تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

اک اُلٽي ڌار...

اَک اُلٽي ڌار، وئون ابتو عام کان
جي لوڪ لهوارو وهي، تون اونچو وهه اوڀار!
مهراڻ جي ماٿريءَ جي سدا حيات ۽ جڳ مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جي اُونهي اِڀياس کان پوءِ اُنهن ۾ وڏي سمجهه جو ساگر نظر ايندو، جنهن مان دل جي دليري اِرادي جي پُختگي، غيرت، شرافت، سچائي جي لافاني لاٽ ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ جي واٽ ملي ٿي. مرشد لطيف جي بيتن ۾ جيڪي نصيحت جا نُڪتا سمايل آهن، جي اُنهن تي ويهي لِکجي ته ڪيترا ڪاڳر ڪارا ٿي پون، اُن ڪري مون فقط مرشد لطيف مٿيون هڪ بيت شرح لاءِ چونڊيو آهي، اُنهيءَ لاءِ ته هن ديس جا ديسي ماروئڙا، سانگيئڙا پنهنجي ذهن مان لوڀ، لالچ، نفرت، تڪبر، ڪُپت ۽ ڪيني کي اندر مان ٿُڏي ڪڍن ۽ پاڻ ۾ سچ تي ساهه ڏيڻ جي جُرئت پيدا ڪن، هر ڦورو ۽ ظالم جي هر مصيبت کي مردانگيءَ سان منهن ڏئي پاڻ بچائين، جيئن سندن تاريخ پنهنجن وڏڙن وانگر سُنهري اکرن ۾ لِکجي ۽ سندن مان شان تي سندن ايندڙ نسل فخر سان ڳاٽ اُوچي گُهمي سگهي. مرشد لطيف هڪ مڃيل حقيقت جو مالڪ آهي، جنهن رومانوي داستانن وسيلي خُوديءَ کان خدا تائين رَسائي جا راز ڏنا، جنهن سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو ته ’سُتا اُٿي جَاڳ نِنڊ نه ڪَجي ايتري!‘
جنهن پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي مصيبت ۾ به ڪاهي پوڻ جي همت ڏياريندي چيو ته ’مئي متي مهراڻ ۾ پئو پٽو ڏئي،‘ انسان سائنسي ترقيءَ جي زور تي چنڊ تي پيرگسائڻ ۽ مريخ ڏي موٽ کائي پهچڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر جو ڪمال حاصل ڪيو. تاريخ جي روشنيءَ ۾ انسان جي شخصي يا اجتماعي زندگيءَ تي غور ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اها نا انصافي ئي هُئي، جنهن انساني حياتيءَ جي هر حصي کي تباهه برباد ڪيو آهي، جنهن مان اهو به معلوم ٿيندو ته انسان جي زبان تي لت رکي ڪيئن سندن آواز کي دٻايو وڃي ٿو! مذهب جي مقدس نالي ۾ انسانن جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا، علم سان مقابلو ڪري کيس ڪيترو نه نقصان پهچايو وڃي ٿو، عزت ۽ شرافت سان ڪهڙا ڪهڙا ڪَلُور ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪيئن نه سچي عزت ۽ اصلي شرافت کي هٽائي، ڪوڙي عزت ۽ نقلي شرافت جو پوش پهرايو وڃي ٿو. عزت آبرو جي معنيٰ آهي، دنيا ۾ محبت ۽ احترام حاصل ڪرڻ. هر انسان ان مقصد جو ڳولائو خواهشمند ۽ شيدائي رهيو آهي، تان جو نبين، اوليائن، صوفي فقيرن ۽ بُزرگن کي به سندس طلب هُئي ۽ آهي، عزت احترام ۾ هڪ خاص رُوحاني لذت آهي، جيڪا هر انسان کي ايتري ته پياري آهي، جيتري ڪنهن وَلي کي معرفت، ڪنهن حڪيم کي حڪمت، ڪنهن غريب کي ڌن دولت ۽ عاشق کي معشوق جي محبت، اهو ئي سبب آهي، جو انسان عزت خاطر پنهنجو ڌن، تن ۽ من قربان ڪري ڇڏيندو آهي، ڪيتري مدت تائين انساني اڳواڻن سياسي رهبرن ۽ اخلاقي ماهرن ۾ بحث هلندو رهيو ته انسان کي زندگي وڌيڪ پياري آهي يا عزت؟ گهڻي بحث کان پوءِ آخر اهو فيصلو ڪيو ويو ته آزاد ۽ غيور انسان عزت کي حياتيءَ کان وڌيڪ سُٺو سمجهندو آهي. صحيح عزت جو رستو اهو آهي ته انسان اجتماعي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي شخصي مفادن کي قربان ڪري ڇڏي. اجتماعي قربانيءَ جا ٽي قسم چيا وڃن ٿا.
 مالي قرباني، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ قرباني آهي.
 علمي ادبي قرباني، جيڪا وِچولي درجي جي قرباني آهي.
 جاني قرباني، جيڪا وڏي ۾ وڏي قرباني چئي وڃي ٿي، نه معلوم اُن قربانيءَ جو حُسن خداداد ڪهڙو نه من موهيندڙ ۽ دلفريب آهي، جو ڪيترائي انسان پروانن جيان مٿس قربان ٿيا ۽ ٿيندا رهن ٿا، پر ڪنهن کي به اهو افسوس ۽ ارمان ناهي ٿيو، سڀ جا سڀ خوشيءَ سان قربان ٿيندا رهيا، اهڙن غيرتمندن انسانن لاءِ مرشد لطيف چيو آهي ته:
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪَڏهن مَنجهه ڪَوٽن، ڪَڏهن راهِي رِڻ جا!
حضرت مخدوم بلاول کي، شاهه بيگ ارغون جڏهن گهاڻي ۾ پيڙڻ جي سزا ٻُڌائي ته ’مخدوم صاحب فرمايو ته مون کي پيرن کان گهاڻي ۾ وِجهجو، جيئن آءٌ پنهنجي ڪنن سان، پنهنجي هڏين جا ٽڙڪاٽ ٻُڌي سگهان‘، ۽ کيس پيرن کان پيڙجڻ شروع ڪيو ويو ته سندس ٽنگن جي هڏن ٽڙڪاٽ ڪيا ته شاهه بيگ ارغون هلندڙ گهاڻي کي روڪرائي، مخدوم صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته: ”ڇا ٿو سمجهين پنهنجن هڏن جا ٽڙڪاٽ ٻُڌين ٿو!“ شاهه بيگ جو خيال هو ته مخدوم صاحب ضرور پڇتاءُ ڪندو، پر مخدوم بلاول وڏي بهادري ۽ وڏي حوصلي سان کيس چيو ته: ”اِهي ٽڙڪاٽ سنڌ ۾ رهندڙ ارغونن جي پاڙن جا آهن، جو سنڌ مان سندن لاهه اصل لاءِ پٽجي رهيا آهن.“ ڦورو شاهه بيگ ارغون سندس اُهي لفظ ٻڌي بيحد شرمندو ٿيو ۽ پوءِ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙڻ جي ڪارروائي پوري ڪرايائين. حضرت صوفي شاهه عنايت ڦورو ظالمن خلاف قومي ۽ طبقاتي جنگ لڙي رهيو هو، اها جنگ ڊگهي ٿي وئي هئي، سنڌ جي گورنر اعظم خان پٺاڻ، مير شهداد، جيڪو حضرت صوفي شاهه عنايت جو سنڍو هو، انهيءَ کي پنهنجو ڪري صوفي شاهه عنايت ڏي موڪليو، جنهن کيس قرآن شريف جو قسم ۽ ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري واعدو ڪيو ۽ صُلح جي بهاني صوفي شاهه عنايت کي گورنر اعظم وٽ وٺي آيو، هي هڪ ڊرامو هو، گورنر صوفي شاهه عنايت کي هڪدم گرفتار ڪرائي، جلاد گُهرائي کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اُن وقت حضرت صوفي شاهه عنايت غدار مير شهداد ڏي نهاري چيو ته ’ڏونگر ڏني ڏاڙهي، ڪر ڪوهه ڪُتي جو پُڇ!‘ پوءِ چيائين ته:
سردر قدم يار فدا شدچه بجاشد،
اين بار گران بود ادا شدچه بجاشد
پوءِ جلاد پنهنجو ڪم پورو ڪيو، مطلب عزت احترام هڪ قيمتي راز آهي، جنهن کي هر غيرتمند انسان ساهه ۾ سانڍيندو آهي. عدل ۽ انصاف جي زماني ۾ عزت احترام حاصل ڪرڻ بلڪل آسان آهي، پر ڦورو حاڪم جي وقت ۾ عزت حاصل ڪرڻ سَرفروشي ۽ مقابلي کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونهي، اها آهي هڪ حقيقي ۽ اصل عزت، پر اُن جي ڀيٽ ۾ ٻي نقلي ۽ ڪُوڙي عزت به آهي، جيڪا نهايت شرمناڪ ۽ بيحد بُري آهي، ناظرين! منهنجو قلم اڳتي وڌڻ کان ڪيٻائي ٿو ته متان اوهان جي احساس کي ڪا ٺوڪر لڳي! پر آءٌ اوهان جي روشن ضمير کي انسانيت جو واسطو وِجهي نماڻو عرض ٿو ڪريان ته هڪ لمحي لاءِ ذاتي ڳالهين کان الڳ ٿلڳ ٿي، منهنجي هن بيان تي غور ويچار ڪريو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي، نقلي يا ڪُوڙي عزت ڦورو حڪمران جي مچايل ظلم جي جهنم جو هڪ ٻرندڙ شعلو آهي، جيڪو اهڙي ڦورو حڪمران جي چاپلوس ۽ مددگار کي ان لاءِ ملندو آهي ته جيئن انسانيت، اخلاق ۽ شرافت کي جلائي خاڪ ڪري، خاڪ ۾ مِلائي ختم ڪري ڇڏي! مطلب ته ڪُوڙي عزت اِها آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ سان انسان وڏي ڦوروءَ جي پاڇي هيٺ پلجي، هڪ ننڍو ڦورو بنجي وڃي ٿو! اڄ ڪلهه ڪُوڙي عزت حاصل ڪرڻ جا ايترا ته اجايا ۽ اڍنگا رستا کُلي ويا آهن، جن کي ڏسي انسانيت ته ٺهيو پر حيوانيت جو به شرم ۽ حيا کان ڪنڌ جُهڪي ويو آهي، ڪُوڙي عزت حاصل ڪندڙ ماڻهو پبلڪ کي ڌوڪي ڏيڻ خاطر منهن جي پڪائي ۽ نڪ نرڄائي ڪري چوندا آهن ته اسان پنهنجن معاملن ۾ هر طرح آزاد آهيون، جيئن وڻندو تيئن ڪنداسون، اسان کي ڪنهن جي پرواهه ڪانهي! اسان جي عزت ۽ عظمت بلڪل محفوظ آهي! اسان جو ننگ ۽ ناموس بي داغ آهي، اسان جا هٿ صاف آهن، اهو سندن نسورو ڪُوڙ هوندو آهي، نه هُو آزاد هوندا آهن، نه سندن عزت محفوظ هوندي آهي، نه سندن هٿ صاف هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي پنهنجي ڪُوڙي عزت قائم رکڻ لاءِ هميشه ڦورو حڪمران جون جُٺيون ۽ لعنتون سَهڻيون پونديون آهن، پوءِ اُنهن جُٺين ۽ لعنتن کي لِڪائڻ لاءِ ڪيئي ڪوڙيون ڪوششون پيا ڪندا آهن، اهي ڪُوڙا مڪار، عدل، انصاف جا دشمن، زور ۽ ظلم جا حامي هوندا آهن، اهڙن ماڻهن کي ڦورو حڪمران پنهنجي حڪومت ۾ انهيءَ لاءِ ڀرتي ڪندو آهي ته اُنهن غدارن کي پنهنجو هٿيو بنائي، عام ماڻهن کي آسانيءَ سان ڌوڪو ڏئي، قومي آباديءَ جي نالي ۾ قومي بربادي جي باهه ڀڙڪائي وڃي! ڦورو حڪمران اهڙن ماڻهن کي عزت ڏيندو آهي، ظاهر ۾ نيڪ ۽ شريف زادا نظر ايندا آهن، يعني شاهه سائينءَ چواڻي:
مُنهن ۾ مُوسيٰ اَندر ۾ اِبليس!
جي زنده تصوير هوندا آهن، سندن مثال اُن دغا باز واپاري جهڙو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دُڪان تي اڳيان سُٺيون سُٺيون شيون رکندو آهي ته جيئن خريدار کي ڌوڪو ڏئي سگهي، اهڙيءَ طرح ڌاريو ڦورو حڪمران اهڙن ماڻهن کي عزت بخشيندو آهي، جيڪي حد درجي جا خوشامندڙيا، چاپلوس ۽ لالچي هوندا آهن، هُو کين پنهنجو ڪري ڪُوڙي عزت سان سَنواري سينگاري ميدان تي لاهيندو آهي ته اُنهن جي وسيلي پنهنجو ڪم وٺي حُڪمراني ڪري! ڪي ڏاها ۽ سياڻا ماڻهو اهڙي ڌارئي ڌاڙيل حڪمران جي دلالي ۽ ايجنٽي ڪرڻ کان لهرائيندا آهن ته کين سخت تڪليف جو منهن ڏِسڻو پوندو آهي، جيل ۽ ٿاڻا سندن مقدر بنجي ويندآ آهن ۽ ڌارئي حاڪم وٽ اڪثر حرام، بدمعاش، خوشامندڙين، چاپلوس ۽ لالچي قسم جي ماڻهن کي رسوخ ملي ويندو آهي ۽ هر هڪ نااهل زليل، خوار، بي غيرت، بي شرم، بي حيا، ضمير فروش، ويڪائو وڏي ٺٺ تي پهچي ويندا آهن، جيڪي اُن جا لائق ئي نه هوندا آهن، هر هڪ باغيرت، باضمير، عوام دوست مجبور ۽ لاچار ڪَن لڪائڻ ۾ پُورا هوندا آهن، ڌاريو حُڪمران جيترو زياده ظلم ڪندو آهي، اوترو بدمعاش ۽ ضمير فروش ماڻهن کي پاڻ وٽ ڀرتي ڪندو آهي، ته جيئن سندس ظلم جو رستو صاف رهي، اهڙو ڦورو حڪمران پنهنجي هوشياري ۽ مڪاري سان اهڙن ذليل ۽ خوار ماڻهن کي چونڊيندو آهي، جن ۾ ايمان، غيرت، شرافت، حق، صداقت ۽ عزت جو زور به نه هوندو آهي، سندن عهدن، مرتبن جو فرق بلڪل ابتو ۽ الٽو رکندو آهي، جيڪو سڀ کان زياده ذليل ڪينو، بدمعاش، بي ضمير، خوار خراب ۽ وڌ کان وڌ قوم دشمن هوندو آهي، ان کي ئي سڀ کان وڏو عهدو عطا ٿيندو آهي، اهو ئي سندس منظور نظر ۽ ڀروسي جوڳو هوندو آهي، اُن کان پوءِ ٻيا عهدا اُن جي نسبت سان گهٽ درجي وارن بدمعاشن کي ملندا آهن ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي غداري، قوم دشمني ۽ ظلم پروري موجب عهدا، عزتون ۽ لقب القاب ملندا آهن، ڌاريو حڪمران هميشه اهڙن ويڪائو ۽ دلال قسم جي ماڻهن جو ڳولائو هوندو آهي، جيڪو سندس ظلم زيادتي ڪرڻ ۾ دل کولي مدد ڪندو پوءِ اڳواٽ، جاچي جوچي ڏسندو آهي ته هو سندس خير خواهه آهي يا نه! هو اهڙي شخص کي ڪڏهن به ڪو عهدو مرتبو نه ڏيندو، جيستائين کيس لاءِ پورو يقين نه ٿيندو آهي ته هُو ظلم پسند ۽ قوم جو پورو پورو دشمن ۽ غدار آهي، هو اهڙي يقين کان سواءِ ڪنهن کي به ڪو عهدو ڏئي جهوليءَ ۾ نانگ ڪونه پاليندو آهي؟ اهڙي قسم جا چونڊيل وزير، صلاحڪار، ڪڏهن به جمهوري حڪومتن جهڙا قومي وزير، صلاحڪار نه هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ڌارئي ڦورو حاڪم جا سپاهي، قومي سپاهي نه پر قوم جا قاتل هوندا آهن، اهڙي ڦورو حاڪم جا وزير يا ٻيا عهديدار نوڪريءَ وارا اصلاح جو ڪُوڙو فلسفو بيان ڪري قوم جي عشق ۾ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي، ڪنهن کي به ڌوڪو کائڻ نه گُهرجي، اُهي غدار جيڪڏهن رات ڏينهن آهون دانهون ڪَن، سِر ۽ سينو ڪُٽي ماتم ڪَن، خود غرض، مذهب فروش مُلا مولوي، جڏن جُبن دستارن ۾ ويڙهجي سيڙهجي، وڏيون تسبيحون پڙهن، ڦورو حاڪم جي ڀلائي لاءِ واعظ ۽ تقريرون ڪَن، پاڻ کي حاجي نمازي سڏائين، مطلب ته ڪيترو به ڏيک ڏيکارين، پر سندن صداقت ۾ سچائي نه سمجهجي، ڇو ته اهي سڀ ڳالهيون سندن ڪردار ۽ عمل جي ابتڙ هونديون آهن، سندن آهون، دانهون واعظ تقريرون رڳو ظاهري کيل تماشو هونديون آهن، هو اهڙا حيلا سوچيندا آهن ته ڪهڙي بهاني سان قوم کي ڌوڪو ڏئي ڦاسائي، پنهنجو ڪم ڪڍون، ڪهڙي ويس ۾ کين لٽيون ڦريون، پوءِ اُنهن مان ڪي مذهبي ٺڳ قوم وٽ اچي چوندا آهن ته اڙي مسلمانو! مؤمنو خدا جي مرضي اِها آهي، اوهان جي قسمت ۾ اِهو ئي لکيل آهي، اوهان صبر ۽ شڪر ڪريو، اُن کان سواءِ ٻيو چاڙهو ئي ڪونه اَٿو، خدا جي رضا تي راضي رهو! ٻيو گُروهه اميرن، وزيرن، ڪامورن، وڏيرن، ڀوتارن جو هوندو آهي، سڀئي گڏجي قوم جي اڳيان واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي چوندا آهن، اسان اوهان کي هر مصيبت کان ڇڏائڻ آيا آهيون، اوهان اسان تي ڀروسو ڪريو، ڪا پرواهه نه ڪريو، اسان ويٺا آهيون، پر اُهي سڀ جا سڀ اول درجي جا دغاباز، ڪُوڙا، مڪار، غدار بيڪار، بد ڪردار ۽ ڪوڙا هوندا آهن، سندن مقصد سواءِ هِن جي ٻيو نه هوندو آهي، ته هڪ طرف قوم کي ڌوڪو ڏين، ٻئي طرف ڌارئي حاڪم کي ڊيڄاري پنهنجا مقصد حاصل ڪن، اِهي سڀ جا سڀ ڦورو حاڪم جا ايجنٽ هوندا آهن، جيڪي ظاهر ۾ قوم جا مددگار سڏائي، اندروني طرح ظالم حاڪم سان ٻِٽ ۽ جُٽ ٿي قوم جو خون چوسيندا آهن. اُنهن جو خاص مقصد هر ايندڙ حاڪم جي مدد ڪري کيس اوج ۽ عروج تي پهچايو وڃي ۽ قوم کي خواهش جي ٽياس تي ٽنگي ذلت ۽ غلاميءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇليو وڃي، اهڙين ڏکين حالتن ۾ مرشد لطيف پنهنجي سنڌي قوم جي رهبري ڪندي فرمايو آهي ته:

اَک اُلٽي ڌَار، وَئون اُبتو عَام کان،
جي لوڪ لهوارو وَهي، تُون اُوچو وَهه اَوڀار.
اهڙين حالتن تي لوڪ جو مطلب آهي ڦورو حاڪم جي غلط نظام ۽ معيارن جي اکيون ٻوٽي پوئلڳي ڪندڙ ماڻهو، جيڪي قوم دشمن ماڻهن جي ڏيک ويک، ڌن دولت، مال ملڪيت، کاڌ پيت، ٺٺ ٺانگر جي پٺيان لڳي پوندڙ ۽ اُنهن جي ثنا صفت ڪندڙ اُنهن کي ئي عزت احترام جي لائق سمجهندڙ، اُنهن جون نيڪيون ڪندڙ، اُنهن جي هر بُري عمل کي سُٺو سمجهندڙ، اُنهن جي درن تي وڃي ڌِڪا ٿيلها کائيندڙ ۽ اُنهن جي ڪُوڙي عزت کي قبول ڪري، هرو ڀرو سندن اڳيان کڳيون هڻندڙ، اُنهن جي اِشارن تي هلندڙ، سندن شان ۾ قصيدا چوندڙ، ٻيا ماڻهو اُهي عقل عزت غيرت شرافت وارا ماڻهو، جيڪي حق سچ جو نعرو هڻي، اُنهن ڦورن جي شين کي رد ڪري، اُنهن کان نفرت ڪن ٿا، سندن آڌرڀاءُ کي ٿُوڪاري ڇڏين ٿا، کين قوم جو دشمن سمجهي ڪُوڙي عزت کان نفرت ڪن ٿا، اِهو آهي ’اُوچو وَهه اَوڀار‘ جو مقصد! مرشد لطيف جو هي بيت روشنيءَ جي مينار جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان راهه ڀٽڪيلن جي رهنمائي ٿئي ٿي، ڌڻي شال اسان کي رهبر لطيف جي رهنمائي نصيب ڪري. (آمين)

[روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، جمعي 26 جون 2004ع ۾ ڇپيل]