شاهه جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي پهلو
سَائِينم سَدائِين ڪَرين، مَٿي سِنڌ سُڪارُ،
دوست تُون دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين!
شاهه سائينءَ جي هن بيت ۾ ڏٺو ويندو ته سنڌ کي سُکي سَتابي واري دعا سان گڏ، هن پوري ڪائنات جي آباد هُجڻ لاءِ دعا خير گُهري آهي. پاڻ سڳورن ائين هرگز ڪونهي چيو ته، ’رُڳو مسلمان سڳورن کي آباد ڪجانءِ ۽ ٻين کي نه!‘ اُن سنڌي ماڻهن سان گڏ عالمِ انسانيت لاءِ دعا گُهري آهي. شاهه جي شاعريءَ خدا جي ڪُل ڪائنات لاءِ هڪ دُعا سان گڏ هڪ عالمي پيغام پڻ آهي. شاهه سائينءَ جو احسان گهٽ نه چئبو، اُن وقت جي حاڪماڻي ٻولي، جيڪا فارسي هُئي، ۽ شاهه سائينءَ فارسي جي جي وڏي بهادريءَ سان مخالفت ڪندي چيو ته:
گولو توءِ غلام، جي تو فارسي سِکيو!
۽ اُن جي جاءِ تي پنهنجي قديم سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري، سنڌي قوم کي اُن جي عظمت جو اشارو ڏيندي چيو ته:
جي تو بيت ڀَانئِيا، سي آيَتُون آهِين،
نِيو مَن لائِين، پِريان سَندي پارُ ڏي.
شاهه سائينءَ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، مٽي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جو شاعر آهي. شاهه سائينءَ سنڌ جو رُوح روان ۽ سنڌ جو ساهه پساهه آهي. شاهه لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ لطيف آهي. جيڪڏهن ڪو سنڌ کي مڪمل ڏسڻ ۽ اُن کي مڪمل سمجهڻ چاهي ٿو ته شاهه سائينءَ جي رسالي کي کولي، اندر جي اکين سان پَروڙي پڙهي، اُن جو اُونهو اِڀياس ڪري، جيڪي سنڌ سڄاڻ سياستدان انقلابي بنجي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ گُهرن ٿا ۽ سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ گُهرن ٿا، تن کي شاهه سائين جي شاعريءَ مان، اُن انقلاب لاءِ اهڙا گس پنڌ، سُڌ ۽ پيچرا ڳولهڻا پوندا ۽ کين شاهه جي شاعريءَ جو عملي پيروڪار ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مڪمل ڀلائي ۽ بهتريءَ جا سڀ نُسخا شاهه جي شاعريءَ ۾ محفوظ ۽ موجود آهن. ان سلسلي ۾ شاهه سائينءَ هن ريت فرمايو آهي ته:
ڪَڏهن پئجي ڪَن ٿِي، ڪَڏهن ٿِجي وَاتُ،
ڪَڏهن ٿِجي ٻَڪرو، ڪَڏهن ٿِجي ڪَاتُ.
ڏٺو ويندو ته شاهه سائينءَ مٿيون بيت چئي، پنهنجي وسيع النظري، روشن خيالي ۽ سچائيءَ جو ثبوت ڏئي، زندگيءَ جي واٽ کي جرڪائڻ لاءِ لاٽ جو ڪم ڏنو آهي. شاهه سائينءَ جي هن بيت مان صاف ظاهر آهي ته: پاڻ سڳورن ڪڏهن ڪَن بنجي ٻين جي ڳالهين کي ٻُڌڻ، سمجهڻ، پرکڻ، پُرجهڻ ۽ پَروڙڻ لاءِ چيو آهي، ۽ ڪڏهن وري وات بنجي ٻين کي ٻُڌائڻ سمجهائڻ لاءِ تاڪيد فرمايو آهي، يعني ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڳالهه آهي ۽ ڪڏهن ٻڪر ٿيڻ يعني سَھڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪڏهن وري خود بڻجي ڪُھڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، يعني مرڻ مارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. آئون اڄ سنڌي ٻوليءَ جي مهان ڪوي سنڌ جي سرجڻهار لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي پهلوءَ تي مخصوص روشني وجهندس. شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي وقت ۾ جڏهن نادر شاهه دُراني، سنڌ مُلڪ تي حملو ڪيو ۽ اُن جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر سنڌ ۾ ڪاهي پيو. شاهه سائينءَ اهڙو ظلم زيادتي ٿيندي، سنڌ کي ڀيلجندي ڏٺو ته کيس ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ اُنهن ڌارين ڌاڙيلن جي مخالفت ڪندي چيائين ته هي جيڪي اوپرا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن، سي مون اڳ ڪڏهن به ڏٺا نه آهن، اُنهن کي پٺاڻ چيو وڃي ٿو، هو اهڙا ته بدمزاج آهن، جو منهنجي سنڌي ٻولي سمجهن ئي ڪونه ٿا، آءٌ ساڻن سنڌيءَ ۾ ٿو ڳالهايان ته هُو وري پارسيءَ ۾ ٿا ڳالهائين! اهي بنيادي طرح ڌاريا ماڻهو آهن، جيڪي اسان جا سڄڻ ٿي نٿا سگهن، کين نقصانڪار سمجهندي، سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪندي چيو ته:
آئون سنڌي سمجهان، هو پارسيون پڇن
مون وٽان تن، سرتيون سور پرائيا!
يا
ڌُريان ئي ڌاريان، مِٽ مُئي جَا نه ٿيا!
موجوده وقت جيان، اُن وقت به سنڌ جي ڪن ماڻهن خوف ۽ لالچ ۾ اچي، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي، ڌارين وٽ سرخرو ٿيڻ، پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي ته اُنهن کي شاهه ننديندي شرمائيندي چيو ته: اي سنڌيو! خبردار ٿيو، اوهان خوف مطلبي چاپلوسي ڇڏي ڏيو، اوهان کي پنهنجي سنڌي زبان آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، عِلم اخلاق جي زيور سان سنواريل سينگاريل آهي، جيڪا ماکيءَ کان مِٺي زبان آهي ۽ اُها اوهان جي مائُرن جي زبان آهي، جن اوهان کي اُن زبان ۾ لوليون ڏئي وڏو ڪيو آهي، اُها زبان اوهان جي بزرگن جي زبان آهي. حيف آهي اوهان جي حال تي، جو پنهنجين مائُرن ۽ پنهنجن وڏڙن جي سنڌي زبان کي ڇڏي، ڌارين لُٽيرن جي پارسي زبان کي چنبڙي پيا آهيو، ۽ اُنهن جا غلام بنجي ويا آهيو، جيئن اُڃارو پاڻي گُهرندو آهي ۽ بُکيو ماني گُهرندو آهي، پر ڪي اُڃ، بُک جي باوجود به خاموش هوندا آهن، ۽ ڪنهن اڳيان محتاج نه ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو خاص ماڻهو سمجهيا ويندا آهن، جيڪي ”ڀلي بُک ڀرم جي شال نه وڃي شان،“ واري چوڻي تي دائم قائم رهندا آهن. اهڙين ڏُکين حالتن ۾ مرشد لطيف پنهنجن سنڌي ماڻهن جي رهنمائي ڪندي کين هن طرح مخاطب ٿيندي چيو ته:
گولو توءِ غلام، جي فارسي سکيو،
ٻَڌو جو ٻن ڳالهين، سو ڪيئن چائي ڄام،
اُڃيو ته آب گُهري، بُکيو تان طعام،
ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو!
سنڌ ۾ ڌارين جي ڦُرلٽ سبب ڏُڪر واريون حالتون پيدا ٿي ويون هُيون، سنڌي ماڻهو بُکن ڏُکن ڏوجهرن جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيا. شاهه سائين جيڪو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل وڏو ڪيل هو، ٻولي توڙي احساسن ۾ سنڌي قوم جي وڌيڪ ويجهو هو، تنهن پسمنظر کي چڱي ريت پروڙي ڏٺو، ۽ اُهي هنڌ روبرو گُهمي ڏٺا، جتي ڌارين جي لشڪر ظلم زيادتي تباهي ڪئي هُئي، سنڌ جي چَپي چَپي، رستي، واهڻ، شهر، بازاريون، ٻهراڙيون گُهمي ڏٺيون، کيس هر طرف تباهي نظر آئي هُئي، پنهنجي مسڪين ماروئڙن کي ڏُکويل حال ۾ ڏسي، پاڻ به ڏاڍو ڏُکي ٿيو، اُن درد جون دانهون ڪندي چيائين ته افسوس! جو سنڌي ماڻهو ڌارين جي غلاميءَ ۾ اچي ويا آهن، سندن سُک ۽ آرام تباهه ٿي ويو آهي، ڏُکن بُکن جي وَر چڙهي ويا آهن، سندن ٻنيون ٻارا تباهه ٿي ويا آهن، سندن شهرن جون بازاريون ويران ٿي ويون آهن، چؤطرف سُڃ پئي واڪا ڪري، نڪا وونئڻن ۾ ڪپهه رهي آهي، نه وري ڪَتَڻ واريون ٿيون ڏِسجن، ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا بند پيا آهن، تباهي برباديءَ کان خوف ۽ هراس کان سواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي، منهنجي ديس واسين جي اهڙي حالت تي منهنجو هينئون پڻ لوڻ جيئن ڳري رهيو آهي، شاهه سائينءَ پنهنجي جادو بيانيءَ سان الفاظن کي معنيٰ جي معراج تي اِجهو هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
نَه سي وونئڻ وَڻَن ۾، نَه سي ڪَاتارِيُون،
پَسِئو بازاريون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي.
ڌارين هٿان سنڌ جي تباهي ڏسي شاهه سائينءَ کي ويهڻ نه آيو، هڪدم ماتمي لباس پھري، مٿو اُگهاڙو ڪري، هڪ هٿ ۾ تنبورو ۽ ٻئي هٿ ۾ کڙتال کڻي، سنڌ جي سري، لاڙ، ڪوهستان ۽ وچولي ۾ ڪاهجي پيو ۽ چپي چپي، وستي واهڻ ۾ پنهنجي شاعري ۽ راڳ رستي سنڌين ۾ سُجاڳي آڻڻ شروع ڪئي، ۽ شاهه سائينءَ جي سجاڳي جي سڏن ۽ ڪچهري ۾ معنيٰ خيز ۽ ماکي جهڙن مٺن گيتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان ڪيترائي سنڌي ماڻهو چُڪيون پِي چُست ٿيا، ساڻس عقيدت ۽ محبت جو هي عالم هو ته:
ڪُوڙين ڪَن سَلام، اَچيو آسَڻ اُن جي!
شاهه سائين اُنهن ماڻهن کي اڄ ڪلهه جي نام نهاد صوفين وانگر ڳچيءَ ۾ چَڙا وِجهي، چرس ڀنگ پي، نشي ۾ ڌُت ٿي، ڪم ڪار، گهر ٻار ڇڏي سڄو ڏينهن پِنڻ ۽ در در جا ڌِڪا کائڻ لاءِ نه چيو. شاهه سائين پنهنجي شاعري ذريعي سماجي ڪارج، سنڌ جي تهذيب، قومي اتحاد، آزادي ۽ انساني اتحاد جي رازن رمزن کان واقف ڪري، پنهنجي ڏتڙيل قوم جي رهبري ڪري، سندن دماغن تان جھالت ۽ غفلت جا پردا هٽائي آيل پستي، سستي ۽ بزدليءَ جي بندن کي ڀڃي وهم، خوف ۽ لالچ جي ڀُوت کي ڀڄائي آزادي ۽ ترقيءَ جي راهه تي وٺي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري، کين سُجاڳيءَ جا سڏ ڪري، همت جا سندرا ٻڌرائي تيار ڪيو. شاهه سائين پنهنجي جي موتين مالھا کي هن طرح سنواريو سينگاريو آهي ته:
سَڀ نَنگيُون ٿي نِڪرو، لالچ ڇَڏي لوڀ،
سُپيريان جي سوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه مِلي.
يا
ڀيري ڀيري ٻنڌ، سُورائتي سَندرو
ڪيچُ پرانهون پنڌ، سُورن رِيءَ نهَ سُٿرو!!
سنڌي ماڻهن جڏهن شاهه سائينءَ جي ڏنل پيغام کي پروڙيو پرکيو ۽ کيس پنهنجن ڏُکن سُورن ۽ غم فڪر جو ساٿي سمجهيو، تڏهن سندس سڏ تي لبيڪ شاهه ڀٽائي، لبيڪ شاهه ڀٽائي چئي اُٿي کڙا ٿيا، سڄي سنڌ ۾ چؤطرف وارو ڙي وارو ٿي وئي، مظلوم سنڌين جون آهون ۽ دانهون انقلاب جو طوفان ٿي اُٿيون ۽ هُو مزاحمت ۽ مقابلي لاءِ اُٿي کڙا ٿيا ۽ پنهنجن ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ سِرن سان ڪفن ٻڌي اُٿيا. شاهه سائين سنڌي ماڻهن جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي ڏاڍو سَرهو ٿيو ۽ چيائين ته منهنجن ملڪي ماروئڙن سان اچي مهاڏو اٽڪائيندڙ ڌارين ڌاڙيلن سان، سنڌي ماڻهو اصل پتنگن وانگر ويڙهه واري باهه ۾ ڪُڏي ڪاهي پوندا ۽ ويڙهه جو تاب ڏسي گهٻرائيندا اصل نه! هُو حق سچ لاءِ قربان ٿي ويندا، آزادي سندن فطري حق آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن خوف خطري جي اچي گڏ ٿيا آهن. شاهه سائين پنهنجن سنڌي جوڌن کي پتنگن سان مشابهت ڏيندي چوي ٿو ته، هُو پتنگن وانگر ولر ڪري گڏ اچي ٿيا آهن، اُنهن ۾ آزاديءَ جي عشق جي باهه اهڙي ته نظر اچي رهي آهي، جو کُوري واري باهه کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندا، گويا ان مچ جو وجود جيڪو دشمن جي روپ ۾ آهي، ان جي خاتمي لاءِ اهڙي ته بهادريءَ سان مُنهن ڏيندا، جو هُو اصل لاءِ ختم ٿي ويندا، اهڙيءَ طرح حق سچ تي سِر ڏئي دشمن جي باهه کي مات ڏئي سوڀارا ٿيندا ۽ اُن غلاميءَ واري باهه جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندا، قومن جي بقا جو وجود قربانين سان هوندو آهي، اُن سان ئي انساني نسل جو سلسلو جاري آهي، مطلب ته قومن ۽ ملڪن جي بقا/ سالميت قربانين جي راز ۾ ئي سمايل آهي، اُن لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته: تُون پاڻ کي پتنگ ٿو چوائين، ته پوءِ دشمن جي تخريبڪاري جي باهه کي اصل لاءِ اچي ختم ڪر، ڇاڪاڻ ته دشمن جي باهه، ڪيترن ئي جيءَ جلين کي ساڙي ختم ڪيو آهي، اُن ڪري تون دشمن جي باهه کي عقل، حڪمت عملي ۽ حوصلي سان اچي ختم ڪر، جيئن ٻيا هن فساد واري باهه کان بچي وڃن! اُن ڳالهه جي مرشد لطيف منظر نگاري هن طرح ڪئي آهي ته:
پَتنگن پَهه ڪَيو، مِڙيا مَٿي مَچ،
پَسي لَھس نَه لچيا، سَڙيا مَٿي سَچ
سندا ڳِچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!
يا
پري پتنگ آئيا، مڙيا مٿي سچ
ساڙيندا سڙي، مٿو ڏيندا مچ کي
يا
پَتَنگ چَوائين پَاڻ کي ته اَچي آڳ اُجهاءِ،
پَچَڻ گهڻا پَچَائِيا، تُون پَچَڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وِساءِ، آگ نه ڏجي عام کي.
جنگي حالتن دوران شاهه سائين پنهنجن سنڌي جوڌن کي هڪ جرنيل جي حيثيت سان دشمن سان ويڙهه وڙهڻ، پاڻ بچائڻ سوڀاري ٿيڻ وغيره جا طور طريقا سمجهائيندي چوي ٿو، اي سنڌي سورهيه! تُون سوڀ لاءِ ٿو وڙهين ته دل ۾ جيڪي اجايا وهم وِسوسا اَٿئي، سي بلڪل وساري ڇڏ ۽ ڀالا هڻندو، وڙهندو، دشمن کي ڀاڪُر وِجهي دَس. پاڻ بچائڻ لاءِ اڳيان ڍال ڏئي بيهي نه رهه، مُڙس ٿي مقابلو ڪندو رهو، ته پوءِ ئي تون جوڌو جوان سمجهبين! اڳتي چوي ٿو ته سورهيه سورهين جي اچي سامهون بيهي هڪٻئي کي تراڙيون پيا هڻن، تراڙين جو هڪ ٻئي سان ٽڪرجڻ ڪري ڪڙڪو پيو پوي، ۽ چڻنگون پيون نڪرن سورهيه هڪ ٻئي کي هڪلون ڪيو، ڌڪن مٿان ڌڪ پيا هڻن، ۽ ڌِڙ ڌڙن جي مٿان پيا ڪِرن، ڌڙ سسين کان اڌ ٿيڻ وقت سندن ڦٿڪڻ جو انداز اهڙو ته آهي، ڄڻ اُهي ڌڙ ۽ سِر نچن پيا ٿا، جنگ جي ميدان ۾ وڏو گوڙ ۽ شور متل آهي، روڄ راڙو آهي، سورهين جون هڪ ٻئي کي هڪلون آهن! شاهه سائينءَ هڪ سنڌي سورهيه جي ونيءَ کان هن ريت چَوِرايو آهي ته: شل منهنجو وَر جنگ جي ميدان ۾ وڙهي پاڻ ملهائي، ائين نه ٿئي جو هُو پُٺي ڏئي ڀڄي، مون کي يقين آهي ته هُو پُٺي ڏئي نه ڀڄندو! ڪو چوي ته هُو ميدان ڇڏي ڀڳو آهي ته آءٌ هرگز اعتبار نه ڪنديس، منهنجي وَر کي سيني تي ڌڪ لڳل هوندا ۽ سندس ڦٽن کي چٽيندي مُرڪندي رهنديس، پر جي کيس پُٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل هوندا ته سندس بُزدلي تي لَڄ ۾ مري وينديس، مرشد لطيف سنڌي جوڌي ۽ سندس ونيءَ جي بهادريءَ جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
سُورهيه مَرين سوڀ کي، ته دِل جا وَهم وِسارُ،
هَڻ ڀَالا وِڙُهه ڀَاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَارُ،
مَٿان تيغُ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين.
يا
بَھَادر گَڏيا بَھَادرين، کڙڳ کِلول ڪَن،
وِجهن ڌِڙ ڌِڙن تي، هَاڪارين هَڻَن،
ڪِرن ڪُونڌر نچن، رِڻ گَجيو راڙو ٿيو.
يا
ڀَڳو آءٌ نَه چَوان، مَاريو تَه وِسھان،
ڪَانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
تَه پڻ لَڄ مَران، جي هونئس پُٺ ۾!
شاهه سائين ڍونڍ کائڪ ڳِجهن لاءِ چيو آهي ته هُو رات ڏينهن بَر ۾ پيون ٿيون رَهن، بُکن ۾ پاهه ٿيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي کان جنگ لڳڻ جو پيون پُڇن ته ڪنهن طرف ڪا جنگ آهي! اُنهن حرام خور پکين کي به سُورهيه ۽ بھادرن جو ماس وڻندو آهي، هُو حرام خور هُجڻ جي باوجود ڊيڄو، گيدي، ڪانئرجي گوشت کي عام حرام کان به وڌيڪ حرام سمجهندي اُن کي نه ٿيون پسند ڪن، ڇاڪاڻ ته هُو گيدي ڪانئر آهن، اُن جي گوشت کائڻ کي عيب ٿيون سمجهن، پوءِ ڀلي ڇو نه بُک ۾ پيون مرن، پر ڪانئر جو گوشت نٿيون کائين، اُن جو گوشت ڀلي ڪِنو پيو ٿئي، پر اُن جي ويجهي ئي نٿيون وڃن، مرشد لطيف اُن منظر جو بيان هن طرح ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
ڳِجهڙين گارو، راتو ڏِينهان رِڻ ۾،
ڀُڻيو پُڇن پاڻ ۾، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
کائين کڳ مارو، ڪانئر پيو ڪِنو ٿئي!
شاهه سائين سنڌ جي جوڌن کي آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ صلاحون سبق ڏنا، پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ دشمن سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ چيو ۽ بزدل ڪانئر لاءِ نفرت ڏياري، بهادر بنجي، سينو سُپر ڪري ويڙهه لاءِ چيو، ساڳي وقت سنڌ جي حاڪم کي خبردار ڪندي چيو آهي ته، اي سنڌ جا حاڪم! سنڌ جون سرحدون محفوظ نه رهيون آهن، ڌاريا ڌاڙيل سنڌ جون سرحدون پار ڪيو، سنڌ ۾ داخل پيا ٿا ٿين، سنڌ جي سرحدن تي وڏو گوڙ شور لڳو پيو آهي، اهڙو ته مانڌاڻ متل آهي جيئن مانيءَ ۾ مانڌاڻي پئي گُهمي، اي ملاح! (انڌ جا حاڪم) سنڌ ملڪ ۾ ڌارين ڌاڙيلن اهڙو ته گوڙ شور اچي مچايو آهي، جو توکي ننڊ اچڻ نه گهرجي، توکي ته هوشيار رهڻ گهرجي، تون هڪ طرف سنڌ جي حڪمرانيءَ جي هام به هڻين ٿو، ٻئي طرف حاڪم هجڻ جي باوجود ماٺ ڪيو ويٺو آهين، توکي پنهنجي ملڪ سنڌ جي ڪا ڳڻتي ڪانهي، اي نادان! تنهنجي سنڌ ملڪ مٿان نامناسب طوفان پيا لڳن ۽ ظلم جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، جيڪي ڪڙڪاٽ پيا ٿا ڪن، ترقي ۽ آزاديءَ جون راهون بند ٿينديون پيون وڃن، هي ڌرتي ڌارين ڌاڙيلن ٽامو ڪري ڏني آهي، پوءِ به تون ننڊ ۾ آهين! خبردار! تو کان انهن ڳالهين جون ضرور پڇاڻو ٿيندو ۽ تو کي اُن جو ضرور حساب ڏيڻو پوندو! مرشد لطيف ٻيڙيءَ جي مشابهت سنڌ سان ۽ ملاح اشارو اُن وقت جي حاڪم ڏي ڪيو آهي. شاهه سائينءَ سنڌ ملڪ کي مصيبت جي منهن ۾ ڏسي، اُن وقت جي حاڪم کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چوي ٿو ته، ملاح! (سنڌ جا حاڪم) تنهنجي ٻيڙي (سنڌ) اڄ ڪلهه مصيبت جي مُنهن ۾ اچي وئي آهي، حالتون اهڙيون وڌي ويون آهن، خبر نٿي پوي ته هُو ٻُڏندي يا ترندي، سندس بچاءُ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ويا هُئا، سي ختم ٿي ويا آهن. ملاح پنهنجي اُصول تي نه رهيا آهن، يعني اُنهن جا رَوَيا پنهنجي سنڌ لاءِ ٺيڪ نه آهن، ڌاريا ڌاڙيل ٻيڙي (سنڌ) ۾ ڪاهجي پيا آهن. خبردار! اي ناکئا (سنڌ جا حاڪم) تنهنجي ٻيڙيءَ (سنڌ) ۾ ڪيترن ئي چورن چڙهڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ڪيئي چور اچي گڏ ٿيا آهن، اي مالڪ اي پروردگار!! اهڙين حالتن ۾ جتي وڏا وڏا ٻيڙا ڊهي ٿا پون، اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ هن ٻيڙي (سنڌ) جو تون ئي واهر وسيلو ٿجانءِ، باقي هنن حاڪمن جو حال ڪونهي! تون ئي واهر وسيلو ٿجانءِ! تون ئي هن مصيبت ۾ گهيريل سنڌ کي ڪڍي پارڪجانءِ! آمين! شاهه سائين سنڌ مٿان مصيبت جي وقت ۾ پنهنجي فڪر جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
بَندر جَان ڀَئِي، تان سُکاڻيان مَ سُمهو،
ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري، جيئن مَاٽِي مَنجهه مَھِي،
آڏو سُور سَھِي، نِنڊ نَه ڪَجي ناکُئا!
يا
ٻيڙياتا ٻئي تو نه ڦَٻنديون ڳالهيُون،
سَڄيون راتيون سُمهين ڀَر سُکان ڏيئي،
سُڀان سَڀيئي، پَار پُڇندئي خَبرُون.
يا
دَنگِي مَنجهه درياهه، ڪِين ٻُڏي، ڪِين اُپڙي
هو جي واڍي واڻيا، سي سوهَڻ سَڀ سَريا،
مُعلم مَاڳ نه اڳهين، فرنگي مَنجهه ڦِريا،
ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا
جتي ڍينگ ڍريا، تني تاري تنهنجي!
شاهه سائينءَ کي سنڌ اندر ڪي اهڙا ماڻهو به نظر آيا، جن نسل درنسل ڏاڍ ۽ غلاميءَ کي پاليو نپايو هو، اُنهن جي وسيلي ئي پنهنجو ظلم ڏاڍ مضبوط ڪري کين پنهنجو ايجنٽ بنائي رکيو هو، هر ظالمانه دور ۾ اهڙن ديسي دلالن ڌارين جا ايجنٽ بنجي، پنهنجن تي ظلمن جا پھاڙ پئي ڪيرايا آهن، جيئن اڄ ڪلهه ديسي دلال نانگن بلائن وانگر ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن، جن ۾ جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرا، زميندار ۽ سردار اچي وڃن ٿا. شاهه سائينءَ جي وقت ۾ به ساڳيا اُهي ديسي دلال گهڻائي موجود هئا، جيڪي ڌارئي ظالم جا ذهني غلام بنجي، ظالم جي ظالمانه مصلحت تحت ٿي هليا، اُهي ماڻهو ظالم ڦورو حاڪم جي پاڇي هيٺ پلجي عدل ۽ انصاف جا دشمن دين ۽ ايمان، شر ۽ حيا، شرافت ۽ غيرت وڪڻي، اخلاق ۽ خودداريءَ کان دامن خالي ڪري، سنڌ تي ڪاهي آيل لُٽيري جي شيطاني گهنڊ تي مست ٿي، اُن ڌارئي ظالم کان وڌيڪ پاڻ ظالم بنجي، پنهنجن تي ظلم ڪري رهيا هُئا، پنهنجي قوم جي ماڻهن کي معمولي کيل تماشو سمجهي ظلم ڪرڻ ۾ ظالم حاڪم کان اڳڀرا هئا، سندن ظلمن تي شيطان به شرم کان ڪنڌ جُهڪائي ٿي ڇڏيو. شاهه سائين ديسي دلالن جا اهڙا ظالمانه ۽ ڪُڌا عمل پنهنجين اکين سان ڏسي رهيو هو، اُنهن غدارن ۾ شرم ۽ حيا، رحم ۽ ڪرم، ضمير ۽ ايمان، حق ۽ صداقت، غيرت ۽ شرافت جو ذرو به نظر نه ٿي آيو، هُو پنهنجي قوم جي جلاد کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نه هُئا، اُنهن کان چڱائي رکڻ ائين هو، جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ! اُهي نسل در نسل، ضمير فروش ۽ نڪ نرڄا هئا، جن سنڌ ۾ حملي آورن جو ساٿ ڏئي پنهنجي امڙ سنڌ جي تباهي پئي ڪئي. شاهه سائين سنڌ جي ماڻهن کي هزارين سالن کان وطن، زبان، تاريخ، روايات، سياسي، اقتصادي مفادن جي بنيادن تي هڪ قوم تصور ٿئي ڪيو. بقول حضرت علي عليه السلام ته: ”وڏي کان وڏو ڏوهه قوم سان غداري ڪرڻ آهي!“ شاهه سائين قوم جي غدارن کي وڏي لعنت سمجهندي، اهڙي غدار کي مِھڻو ڏيندي چوي ٿو ته، تون ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي قوم سان غداري پيو ڪرين، اُن کان ته بهتر ٿئي ته تون زهر کائي مري وڃ! اي غدار!! تنهنجي غداريءَ جي ڪري، سنڌي قوم پنهنجو ئي نه ڪندي، پوءِ تون پاڻ کي ڪهڙي منهن سان سنڌي ٿو سڏائين! شاهه سائين سنڌ جي اُن وقت جي غدارن کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين جي غدارن لاءِ چيو آهي ته:
هي مُنهن ڏئي ٻن تُون وِهُه کائي نه مَرين،
تَان جي مَلِير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
پوءِ تُون ڪيئن منجهان تِن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!
مرشد لطيف اهڙن مذهب فروش مُلن مولوين خلاف به جنگ جوٽي هُئي، جيڪي پيٽ ۽ پئسي تي وِڪامجي ظالمن جو ساٿ ڏئي، حق سچ وارن جي خلاف ’واجب القتل‘ جون فتوائون جاري ڪري، کين حق سچ جي راهه تان هٽائڻ شروع ڪيو هو، ۽ دعوتِ حق اصلاح جي ڪا ڳالهه ٿي ٿئي ته اُهي ويڪائو مذهبي ٺڳ ٽولي جا ماڻهو، پنهنجي عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، حق سچ جي رستا روڪ ڪري اهڙو سانگ رَچائي ٿي بيٺا، جو دنيا حيران پريشان رهجيو ٿي ويئي. شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته هر شيءِ جي اهميت جو اندازو اُن جي خدمت جي لحاظ کان ڪيو ويندو آهي، جا هن دنيا لاءِ هوندي آهي، پوءِ خدمت جيتري وڌيڪ هوندي آهي ته اُن شيءِ جو وجود به اوترو ئي اهم سمجهيو ويندو آهي، اگر اها شيءِ نقصانڪار ۽ غير ضروري آهي ته اُن کي ختم ٿيڻ گُهرجي. شاهه سائين بار بار مشاهدو ڪري ڏٺو ته مُلائيت (ملاشاهي) انسانيت لاءِ نھايت هاڃيڪار ۽ زهر قاتل ثابت ٿي هُئي، جنهن لاءِ تاريخ گواهه آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خونريزي ۽ بدامني مذهب جي نالي ۾ ٿي آهي. شاهه سائين جو چوڻ هو ته وقت دوزخ جي دڙڪن، بهشت جي دلاسن جو ناهي، هي وقت علم، فن، ۽ مشاهدات جو آهي، هي وقت وڏين دستارن پڳڙين ٻَڌڻ ۽ جُبن ۾ ويڙهجي سيڙهجي وڏيون تسبيحون هٿن ۾ ڪري لوڏي هلڻ، ڊگهي ڏاڙهي ڇڏائي منبر تي ويهي معجزن ۽ ڪرامتن جون فضول ڳالهيون ڪري، مريد خادم وڌائي سَڻڀيون مانيون کائڻ، چندا چوڙي، نذر نياز وصول ڪرڻ ۽ پاڻ پُوڄرائڻ جو ناهي، اهڙي قسم جو مذهب اسان جي ڪابه مدد ڪري نٿو سگهي، اوهان کي گُهرجي ته عملي طرح امن امان پيدا ڪري عام انسانيت جي ڀلائي ڪريو، ڇاڪاڻ ته خدمت خلق افضل عبادت جو نالو آهي. پاڻ سڳورن هڪ هنڌ واضح ڪندي چيو آهي ته:
روزا نِمازون، اِيءُ پڻ چَڱو ڪَم،
اُهو ڪو ٻيو فَھم، جنهن سان پَسين پِرينءَ کي.
پرينءَ جي پسڻ لاءِ شاهه سائينءَ جو اشارو انسانيت جي ڀلائيءَ طرف آهي. مرشد لطيف مذهب جي نالي ۾ مُلن مولوين جي انسان دشمنيءَ واري عمل کي نهايت نفرت جي نگاهه سان ڏسي، اُن کي سخت ننديو آهي، هن مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سِطحي طرح سان نه، پر يقين ۽ بصيرت سان نِرت ۽ سُرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه رَوَش والهانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، ايمان جي ڪيفيت کي زباني ڪلمي گوءِ ۽ دل ڪهڙي ڪم جي؟ جنهن دل ۾ دغا، فريب، ڪوڙ، ٺڳي، دوکي، مڪر ۽ شرارت جي باهه ٻريل هجي، شِرڪ ۽ شيطان منجهس خيما کوڙيو ويٺو هُجي، انسان کي حيات ۽ ڪائنات جي حقيقت ۽ رازن جو احساس نه هُجي، رُڳو پيٽ پُوڄا ۾ پُورو هُجي، اهڙي مُنهن ۾ موسيٰ اندر ۾ اِبليس ڇاپ مُلا کي ڀٽائي گهوٽ مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: اي مُلا! تون رُڳو منهن ۾ مسلمان آهين، جو ڊگهي ڏاڙهي ڇڏائي جُبن ۽ دستار ۾ ويڙهجي سيڙهجي ڊگهيون آزانون پيو ڏين ۽ وڏي آواز سان ذِڪر پيو ڪرين، انهيءَ لاءِ ته جيئن ماڻهو چون ته تون ڪو وڏو الله وارو ۽ بزرگ آهين، پر ائين هرگز ناهي، ڊگهي ڏاڙهي رکڻ، ڊگهيون ٻانگون ڏيڻ، بُلند آواز سان ’الله هُو الله هُو!‘ چوڻ ۽ تسبيح هٿ ۾ ڪري لوڏي هلڻ سان بزرگي ناهي ملندي! اوهان جي مُلائيت جو وڌي وڃڻ انسانيت لاءِ خطري کان خالي ناهي، او نڀاڳا، او چنڊا، ڇا تو حُضور پُر نُور جو فرمان نه ٻُڌو آهي، سچو مسلمان اُهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا سلامت هُجن! ۽ چڱو انسان اهو آهي، جيڪو ٻين کي فائدو پهچائي! پر اوهان مُلا مولوي اڪثر انهيءَ فرمان کي وساري مذهبي نفرتون پيدا ڪري، ماڻهو ويڙهائي سڄي ڌرتيءَ کي شيطاني آکاڙو بنائي ڇڏيو آهي. مذهب جي نالي ۾ هر روز هڪ نئين ڪوڙڪي هڻي، نئين ڪا ڦاسڻي هڻي نوان نوان شڪار پيا ڪريو، اوهان کي مُلا نه چئجي، مُلا نام موتي جو آهي! اوهان کي آهيڙي (شڪاري) چئجي، اوهان ته پيٽ ۽ پئسي جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهيو، اوهان دين کي دنيا تي وِڪرو پيا ڪريو، اهو ائين پيا ٿا ڪريو، ڄَڻ مِرونءَ جي ماس تي ڄڻ ماڻڪن جو سودو پيا ٿا ڪريو، اهڙي ڪُڌي عمل تي اوهان مٿان لعنتون هجن! دين جي نالي ۾ فساد ۽ نفرتون پيدا ڪري، انسانيت لاءِ خطرو بنجي ويل مُلن مولوين لاءِ چوي ٿو ته:
اُن پر نه اِيمان، جي ڪلمي گو ڪوٺائِين،
دُعا تنهن جي دل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آزر آهين.
-
مُلا مُلا مَ چئو، هُو آهيڙي آهِين،
مِرون سَندي مَاس تي، ٿا مَاڻَڪ مَٽائِين،
اُنهن تي آهِين، لَعنتون لطيف چَئي.
-
ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَريل کِير نَه چَکيو،
دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلھَا ٿِيا؟
شاهه سائين پنهنجي دَور ۾ سنڌ اندر ڌارين جي ظلم زيادتي بربريت ۽ لُٽمار خلاف جيڪا مزاحمتي جنگ شروع ڪئي هُئي، سا ختم ناهي ٿي، هُو اڄ به اسان جي رهبري ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي راهه تي هلڻ لاءِ اسان کي همت ڏياريندي ’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي!‘ جو پيغام ڏئي ويو آهي. اُها شروع ڪيل جنگ اڄ جي ڌارئي ڌاڙيل جاري رکي آهي. شاهه سائينءَ جي دَور ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ ڦُرلُٽ ۽ اڄ جي ٿيندڙ ڦُرلُٽ ۾ رات ڏينهن جو فرق نظر ايندو، شاهه سائينءَ جي دَور واري ڦورو سڀ ڪجهه ڦُريو هو، پر معدنيات ۽ پاڻي ڪونه ڦريو هو، اڄ جو ڦورو مرشد لطيف واري دَور جي ڦوروءَ کان وڏو ڦورو آهي، اڄ جي ڦورو سنڌ جو پاڻي ڦُري، سنڌ ۾ ڪربلا برپا ڪري ڇڏي آهي. يقين ڪريو ته سنڌوءَ جو پيٽ مهينن جا مهينا سُڪو پيو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي اهڙي بدحالي ۽ بيوسيءَ تي شاهه سائينءَ جو رُوح تڙپندو هوندو، وقت جي ظالم ۽ سندس ديسي دلالن لاءِ بد دعا ڪندي چوندو هوندو ته:
مَتو آهين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هڻي،
تو جَا ڀَانئِين اَڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏِينهڙا!
[روزاني پاڪ ڪراچي بروز آچر 28 اپريل 2002ع ۾ چپيو.]