شاهه جي شاعريءَ ۾ حُب الوطنيءَ جا اولڙا
سَاٿي نَه پَسان سي، جي هُيَم هِينئَڙي ٿُوڻِيُون،
هاڻي ڪٿي جي، اَڱڻ وَڃڻ اَوريان!
يا
جا ڀُونءِ پيرين مُون، سا ڀُونءِ مَٿي سَڄڻين،
ڌِڱ لَٽبا ڌُوڙَ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون،
ڏينهن مِڙَئي ڏُون، اُٿي لوچ لَطيف چَئي!
يا
سَاٿي نه پَسان سي، جي مُون ويڙهه وِڃائيا!
صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو شاهه سائينءَ تي وڏو اثر پيو هو، ۽ پاڻ پنهنجن پيارن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال کڻي، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهجي پيو ۽ چپي چپي ۽ وستي واهڻ وڃي، سنڌي قوم پرستيءَ جي رُوح جو محافظ ۽ آزاديءَ جو پروانو بڻجي، سنڌي قوم کي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام راڳ ويراڳ ۽ ساز آواز رستي ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ اُن عمل ۾ به گهٽتائي ڪانه ڪيائين:
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪَاهه، ڪَانھي وَيل ويهڻ جي!
چئي اهو سلسلو زور شور سان جاري رکيائين. شاهه جي اُن ڪچهري ۾ ماکيءَ جهڙن مٺن گُفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان ڪيترن ئي سنڌي ماڻهن فيض پرايو، سندن هي حال هو، جو ’ڪُوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ اُن جي!‘ اُن دوران جڏهن سنڌ تي نادر شاهه دراني جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر ڪاهي پيو ۽ سنڌي قوم کي ڦُرڻ مارڻ شروع ڪيو، شاهه سائينءَ کي ڌارين جي سنڌ ۾ اهڙي ڦُر مار ۽ ڳجهن وانگر لامارا ڏئي، سنڌين جي جسم مان ٻُوٽيون پٽيندي ڏسي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام مارئيءَ جي رُوپ ۾ تيزيءَ سان ڏيڻ شروع ڪيائين. شاهه سائينءَ جي سُر مارئي جي هر لفظ ۾ روشن صبح جو نياپو ۽ نئين جياپي جو حال سمايل آهي. شاهه سائين نياز ۽ نياز آهي، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
هستي سڀ حرام، نِوڙت سڀ نماز!
شاهه سائين هيڪڙائي واري عقيدي کي ئي انسانيت جي عظمت جو سر چشمو سمجهيو ٿي. هُن جملي جلال ڪُل ڪائنات جي طاقت هڪ ئي مولا پاڪ جي ذات کي سمجهيو ٿي، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن ٻئي جي اڳيان سِر جُهڪائڻ جي منع ٿو ڪري، انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي زباني پنهنجي الفاظن کي معنيٰ جي معراج تائين هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
اَول الله مَڃان، جو مِڙني مَٿانهون،
ته پوءِ ڪيئن ڪري مَڃان، عُمر کي آءٌ.
عمر جهڙي ڏاڍي لاءِ مارئي جي رُوپ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ چيو اٿس، اُن ۾ سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري ۽ ڀلائي جو راز سمايل آهي، لاَ اِللهَ اِلاَ اللهَ انقلابي ڪلمو ٻيو ڪونهي، الله کان سواءِ عمر جي اڳيان (غير اڳيان) جُهڪڻ مارئي کي پسند ئي ڪونه هو، عمر بادشاهه جي قيد ۾، ٿر ڄائي مارئي کي رهڻ لاءِ محل ماڙيون، کائڻ لاءِ ست رڇيون، سُمهڻ لاءِ پٿراڻيون ڏنيون هُيون، پر مارئي اُنهن سڀني ڏي اک کڻي نهاريو به نه، ته اُهي شيون ڪهڙيون ٿينديون آهن! عمر کي دل ۾ بي ايماني سمايل هُئي، تنهن هن غريب ڄائيءَ کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ ڪئي هيلا هلايا، پر مارئي کي عمر جي محل ماڙين کان پنهنجا اباڻا جُهوپڙا پيارا هُئا، عمر بادشاهه جي غلاميءَ جي ٻوڙن پُلائن کان، ملير ۾ آزاديءَ وارو ڏُٿ وڌيڪ پيارو هو. عمر جي کٽن مِٺن شربتن کان پَلُر جو پاڻي وڌيڪ پيارو هو، عمر جي ويس وڳن کان اباڻن جا کهرا کٿا ۽ لويون پسند هُيون، عمر جي پلنگ پٿراڻين کان واريءَ جو وِڇاڻو وڌيڪ پسند هو، انهيءَ ڪري عمر جي ڪوٽ ۾ پَٽ تي ٻانهن سيرانديءَ ڪري سُمهندي هُئي، هُن کان پنهنجا ملير ڄاوا ماروئڙا اصل نه وِسريا هُئا، عمر جي ڪوٽ ۾ سڀني سهوليتن هوندي به پاڻ کي قيدياڻي سمجهي عمر کان مليل ڪنهن به سهوليت واري شيءِ کي پنهنجي استعمال ۾ نه آندائين، هر وقت اوڇنگارون ڏئي پئي رُئندي رَڙندي هُئي. عمر بادشاهه کيس نِت نيون نيون لالچون پيو ڏيندو هو ۽ کيس پَٽ راڻيءَ بنائڻ لاءِ چيائين، پر ٿر جي هن غريب نياڻيءَ اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيو، پنهنجي سِيل سَتُر بچائڻ لاءِ همت جو سندرو ٻڌي بيهي رهي ۽ عمر جي ڪابه آڇ قبول نه ڪيائين، سندس اڳيان فولاد جي ديوار بنجي بيهي رهي. عمر کيس جيڪا به آڇ ٿي ڪئي، سا هُن ٺُڪرائي ٿي ڇڏي. عمر کيس ٿڌيون مِٺيون ڳالهيون ڪري، کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر مارئي هڪدم ملير طرف منهن ڪري زارو زار روئي رڙي ريهون ڪري، ائين چوندي هُئي ته اي عمر بادشاهه! آءٌ تُنهنجا هي سڀئي سُک سُوري ٿي سمجهان، آءٌ غريب ٿري ماروئڙن جي ملڪيت آهيان، زور ظلم ۽ زبردستيءَ سان تنهنجي زال نٿي بنجي سگهان، مون کي مٿي تي جيڪا مسڪين ماروئڙن لوئي پهرائي آهي، سا نه لاهينديس نه لڄائينديس! اي عمر! هرو ڀرو اشرافن کي پنهنجي ڏاڍ ڏمر سان ظلم جا زنجير وجهي پنهنجي بنائڻ جي ڪوشش نه ڪر، آءٌ تو عمر جي ٿي نٿي سگهان. شاهه سائين مارئيءَ جي واتان عمر کي هن طرح چَوِرايو آهي ته:
سَون بَرابر سَڳڙا، مَارُو سَندا مُون،
پَٽولا پَنهوار کي، عُمر آڇ مَ تُون،
وَرلوئِي جي لُونءِ، ڏَاڏاڻَن ڏِنيام جا!
مارئيءَ کي پنهنجي حياتيءَ کان پنهنجي عزت وڌيڪ پياري هُئي، هُن کي پنهنجن ذاتي مفادن کان ملير جي مِڙني ماروئڙن جا گڏيل مفاد پيارا هُئا، عمر بادشاهه وٽ وِڪامجي وڃڻ سان ملير جي غريب ماڻهن جي عزت ۽ وَقار کي ڇيهو ٿي رَسيو، مارئي ملير ۽ پنهنجن ملير ڄاون ماروئڙن تان قربان ٿي وڃڻ کي بهتر ٿي سمجهيو ۽ هُوءَ پنهنجي حياتي جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي هُئي، ڇاڪاڻ جو قومي ڪردار کي بچائڻ زندگي جو مکيه فرض ٿي سمجهيائين، هن نه ٿي چاهيو ته عمر بادشاهه وٽ وِڪامجي ملير جي مِڙني ماروئڙن کي مِهڻي هاب ڪريان. مارئي پنهنجي ٿر ۽ ٿري ماروئڙن کي، هڪ مضبوط زبان ۽ تهذيب تمدن جي هزارين سالن جي ڳانڍاپي جي نالي سان ٿي سمجهيو، هُن پنهنجي ٿري ماروئڙن کي ڪنهن بي رحم آقا جو غلام يا رِڍن، ٻڪرين جو ڌڻ ڪونه ٿي سمجهيو، جو هرو ڀرو بگهڙن جو کاڄ پيو ٿئي! هن جو اِهو ايمان هو ته ٿري ماروئڙا، هڪ ظالم جابر هٿان زوري کڄي وڃڻ تي مون کي وِساري ڪونه ويهندا، ڇاڪاڻ ته آءٌ روز ازل کان به اڳي اُنهن ٿرين جي آهيان، اڃا ڪُن فيڪون جي ڳالهه ئي ڪانه هُئي، نه وري ڪنهن بني بشر جي وجود جي ڪا ڳالهه هُئي، منهنجو آدم جي پيدا ٿيڻ کان به اڳ ۾ پنهنجي ٿري ماروئڙن سان ڳانڍاپو آهي، اُنهيءَ ڪري مارئي، عمر بادشاهه جي ڪنهن لالچ لوڀ ۾ نه آئي، ۽ عمر کي ٿي چيائين اي عمر بادشاهه! آءٌ پنهنجن ملير ڄاون جي پچر ڪيئن ڇڏيان، جو اُنهن سان منهنجي فطري محبت آهي! اُنهن سان منهنجي محبت جون ميخون لڳل آهن، مون کي تنهنجي قيد ۾ گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، جو مون پنهنجن پنهوارن جا پَکا نه ڏِٺا آهن، جن کي ڏِسڻ لاءِ ڏاڍي پريشان آهيان. جهڙي ريت ڪپڙي کي ڪنهن سنهي سُئي سان ٽوپو ڏئي ڳنڍي سوگهو ڪبو آهي، اهڙي ريت منهنجو ساهه ملير جي ملڪي ماروئڙن سان سِبجي سوگهو ٿيل آهي ۽ مون کي ملير جا گولاڙا ۽ گاهه، ڏاڍا ياد پيا ٿا پون، هت تو وٽ منهنجو فقط جسم آهي، منهنجو رُوح ملير ۾ آهي، منهنجو ساهه رُوح پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ پکن ۾ آهي، سچ مڃين ته تنهنجي ڪوٽ ۾ مون مجبور جو خاڪي جسم آهي، شاهه سائين مارئي جي واتان انهي ڪيفيت کي هيئن بيان ٿو ڪرائي ته:
آءٌ ڪيئن ڇَڏِيان سُومرا! تِن پَنهوارن پَچار؟
جَڙ جِنِين جي جَان ۾ لَڳي رِيءَ لوهار،
مَيخُون محبت سَنديون، هينئڙي مَنجهه هَزار،
پَکا ۽ پَنهوار، ڏِٺي مُون ڏِينهن ٿِيا.
مارئي ويچاري ٿري ماروئڙن جي ڳاٽ اُوچي ڪرڻ لاءِ ظالم عمر بادشاهه جون سڀئي سُور سختيون سهندي رهي، مگر اُن ظالم اڳيان جُهڪي اصل ڪانه، هن اُن ظالم اڳيان جُهڪڻ کي وڏو عيب ٿي سمجهيو، جي هي اُن جابر اڳيان جُهڪي پوي ها ته سڀني ٿري ماروئڙن کي وڏو داغ لڳي وڃي ها ۽ عمر جو به من وڌي وڃي ها ۽ پوءِ ٿر جون ٻيون نياڻيون به ظلم جو نشانو بنجن ها، پر مارئي همت ۽ حوصلي سان اهڙو ته پاڻ ملهايو، جو عمر جا ڏند کٽا ٿي پيا، جيئن مٿس سختي ٿي ٿئي، تيئن هُن ۾ خانداني شرافت ۽ نسلي عظمت نمايان ٿي ٿئي. عمر جهڙي حاڪم وٽ قيدياڻي هوندي به بنا ڪنهن خوف خطري جي سندس هر ڏاڍ جو مقابلو ڪيائين ۽ حق سچ کان نه هٽي ۽ عمر بادشاهه کي مخاطب ٿي چيائين ته:
جي لُوڻ لِڱين لائين، چِيري چِيري چَم،
مُون ڪُر اڳي نه ڪَيو، اهڙو ڪوجهو ڪَم،
جَان جَان دعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوارسِين!
ٿري نياڻي مارئي کي، عمر بادشاهه پنهنجي ڪوٽ ۾ جڏهن کڻي اچي قيد ڪيو هو، اُن وقت کان ئي مارئي، هن ڌارئي ڌاڙيل جي ڪنهن به آڇ کي قبول نه ڪيو، رُڳو پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪري پئي رُئندي رَڙندي هُئي، عمر کانئس روڄ راڙي جو سبب پُڇندو هو ته وڌيڪ روئي رڙي کيس چوندي هئي ته اي عمر بادشاهه! ڳنڍير جي گاهه وانگر منهنجي دل جون ڳنڍيون ملير جي ماروئڙن سان آيل آهن، آءٌ ۽ منهنجا ماروئڙا هڪڙي ئي مِٽيءَ جي پيداوار آهيون، اُهي ٿري ماروئڙا ڏاڍا قُربائتا آهن ۽ احسان ڪندڙ آهن، اُنهن کان ڌار رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، تنهنجي قيد ۾ منهنجا ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ٿا گذرن، منهنجو اهو وڙ ناهي جو ذاتي لالچ ۾ اچي پنهنجا ٿري ماروئڙا وِساري تو وٽ ويهي رهان! مارئي جيڪا فطري طرح آزاد هُئي، پر زبردستي عمر جي ڪوٽ ۾ اچڻ کان پوءِ غلاميءَ جي زندگي ۽ مارُن جي وڇوڙي جي ڪري، ڏينهون ڏينهن وَيئي جُهرندي، آخر ڪنڊا ٿي وئي، هڪ ڏينهن عمر بادشاهه کي پاڻ وٽ گُهرائي چيائين ته اي عمر بادشاهه! مون کي ٿر ۽ ٿري ماروئڙن جي وڇوڙي نهايت جهوري وڌو آهي، موت جو ڪارو ڪانءُ منهنجي مٿي تي اچي ويٺو آهي، منهنجي زندگي پُوري ٿيڻ واري آهي، جيئن آءٌ تُنهنجي قيد ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه لاءِ سِڪندي سِڪندي مري وڃان ته پوءِ منهنجي توکي هي وصيت آهي ته منهنجو لاش، منهنجي ٿري ماروئڙن ڏي موڪلي ڏِجانءِ ته جيئن منهنجي مَيَت کي ٿر جي وَلين جو واس اچي سگهي ۽ منهنجي قبر پنهنجي ٿر جي ڌرتيءَ ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ ٿئي، جي ائين ٿيو ته آءٌ ڄڻ مُئل به جيئري ٿي پونديس! شاهه سائين مارئي جي واتان حُب الوطنيءَ جو اظهار هن طرح ڪرايو آهي ته:
واجهائي وطن کي، آءٌ جي هِت مُياس،
ته گور مُنهنجي سُومرا! ڪَج پَنهوارن پَاس،
ڏِج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان وَلڙين وَاس،
مُيائي جِياس، جي وَڃي مَڙهه مَلير ڏي!
مارئي جيڪا سچ جو سندرو ٻڌي، ٿر جي عزت ناموس آزاديءَ ۽ قومي روايتن جي بقا لاءِ عمر بادشاهه جي قيد۾ رهي ٽَڪر کاڌو، ٽَڪر به اهڙو کاڌو، جو هيڏي ساري بادشاهه کي ٿر جي غريب نياڻي مارئي جي سچائي، هِمت ۽ قومي غيرت اڳيان جُهڪڻو پيو ۽ مارئي کي آزادي ڏنائين! اڄ مارئي کي سنڌي قوم آزاديءَ جي علامت سمجهي ٿي.
[روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، خميس 17 اپريل 2003ع ۾ ڇپيل]