري ڪار ٿيل ٿي ڏسجي، جو هن ڏَم کي پنهنجو ئي نه ڪيو، کيس ڏِسڻ ئي ڏوهه ٿي سمجهيائين، کيس ڪُوڙو ۽ ڪوڙهو ٿي ڪوٺيائين ۽ ميھار کي پنهنجو سُپرين ٿي چوي. سُهڻي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته:
ڪوڙهيو ڏَم ڪُوڙو، مون ميھار من ۾!
يا
سَاهڙ مُنهِنجو سُپرِين، ڏَم ڏِٺي ئي ڏوهه!
ڏَم کان سُهڻيءَ جي نفرت کي ڏسي بلڪل يقين سان چئي سگهجي ٿو ته َڏم سان سُهڻيءَ جو نڪاح، سندس رضامنديءَ کان سواءِ ٿيو آهي، جيڪڏهن نڪاح سندس رضامنديءَ سان ٿئي ها ته پوءِ ڏَم کان ايتري نفرت ڇو ۽ ڇا لاءِ؟
سندس حقي لاڙو ميھار جي طرف آهي، جو تڙ تڪڙ ۾ درياهه جي تار ۾ ڪاهي ٿي پوي ۽ چوي ٿي ته ’اهو ڪم غرض وارين، ضروت مندن جو آهي،‘ جنهن بابت وڌيڪ چوي ٿي ته:
”ڏَم وٽان ميھار سان محبت هجڻ جا طعنا مِهڻا مون کي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا مِلي رهيا آهن، پر آءٌ ڇا ڪريان، جو نينهن عشق مُنهنجي عقل هوش، شر حيا کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، مون کي جنهن طرف جي ڪشش آهي، منهنجي من جو لاڙو به تنهن طرف آهي، ۽ درياهه جي پاڻيءَ جي تِک به اُن طرف آهي، جو گڙگاٽ ڪندو وَهندو پيو وڃي، اي ڌڻي! مُون کي اُنهن تيز لھرن وسيلي ئي ميهار سان ملاءِ!“
محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل ئي انسانيت آهي، آسمان کان زمين طرف ايندڙ سڀني شين مان محبت وڌيڪ اُتم آهي. محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم شيءِ آهي، محبت هڪ ازلي بِشارت آهي، اُن جي خوشي اَبدي آهي، محبت جي شاهراهه کي ’صِراط مُستقيم‘ چئجي ٿو، محبت رُوح جي خواهش آهي، محبت ئي ڪونين جي تخليق جو سبب آهي، هن ساري جھان جو قيام ۽ بقا اُن تي ٻڌل آهي، خدا وند ڪريم پنهنجي مخلوق کان محبت جي سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو گُهري، خدائي جُستجو جون سڀ دِڪتون محبت تي ئي ختم ٿين ٿيون. محبت اُهو نشو آهي، جنهن سان دل کي آرام نصيب ٿئي ٿو. سُهڻيءَ کي ميھار جي محبت جي نشي جي ضرورت هُئي، اُن ڪري هُوءَ اُن لاءِ پريشان هُئي، وٽس عقل ۽ شرم واري ڳالهه ڪانه رهي هُئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن حضرت عشق اندر ۾ اچي خيما کوڙيندو آهي ته عقل ۽ شرم کي چوندو آهي ته اوهان هاڻ ٽپڙ گول ڪريو! ڀٽائي گهوٽ سُهڻيءَ جي ڪهاڻي جو منطقي عڪس اجهو هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
تَڙ تَڪڙ تَار گِهڙڻ، اِي ڪَاڻيارين ڪَمُ،
ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏئي ڏوراپا ڏَم،
عَقُل مَت شَرم، ٽيئي نينهن نِھوڙيا!
يا
جيڏانهن جِت چَاهه گهڻو، آر به اوڏانهين،
وَڃي وهه واڪا ڪيو، تِکو تيڏانهين،
ميھار مِلائين، لھرن منجهان لطيف چئي!
هي دنيا ڇو ايتري حَسين آهي ۽ انسان ڇو خود بخود اُن جي طرف مائل ٿي ڇِڪجي وڃي ٿو؟ اُن جو سبب فقط اِهو آهي ته هي ڪائنات ۽ انسان ذات جي ٺاهڻ وارو هڪڙو ئي مالڪ آهي، اُن ڪري ئي ٻنهي شين جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي، اُنهيءَ خالق ئي انسان جي دل ۾ هن جھان ۽ اُن جي شين لاءِ محبت جو جذبو پيدا ڪيو آهي ۽ انهيءَ محبت جي ڪري ئي هي دنيا دائم قائم آهي. انسان جي ٺاهڻ وارو به خود هڪ مجسم محبت آهي، جتي محبت آهي، اُتي ئي خالق آهي! هن دنيا مان جيڪڏهن محبت کي ڪڍي الڳ ڪري ڇڏجي، سچ ته نه هي دنيا قائم رهي سگهندي، نه دنيا وارا رهي سگهندا، هن ڪُل ڪائنات جو ڪارخانو محض محبت جي ڪري ئي هلندو رهي ٿو، سُهڻيءَ ساهڙ جي محبت کان سواءِ ڪُجهه ناهي ۽ ميھار وري سُهڻيءَ جي محبت کان سواءِ ڪجهه ناهي! سُهڻيءَ ۽ ميھار فطري طرح سان هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، ساهڙ کانسواءِ سُهڻي ناپاڪ آهي، سندس آستاني تي ساڻس ملڻ کانپوءِ ئي پاڪ ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح پاڪ ٿئي ٿي، جيئن معصوم کير پياڪ ٿا ٿين، ساهڙ کان سواءِ سُهڻي بلڪل بيمار ۽ اَگهي آهي، سُهڻيءَ جي درد جي دوا ساهڙ جي ديدار ۾ ئي آهي، ڏَم وٽ سندس صحت خراب ۽ تمام خراب ٿيو وڃي، سندس چنڱ ڀلائي ميھار جي ڏسڻ سان ٿئي ٿي، هُوءَ ميھار جي مُنهن ڏسڻ سان خوش ٿيو ٿي وڃي. شاهه سائين سُهڻي ميھار کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي ته:
سَاهڙ ڌاران سُهڻي، آهي ۾ آزار
ڏَم پاسي ۾ ڏُکندو، صحت وٽ سَنگهار،
توڏي سَندي تَن جي، دوا ۾ ديدار.
جي پَسي مُنهن ميھار ته اَگهيائي سگهي ٿئي!
ڏٺو ويو آهي ته اڪثر انسان انهيءَ ڳالهه جو خواهشمند رهيو آهي ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ سُڪون قلب حاصل ٿئي، کيس معلوم به آهي ته اُهي سڀ ڳالهيون انهيءَ نظرياتي اُصول محبت جي ذريعي حاصل ٿي سگهنديون، تنهن هوندي به هي نادان انسان محبت جي سمنڊ ۾ دشمني تحت پٿر اُڇلي پريشان ڪندڙ ڪيئي لهرون پيدا ڪري ٿو، جنهن سبب پاڻ به پريشان ٿئي ٿو ۽ ٻين کي به پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ٿو، جهڙيءَ طرح سُهڻيءَ سان ڪيو ويو هو، جو هُوءَ پڪي گهڙي تي تري وڃي ميھار سان ملندي هئي، جيڪا ڳالهه سندس مخالفن، خاص طرح سندس نڻان کي پسند ڪانه هئي، شايد ڪاريءَ ڪري ڪُھاڙين سان مارائڻ بجاءِ کيس اٽڪل بازيءَ سان مارڻ جي خيال ڪري، سُهڻي جي لِڪايل پڪي گهڙي کي کڻي، گُم ڪري، اُن جاءِ تي ساڳيو رنگ ڏنل ڪچي گهڙي کي رکي ڇڏيو. سُهڻي ويچاري اُن دوکي کي سمجهي ڪانه سگهي ۽ دستور موجب جيئن ڪچو گهڙو کڻي، اَلا توهار ڪري درياهه ۾ گِهڙي، اڳڀرو ٿي، وِچ سِير ۾ مَس پُهتي ته ڪچو گهڙو ڳري ختم ٿي ويو ۽ هُوءَ ٻُڏڻ لڳي ۽ ميھار کي وڏا وڏا سڏ ڪيائين، جنهن وري ملاحن کي سڏ ڪري پُڪاريندي چيو ته وارو ڪريو اوهان به پنهنجا رَڇ اُڇلائي وِجهو، آءٌ هٿ ٿو وِجهان درياهه ۾ ڏاڍو وَهڪرو آهي، گهوريو اُهو وَهڪرو، جنهن ۾ مُنهنجي سُهڻي ٿي ٻُڏي! اي ملاح واهر ڪريو، اوهان کي خوش ڪندس! اوهان همت ڪري منهنجي سُهڻيءَ جي زندگي بچايو! اوهان ڀرپاسي ۾ پنهنجا رَڇ اُڇلي وِجهو، مَن سُهڻي سلامت مِلي وڃي! ملاحن سان گڏ ميھار به گهڻي ڪوشش ڪئي، پر سُهڻي ويچاري ٻُڏي مري وئي ۽ مِلي ڪانه سگهي، پوءِ ميھار به پاڻ کي اُڇلي سِير ۾ وِڌو. هن درياهه سُهڻيءَ کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي حياتيون ٻوڙي ختم ڪيون آهن، پر سُهڻي ته هن دل دهلائيندڙ درياهه کي ئي ٻوڙي ختم ڪيو آهي ۽ هي ساگر هاڻ پنهنجو ڪنڌ ڪنڌيءَ سان هڻي پڇتاءُ ڪندي، حال کان بي حال ٿي ويو آهي، هن سُهڻيءَ کي نه ٻوڙيو آهي، پر سُهڻيءَ جي همت ۽ محبت درياهه کي ٻوڙيو آهي، مرشد لطيف هن منظر جو عڪس هن ريت چٽيندي چيو آهي ته:
آءٌ پڻ وِجهان هَٿڙا، اَوهِين پڻ وِجهو رَڇ،
گهوريو ڪارونڀار، مان مڙن سُپرين.
يا
ميھار ملاحن کي، اُڀو آڇي آڇ،
آءٌ پڻ وِجهان هَٿڙا اَوهِين پڻ وِجهو رَڇ،
ڪَنڌي ڪُنڊ ڪڙڇ، هون سلامت سُپرين.
يا
سَئين سَائِر ٻوڙيو، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وَه وِڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌُ ڪپن سِين.
[روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، سومر 5 اپريل 2016ع ۾ ڇپيو]