شاهه جي شاعريءَ ۾ محبت جا موتي... (حصو ٻيو)
اَچِي عِزرائيل، سُتي جاڳائي سَسئي،
ٿي ڊوڙائي دَلِيل، ته پُنهون ماڻهو موڪليو.
3. سُر ليلا چنيسر:
ليلا، راجا چنيسر سومري جي پَٽ راڻي هُئي، راجا چنيسر تمام حسين و جميل راجا هو، مٿس ڪيتريون ئي حسينائون موهت هُيون، جن مان ڪؤنرو نالي حسينا به هڪ هُئي، جيڪا پر پٺ راجا چنيسر جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي مٿس موهت ٿي پئي هُئي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجي ڀاءُ موڪيءَ کي ساڻ ڪري، اٽڪل بازيءَ کان ڪم وٺي، ليلا وٽ گهرو نوڪرياڻيون بڻيون، ڪؤنروءَ وٽ هڪ هار هو، جيڪو ليلا کي ڏاڍو پسند آيو هو ۽ اُن هار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ليلا هڪ رات لاءِ پنهنجي وَر راجا چنيسر کي وِڪرو ڪيو. راجا چنيسر پنهنجي دوستن سان ڏاڍو پيتو هو ۽ سُمهڻ مهل جڏهن محلات ۾ آيو ته ليلا هٿ وٺي، پنهنجي مُڙس کي ڪؤنروءَ جي بستري تي وڃي سُمهاريو. چنيسر سڄي رات ڪؤنروءَ سان گڏ گذاري، کيس خبر ئي ڪانه پئي ته آءٌ ڪنهن سان سُتل آهيان! آخر فجر مھل جڏهن نشي جو خُمار لٿس ۽ ڀاڪُر ۾ ڪؤنروءَ کي سُتل ڏٺائين ته پريشان ٿي ويو، پوءِ ڪؤنروءَ سڄي حقيقت کيس ٻُڌائي، ته تنهنجي ليلا توکي هڪ هار تي هڪ رات لاءِ مون وٽ وِڪرو ڪيو آهي! جنهن تي راجا چنيسر کي سخت صدمو رسيو ۽ ليلا کان منهن موڙي ڇڏيو، ۽ ڪؤنروءَ جو قُرب ڏسي، کيس پنهنجو کڻي ڪيو، جنهن تي ليلا ڏاڍو پڇتايو، ڇو ته چنيسر جي محبت کان محروم ٿي وئي هُئي، محبت هڪ اَزلي بِشارت آهي ۽ اُن جي خوشي اَبدي آهي. محبت واري رستي کي صِراط المُستَقِيم چئجي ٿو. هن ساري ڪائنات جو قيام ۽ بقا محبت تي ٻڌل آهي. رب پاڪ پنهنجي مخلوق کان محبت کان سواءِ ٻيو ڪُجهه نٿو گُهري. حقيقت جي اکين سان ڏٺو ويندو ته محبت هڪ روشن صُبح نظر ايندو، جنهن جي رات ٿئي ئي ڪانه ٿي. اڃا به ائين کڻي چئجي ته محبت آبِ حيات جي اُها بُوند آهي، جنهن سان مُرده جذبا زنده ٿي پون ٿا، شاهه سائينءَ ليلا جي ليلائڻ، عاجزيءَ ۽ محبت واريون دليون ڀِڄائيندڙ ڳالهيون ڪندي، ليلا کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته: اي ليلا! جنهن کي تو هار سمجهيو هو، سو ته سُورن جو ڳٽ هو، جو چنيسر تو تان هٿ کڻي وڃي پورهيت ڪؤنروءَ جو پاسو ورتو، سُتل مڙس ڪنهن سان اڻبڻت جو ورتاءُ نه ڪري! اي ليلا! تون هُئين ته نهايت سِياڻي ۽ وَر جي به سُڌ هُئي ته هُن جو توسان پير هو ۽ تو وٽ هارَن جي ڪابه ڪمي ڪانه هُئي، پوءِ به تو سمجهيو ته نئين قِسم جو هار پائي سُهڻي ٿي ٿيان، گهوٽ کي ته بيوفا ڪُنوار جو سمورن نمونن جو سينگار نٿو وڻي، هُو ته دلين جو پارکو آهي ۽ اندر جو ويچار ٿو پروڙي، ۽ دلين جي پرک ٿو لھي، هو ٻاهريون ٺٺ ٺانگر نه ٿو ڏسي، پر اندر جي سچائي ٿو ڏِسي. ڀٽائي گهوٽ ان سڄي منظر کي هن ريت چِٽيو اٿس ته:
تو جو ڀَانئيو هَارُ، سو سُورن سڳڙو،
چنيسر ڇت کڻي، ٿيو پورهيت جو پَارُ،
اُڻت جو آچار، ڪانڌ ڪنهن سِين مَ ڪري.
يا
هُئين ته گهڻو هوشيار، ڪَل به هُئي ڪانڌ جي،
تو ڀانئيو موچاري ٿيان، ڳِچيءَ پائي هَارُ،
ڪانڌ ڪوڙي نه وڻي، سنئين ڀِتن سينگار،
وهپ لهي وينجهار، دليون پرکي داسڙو.
ڏٺو ويندو ته محبت اُها پاڪ ۽ اڪثير شيءِ آهي، جنهن سان گهايل دلين ۾ شگفتگي ۽ تازگي پيدا ٿئي ٿي. محبت جاني صحبت جو ثبوت آهي، جنهن جي دل ۾ گهڻي کان گهڻي محبت آهي، اُنهي کي ئي پاڪ رُوح وارو سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي دل ۾ محبت آهي ئي ڪانه، تنهن کي پليت رُوح وارو سمجهيو ويندو آهي، يعني منحوس! شاهه سائينءَ، ليلا جي محبت جي مالھا کي اهڙي ته سهڻي نموني سان سَنواريو سينگاريو آهي، جو عقل دنگ رهجيو ٿو وڃي. شاهه سائينءَ، ليلا کي پنهنجي شخصيت جو پارس لڳائي سون بڻائي ڇڏيو آهي. ڏسو ته شاهه سائينءَ، ليلا جي رُوپ ۾ اچي نهايت عاجزيءَ ۽ محبت سان چوي ٿو ته: اي منهنجا مُحب! منهنجو هوش خطا ٿي ويو، تنهن ڪري مون غلطي ڪئي آهي، پر تون ته پنهنجي شان کي سُڃاڻج، تون ئي گُمراهه ٿي ويلن جا توڙ کان ئي عيب ٿو ڍَڪين. اي منهنجا ڀُتار! تون ئي عيبدارن، گُنهگارن کي ڍڪيندڙ ۽ بخشيندڙ آهين!
سهسين سهڻيون، من موهڻيون تنهنجون آهن، اُنهن جو تون وَر آهين، اُنهن مان آءٌ به هڪ آهيان! اي داسڙا! تون مون کي ڏهاڳ نه ڏي، متان مان مِهڻي آب نه ٿيان. اي چنيسر! پاند منهنجي ڳچيءَ ۾، سو تُنهنجي هٿ ۾ آهي، جيئن وڻئي تيئن ڪر، مگر مون کي ڏهاڳ نه ڏي، مون کي تو مان بخشش جي اُميد آهي، ڀٽائي گهوٽ ليلا جي محبت ۽ عاجزيءَ واري نُڪتي کي هن ريت بيان ڪيو آهي ته:
جي مَان مُوڙهي مَت، تان پَاڻُ سُڃَاڻِج سُپرين!
اَصل اَواين جا، عيب ڍڪين تون اَت
اي پرين تنهنجي پت، جيئن ولهيون ڍڪين ولها!
يا
ڪُوڙيون تُنهنجون ڪَامِڻيُون،
تُون ڪُوڙين سَندو ڪَانڌُ،
مُون کي ڍيل مَ ولها! ته وَرَ وڃان نه وِڙِ واند،
مُون ڳِچيءَ ۾ پَاند، تو چنيسر هَٿ ۾.
[روزاني جاڳو ڪراچي، ڇنڇر 26 اپريل 1997ع تي ڇپيل]