تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت!

ڀٽائي گهوٽ سنڌ جي ادبي تاج جو لاثاني گوهر آهي، سندس شاعريءَ جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اڀياس ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي عالمن ۽ ماهرن سندس شاعريءَ جي واکاڻ جا وارا نيارا ڪري ڇڏيا آهن، ديسي ته ٺهيو پر اُنهن پرڏيهي عالمن، شاهه سائينءَ کي نه رُڳو سنڌ پاڪ يا بر صغير جو عظيم شاعر ڪوٺيو آهي، پر اُنهن ته شاهه سائينءَ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪري مڃيو آهي. ڊاڪٽر سورلي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، اها برابر حقيقت آهي ته شاهه سائينءَ کي پاڪستان ۾ قومي شاعر تصور نٿو ڪيو وڃي، پر اهو رُڳو سياسي ۽ تاريخي چَڪر بازين جي ڪري آهي، جن جو شاعري ۽ ادب سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي، پر وقت گُذرڻ سان سڀ شيون پنهنجي اصلي جاءِ وٺنديون. جهڙيءَ طرح مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي متعلق هي مشهور آهي ته:
مثنوي و معنوي و مولوي، هست قرآن در زبان
تهڙيءَ طرح اسان جي سُهڻي من مهڻي ڌرتي، پهلوي سنڌ جي سدا حيات شاعر ڀٽائي گهوٽ جو رسالو پڻ انسان ذات جي زندگيءَ لاءِ هڪ رهنما اُصولن جو انمول بي پها خزانو ۽ هدايتن جو اڻ کٽ سرچشمو آهي، شاهه سائين جو رسالو هڪ اهڙو پارس آهي، جو انسان جي ڪُٽ لڳل ڪاري ۽ ميري قلب کي لڳي ته سون ڪريو ڇڏي، يعني ڪارو قلب روشن ڪريو ڇڏي ۽ اندر جون اکيون کُليو پون. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ تمام گهڻيون ۽ سُٺيون صِفتون موجود آهن، جن تي نظر وجهڻ کان پوءِ چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ سنڌي زبان جا وڏا ماهر ۽ پارکُو هُئا ۽ اُنهيءَ لحاظ کان، اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪُجهه لطيف ڏنو آهي، اُن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن شاعر نه ڏنو آهي! سنڌي ٻوليءَ جو اَوج ۽ عُروج مُرشد لطيف جي شاعري ڪري ئي آهي، جنهن سان سنڌي قوم اهل ڪتاب بنجي وئي آهي. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ خوبين جا ڪافي پهلو آهن، جن کي پرکڻ پروڙڻ، سمجهڻ سمجهائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، خاص ڪري مون جهڙي گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ مشڪل ڪم آهي، تنهن هوندي به يوسف جي خريدارن جي قطار ۾ هڪ ٻُڍڙي عورت سُٽ جو ڍيرو کڻي اچي بيهڻ وانگر، شاهه سائينءَ تي لکندڙن جي لِسٽ ۾ شمار ٿيڻ لاءِ آءٌ به پنهنجي ڄاڻ آهر ڀٽائي گهوٽ جي شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت تي لِکندس. ڏٺو ويندو ته شاهه سائين سڄي جهان جي انسانن لاءِ فڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪندڙ آهي، زندگيءَ جي جُدا جُدا آزمائشي مرحلن، لاهين چاڙهين انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. هن صوفي بُزرگ، انسان جي ظاهري حُسن ۽ تراش خراش ٺٺ ٺانگر کان حيران ٿيڻ بدران، سندس باطني حُسن کي اُجاگر ڪرڻ کي ئي پنهنجو اصل مقصد بنايو آهي، ڇو ته کيس هي پُختو يقين هو ته اسان سڀني انسانن کي هڪ ڏينهن هلي حقيقي مالڪ جي حُضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي، جِتي ظاهري حُسن نه پر باطني حُسن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي، جنهن لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:
سُونهن وِڃَايَم سُومرا، ميرو مُنهن ٿِيوم،
وَڃڻ تِت پِيوم، جِت هَلڻ نَاهه حُسن رِي.
ڀٽائي گهوٽ جا عقيدت مند ساٿيو!
ڀٽائي گهوٽ جي عرس مبارڪ جي موقعي جي نسبت سان سندس شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت تي روشني وِجهندي چوندس ته، شاهه سائين جي شاعري، انساني اعليٰ ڪردارن جو آئينو آهي، جِن ۾ انسان جي رهبريءَ لاءِ معنيٰ جا موتي موجود آهن. هن جي خيال ۾ هستي حرام آهي ۽ نِوڙت نماز آهي، جن پاڻ کي مٿانهون سمجهي غرور تڪبر ۽ هٺ وڏائي ڪئي، اُنهن کي خدا تعاليٰ لوڙهي ختم ڪيو، اُن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا ته:
هَستي سَڀ حَرام، نِوڙت سَڀ نِماز،
جِنين ڀَانئِيو پَاڻ، ڪَيائِين تَوائِي تن کي.
شاهه سائين سراپا جمال آهي، پيار ئي پيار آهي ۽ نياز ئي نياز آهي، هو جلال واري ڪيفيت کان بلڪل آجو آهي، هو هن ڪائنات جي خالق کي ئي جلال جو لائق سمجهي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ کيس جان جمال پڻ سمجهي ٿو ۽ اُن لاءِ فرمائي ٿو ته:
پَاڻ ئِي جَلُ جَلال، پَاڻ ئِي جَان جَمَالُ!
شاهه سائين اُنهيءَ عقيدي کي ئي انسان جي عظمت جو سرچشمو سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جملي جلال ڪُل قُوت ۽ سڄي طاقت جو مالڪ موليٰ جي ذات کي مڃي ٿو. شاهه سائين اُنهيءَ حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
ڇَا کي وَڃين ڇو، ٻيلي رَهين ٻِيَن جو،
وَٺ ڪَنجُڪ ڪريم جي، جڳ ۾ آهي جو،
سکيو هوندو سو، جنهن جو عِشق اَلله سِين.
شاهه سائينءَ جي جمال جو ٻيو رُخ اهو به آهي، جو عبديت ٻانهپ ۽ هيٺاهين ۾ ئي انسانيت جي عظمت جو ڪمال سمجهي ٿو، جڏهن انسان پنهنجي هوڏ هستي ۽ مستيءَ جي نَفِي ڪري، پاڻ کي آپي کان آجو ڪري جان ڇڏائي ٿو، تڏهن ئي هُو ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچي ٿو، جيڪا عبد جي عظمت آهي، جنهن لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:
نَابُودِي نيئي، عَبد کي اَعليٰ ڪَيو!
اُهو اعليٰ مقام تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو، جڏهن انسان پاڻ کي سچو ٻانهون ثابت ڪندو، شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ نظر ۾ عبد جو شان سڀ کان مٿاهون ۽ اعليٰ آهي. عبد جي عظمت ايڏي ته وڏي آهي، جنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ئي مشڪل آهي، اُنهيءَ لاءِ مرشد لطيف پاڻ فرمايو آهي ته:
نَه ڪَا اِبتدا عَبد جِي، نَه ڪَا اِنتها!
شاهه سائينءَ جو جمال نياز نِوڙت پيار محبت ۾ آهي ۽ اُن ۾ ئي سندس جلال سمايل آهي، هُو خودي ۽ خُود پرستيءَ کان گهڻو پري آهي، آزاد ۽ آجو آهي، اُنهيءَ لاءِ سمجهائيندي چيو اٿن ته:
خُودي ۽ خُدا ڪِين مَاپندا مَن ۾،
جِيئن ٻِن تَرارين جَاءِ، ڪَانهي هِڪ مِياڻ ۾.
شاهه سائين انهيءَ اعليٰ فڪر ۽ اعليٰ عقيدي واري منزل توڙي ڪردار واري عمل جي سطح تي گهڻو مٿاهون آهي، کيس پوري ڄاڻ هئي ته هن سڄي سنسار ۾ سڀڪو پاڻ کي سير ٿو سمجهي، ۽ پاڻ کي گهٽ ڪوبه ڪونه ٿو سمجهي، سڀڪو مان واري تار ۾ ٻُڏل آهي، اهڙي حالت ۾ مُرشد لطيف عام انسانن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته، اوهان دولت جي ڍير ۾، ۽ ان جو ڏيک ويک، ٺٺ ٺانگر ڏسي اتي موهجي نه پئو، پنهنجي جيءُ کي اُن کان اِئين جُدا ڪريو، جيئن ڇَائِيءَ کي ڇَڄَ ڇَنڊي داڻن کي صاف ڪندو آهي، تُون صبح کي شام نه چَئو ۽ شام کي صبح نه چئو، اهڙيءَ طرح اڄ کي اڄ ڪري سَمَجهه، سُڀاڻ کي سُڀاڻ ڪري سمجهه. اي موڳا! وقت نه وڃاءِ، زور سان ڊوڙي هل، ڇو ته وقت ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري!
مرشد لطيف پنهنجي شاعريءَ جي لفطن کي معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
مَتَان ڏِسي موهِجين، دُنيا وَارو ڌَڄ،
جُدا ڪر جِيءُ کي، جِيئن ڇَائِي ڪَري ڇَڄ،
مُٺيُون ڀِيڙي ڀَڄ، وَقت وَڃي ٿو وَيسرا.
شاهه سائين هَٺ وڏائي ۽ تڪبر کي بلڪل ترڪ ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي، پاڻ وڏائي واري ماڻهوءَ کي ناپسند ڪيو آهي. شاهه سائين وٽ اُها هيٺاهين، اُها نهٺاهي، اُها نماڻائي ۽ اُهو انساني اخلاق جي عُروج جو جمال ۽ ڪمال موجود آهي، جنهن جي لِکڻ لاءِ دفترن جي درڪار ٿيندي، شاهه سائينءَ مان ۽ وڏائيءَ جي لائق خُدا کي ٿو سمجهي، عام انسانن کي تَڪبر ۽ وڏائي ڪرڻ کان روڪي ٿو، اهڙن وڏائي ڪندڙ ماڻهن لاءِ سندس پيغام هي آهي ته:
مَان مُون تُون آءٌ، چَارَئِي چِتَان لاَهه،
تَه سَندي دَوزَخ بَاهه، تَو اَوڏِيائي نَه اَچي.
شاهه سائين جمالياتي ڪيفيت جا مرڪز ۽ محور آهن، هن پنهنجي مثالي ڪردارن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجين سُورميءَ نُوريءَ کان هن طرح چَورايو آهي ته:
تُون تَماچِي تَڙ ڌَڻِي، آءٌ گَندرِي غَرِيب!
سَسئي کان چَوِرايو اٿس ته:
هُو جَا پَائِين پيرَ ۾، تَنهن جُتي نَه جيهي!
سهڻي کان چورايو اٿس ته:
هِن مُنهنجي حَال جِي، ميهر کي مَعلوم،
مُومَل کان وري هن طرح چورائي ٿو ته:
ڪَر مَعاف مَدايُون، تَه سَوڍا سُکياڻي ٿِيان!
ڏِسجي ٿو ته سڀني سُورمين جي عزت ۽ عظمت، هيٺاهين هلڻ ۽ نياز نِوڙت سان ئي ٿي آهي. شاهه سائين ڏٺو ته، هي حيوان ناطق جي حيثيت ۾ ٻه ٽنگو انسان اِئين ٿو سمجهي ته آهيان ئي مان، مُون تي ئي لهي اُڀري ٿو، سڄي جڳ جهان جو مالڪ مان ئي آهيان! آءٌ سڀ ڪُجهه ڪري سگهان ٿو! تاريخ جي گواهي آهي ته انساني سماج ۾ شيطاني ۽ فرعوني ڪردار هميشه کان هَٺ وڏائي واري آڪڙ مان ئي پيدا ٿيا آهن، ۽ اهڙن وڏائي وارن ڪردارن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، اڳ هڪڙو فرعون هو، هاڻ ته وِک وِک تي فرعون جو عملي پيروڪار نظر ٿو اچي، جن پنهنجي خُود غرضي ۽ بدڪرداريءَ سان خدا جي ڌرتيءَ کي شيطان جو آکاڙو بنائي ڇڏيو آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو عام ماڻهن مان خلوص ختم ٿيندو پيو وڃي، ماڻهو، ماڻهو جو ماس پيو کائي، هن دنيا ۾ انسان جي نيڪي ئي رهڻي آهي، هي سَنسار لباس تي ٻڌل آهي، ’هڪ دل هوندو هيڪڙو‘، عام انسانن ۾ حيرت جو حوصلو ئي نه رهيو آهي، خلوص، پيار، محبت واري مام کي ڪُتي واري نِيت رکندڙ ته سمجهندو ئي ناهي. شاهه سائين پنهنجي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
آدمِيَن اِخلاص، مِٽَائي مَاٺو ڪَيو،
هَاڻي کَائي سَڀڪو، سَندو مَاڻهو مَاس،
دِلبر هِن دُنيا ۾، وَڃي رَهندو وَاسُ
ٻِيو لَوڪ سَڀ لِباس، هِڪ دِل هُوندو هَيڪڙو.
يا
حَوصِلو حَيرت جو، آهي نَه مَٿي عَام،
سَندي محبت مَام، ڪور پَروڙي ڪِينَڪِي.
شاهه سائين عشق جي امتحان جون سڀئي منزلون طئي ڪري پار پيو هو، کيس ٻي ڪنهن هستيءَ جي ڪا تَات تَنوَار ڪانه هُئي، دُنيا جي هر شيءِ ۽ هيڪڙائي جو ظهور نظر ٿي آيو، هن جو چوڻ هو ته، جيڪو ماڻهو نفس جو غلام بنجي، اُن جي اِشاري تي ٿو هلي ۽ پاڻ کي بغير شِرڪ جي ٿو ڀَانئي، اهو ئي وڏو شِرڪ آهي، نفس جي غلاميءَ ڇڏي هُئڻ واري هوڏ کي ختم ڪري، پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻڻ جو چيو آهي. انسان جڏهن هُئڻ واري هوڏ کي ختم ڪري پاڻ سُڃاڻي ٿو، تڏهن ئي سندس وجود ۾ موليٰ جي ذات جو واسو ٿو اچي، ۽ کيس مان هُئڻ واري ڪيفيت ختم ٿيو وڃي، هِي ۽ هُو هڪ ٿي ٿا وڃن، هِي آهي ته هُو به آهي، هِي ناهي ته هُن کان سواءِ هُو به نٿو رَهي، هِي هُن جي هُئڻ ڪري ئي آهي، هُو وري هُن کان سواءِ ڪونهي، هِي ۽ هُو هڪ ٻئي کان ڌار آهن ئي ڪونه، انسان جو سر خُدا جو سر ڪري سمجهڻو آهي، عالم ۽ عارف به اِها ئي ڳالهه ڪندا ويا آهن، جنهن لاءِ شاهه سائين هن ريت فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
عِين شِرڪ اِيءُ، جي بي شِرڪ ڀَانئِين پَاڻ کي،
وِڃَائي وُجود کي، پاڻان پَاسي ٿِيءُ،
هيڏانهن ڪَونهي هِي، هُو پڻ ڪونهي هُن ريءَ!
يا
اَلاِنسان هُو پڻ ڪونهي، هُن رِيءَ، هِي نَه هُنان ڌَار،
اَلاِنسان سري وَانا سره پَروڙج پَچار،
ڪَندا وِيا تَنوار، عَالم عَارف اهڙي!
برحق لطيف اسم باسما هو، جهڙو هو سندس نالو، تهڙو ئي پاڻ لطيف هو، هُو عبداللطيف هو ۽ ساڳي وقت عبد توڙي لطيف هو، عبديت ۽ لُطافت سندس شاعري، فڪر، فلسفي ۽ ڏنل پيغام جا ٻه روشن طرف آهن، جنهن جي سوجهري سان ئي مُرشد لطيف جي ڪلام کي سمجهي سگهبو، اِئين برابر آهي ته سندس ٻولي سنڌي آهي، پر سندس فڪر، فلسفو عالمگير آهي، سندس رسالي ۾ عبد جي عظمت جي تصوير ڏسي سگهجي ٿي.

[روزاني عبرت حيدرآباد، سومر 9 جنوري 2012ع ۾ ڇپيل]