شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد
سَائِين سَدائِين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مِٺا دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.
هن بيت ۾ ڏٺو ويندو ته شاهه سائين، سنڌ سان گڏ پوري ڪائنات لاءِ دُعا خير گُهري آهي، هن ائين ڪڏهن ڪونهي چيو ته رُڳو مسلمانن کي آباد ڪجانءِ ۽ ٻين کي نه، هن ته هندو مسلمانن کان وٺي، عام انسانيت لاءِ دعا خير گهري آهي، هن جي دل جي ڪُشادگي جو ڇا بيان ڪجي؟ هن ڄڻ فقيري فيض واري گودڙيءَ ۾ پوري دنيا کي سمائي ڇڏيو آهي، اسين ڪهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون؟ انهيءَ کي هر زي فهم ۽ باضمير ماڻهو سمجهي ٿو، پر پوءِ به ذهني سُجاڳيءَ لاءِ آءٌ شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد تي روشني وجهندس! تاريخ جي روشني ۾ ڏٺو ويندو ته 1621ع ۾ جڏهن سنڌ جي جاگيردارن ڀوتارن، رئيس، وڏيرن ۽ ميرن پيرن سنڌ جي ڌارئي گورنر اعظم خان پٺاڻ سان ساز باز ٿي، وقت جي ويڪائو، مذهب فروش مُلن مولوين کان صوفي شاهه عنايت خلاف فتوائون وٺي، کيس مُريدن سميت شهيد ڪرايو هو، اُهو سڀ ڪجهه شاهه سائين پنهنجين اکين سان ڏسندو رهيو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو ته ڪيئن نه وڏيرا شاهي، ڪمال بي حيائي ۽ نڪ نرڄائي ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم سان اُره زورائي ۽ غداري ڪري، ڌارين ڌاڙيلن جو ساٿ پئي ڏئي! ڪٿان جو به ڪو لٽيرو سنڌ مٿان ڪاهي ٿو اچي ته اُهي غدار سنڌين جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ ڪاهي آيل ڌارئي جو ساٿ ڏئي، پنهنجن جا پير پيا ڪڍن، ڌارئي کي سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڪيڏو به ڪُڌو ڪم وٺڻو ٿو پوي، سو هُو بنا ڪنهن حيا شرم جي ڪري ٿا وٺن. صوفي شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ شاهه سائين پنهنجن طالبن فقيرن سميت ماتمي لباس ڪري تنبورو ۽ کڙتال کڻي سنڌ جي چپي چپي وڃي، سنڌي ماڻهن کي قومي ۽ طبقاتي پيغام راڳ ويراڳ ساز آواز رستي ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُهو سلسلو روز ۽ شور سان جاري رکيائين، شاهه سائين جي اُنهن راڳ ويراڳ جي ڪچهرين سنڌي ماڻهن ۾ ڪافي سُجاڳي آندي، ائين ڄڻ مرشد لطيف جي بيتن سنڌي ماڻهن جي ذهنن کي سِراڻ چاڙهي تيز تِکو ڪيو هو، انهيءَ ڪري سندس عقيدتمنديءَ ۾ اضافو آيو، مُلن مولوين کي اِها ڳالهه بلڪل پسند ڪانه ٿي آئي، ۽ هُنن پنهنجين ڪار گذارين ۾ اِضافو آڻي ڇڏيو. شاهه سائين ڏٺو ته صوفي شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ به مُلا مولوي ماٺ ڪري نه ويٺا آهن، سياسي توڙي سماجي ڳالهين ۾ هرو ڀرو به ٽنگ اڙائي، جائز، ناجائز جو راڳ ڪري ظلم ڪندا رهن ٿا ۽ سندن هٺ ڌرمي واري مذهب مان خون خرابي، ظلم زيادتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نصيب نٿو ٿئي، مُلا شاهي، انسانيت لاءِ نهايت هاڃيڪار ۽ زهر قاتل ثابت ٿي آهي. پرينءَ جي پَسڻ لاءِ شاهه سائين جو اِشار انسانيت جي بهتري طرف آهي ۽ مذهب جي نالي ۾ انسان دشمني واري عمل کي ننديو آهي. ايمان جي ڪيفيت کي رُڳو زباني ڪلمي گو هجڻ، اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي، اها ڪلمي گو دل ڪهڙي ڪم جي؟ جنهن دل ۾ ڪوڙ، لوڀ لالچ، ٺڳي ۽ دغا سان ڀري پئي هجي، رڳو منهن ۾ مسلمان ۽ اندر ۾ ابليس هجي. شاهه سائين کي مُلا مولوي، جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرا ۽ ڌن اوڳاڙو پير تي ئي ڪين پوندا هئا، هُو اُنهن سڀني کي سنڌي قوم جي مصيبتن جي جڙ سمجهندو هو، هُو پاڻ جُستجو ۽ کاهوڙي قسم جو ماڻهو هو ۽ کاهوڙي قسم جا ماڻهو کيس وڻندا هُئا، جيڪي نه ڪنهن لوڀ لالچ ۾ اچي سگهن، نه وري ڪاڪ جهڙي طلسم ۾ ڦاسن، هُن کي پنهنجي جُستجوءَ تي پورو يقين هو ته هڪ ڏينهن زندانن جا دروازا ٽُٽندا، هُن کي مزاحمت ڪري، پنهنجي سنڌ کي بچائڻ جهڙي مقدس نصب العين وارا ماڻهو پسند هُئا، اهڙن ماڻهن جي ساٿ ئي کيس زندگي بخشي چُست ڪيو هو. شاهه سائين اهڙن سچن ۽ جُستجو ڪندڙ انسانن جي نشاندهي هن طرح ڪئي آهي ته:
ڪَاڪ نه جَهليا ڪَاپڙي، موهِيا ڪَنهن نه مَال،
جي ڇورين ڏِنا ڇَال، ته به لاهوتي لَنگهي وِيا.
يا
هَلو ته تَڪيا پَسُون تِن جا، ههڙا جنين حَال،
لاهوتي لطيف چَئي، موهيا نه ڪَنهن مَال،
تِن سَامين جي سَنڀال، مُنهنجو چِت چَڱو ڪَيو!
شاهه سائينءَ جي وقت ۾ جڏهن نادر شاهه دراني، سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ دلالن جو لشڪر سنڌ ۾ ڪاهجي پيو هو، شاهه سائين کين گُهمندي ڦِرندي ۽ ڏاڍ ڏمر ڪندي، سنڌ ڀيليندي ڏٺو ته کيس ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ چيائين ته هي جيڪي اوپرا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن، سي مون اڳ ڪڏهن به ناهن ڏٺا، جن کي پٺاڻ چيو وڃي ٿو، هُو اهڙا ته بد مزاج آهن، جو منهنجي سنڌي ٻولي سمجهن ئي ڪونه ٿا، آءٌ ساڻن سنڌيءَ ۾ ٿو ڳالهايان ته هو وري پشتو ۾ ٿا ڳالهائين، ڌاريا ماڻهو اسان سنڌين جا خيرخواه نٿا ٿي سگهن، اُنهن ڌارين کي نقصانڪار سمجندي سنڌي ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو ته:
پِيَم پَٺاڻن سِين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
آءٌ سِنڌي سمجهان، هُو پَارسِيُون پُڇن،
مُون وَٽان تِن، سَرتيون سُور پِرائيا!
اُن وقت ڪي سنڌي ماڻهو وائڙپ جو شڪار بنجي پنهنجي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي ڌارين وٽ سُرخرو ٿيڻ ۽ پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي ته شاهه سائين اُنهن کي خبردار ڪندي چيو ته:
تو جي سِکيو پارسِي، گولو توءِ غلام،
اُڃيو تان آب گُهري، بُکيو تان طَعام،
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
[روزاني عبرت حيدرآباد، 2007ع ۾ ڇپيو]