هڏي مٿي هوڏ
هڏي مٿي هوڏ، ڪڏانهن ڪر ڪتن جي
هڏي ساڳي لوڏ، ڪيئي چوسيندڙ چلي ويا!
لاکيڻي لطيف جي هن بيت کي ذهن جي ڪَسوٽي تي پرکي مٿس غور ويچار ڪري ڏسبو ته، ڪُوذي ۾ سمنڊ بند ٿيڻ واري چوڻي جي زنده تصوير اُڀري ايندي، شاهه سائين هن بيت کي جادو بيانيءَ سان سنواري سينگاري معنيٰ جي معراج تي پهچايو آهي، جو واقعي ڄڻ ڪُوذي مان سمنڊ ٻاهر نڪري اُڇلون ماريندي نظر پيو اچي، سبحان الله! سندس بصيرت روشن خيالي ۽ وسيع النظريي کي ڏسي، ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن، ته هن ڪهڙي طريقي سان انسان ذات لاءِ فڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪري، زندگيءَ جي جدا جدا آزمائشي مرحلن ۽ انساني جذبن، احساسن جي ترجماني ڪري ۽ انساني سڀاءُ کي پرکي پروڙي، پهاڙن جيڏا اوڏا مسئلا تمام سادگي ۽ آسانيءَ سان حل ڪيا آهن. منهنجو هي ايمان آهي ته اڄ به جيڪر سنڌي قوم مرشد لطيف جي ڏنل پيغام کي پروڙي، اُن تي عمل ڪن ته جيڪر کين ڏکيا ڏينهن ڏسڻا ئي نه پون! افسوس هن ڳالهه جو آهي ته اسان سنڌي قوم کي شاهه سائين جا بيت ۽ ڪافيون ياد ته آهن، اُنهن کي ڳايون وڄايون به ٿا ۽ ڏاڍي چاهه سان ٻُڌون به ٿا، پر عمل نٿا ڪريون. مرشد لطيف جو رسالو جنهن کي اسان عقيدت ۾ شاهه سائينءَ جون آيتون ڪري سمجهندا آهيون، تنهن کي رُڳو ڳائڻ وڄائڻ وارين محفلن تائين محدود نه ڪريون، پنهنجي مرشد لطيف جي بيتن ڪافين ۽ وايُن کي پرکي پروڙي، سوچي سمجهي، اُنهن تي عمل ڪريون ته افضل ٿيندو! شاهه سائينءَ جو هر هڪ سُر، هر هڪ سِٽ ۽ حرف سچ ۽ صداقت جو آئينو آهي. مرشد لطيف جو رسالو هڪ روشن شمع آهي، جنهن سان حق جي واٽ آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر افسوس پنهنجي بدنصيبي تي، جو سنڌ جي گهر گهر ۾ رسالي جو صورت ۾ مرشد لطيف موجود آهي، پوءِ به وتون ٿا جهنگ جهاڳيندا. شاهه سائينءَ جي رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هُو اُتر ڪاڇي، وِچولي، لاڙ جي هر ماڻهوءَ جي اندر مان گُهمي آيو آهي، هُو دردمند دلين جو آئينو آهي، اُن ۾ جيڪو به ليئو پائيندو، اُن کي پنهنجو عڪس نظر ايندو، مون وٽ جيڪو مرشد لطيف جو بيت زير بحث آهي سو هي آهي ته:
هڏي مٿي هوڏ، ڪڏانهن ڪرڪتن جي
هڏي ساڳي لوڏ، ڪيئي چوسيندڙ چلي ويا!
شاهه سائين مٿئين بيت جي پهرين سِٽ ۾ هڏي مٿي جو جيڪو اِشارو ڏنو آهي، اُنهيءَ ۾ هڏي جي حقيقت ناجائز مال ملڪيت، ڌن دولت طاقت، اقتدار، سياست، رياست آهي، اُن جون آفتون ايتريون ته سخت آهن، جو جسم ڏڪيو وڃي، اُن ڪري عقلمند ۽ خوددار انسان آزادي ۽ عزت جا عاشق هوندا آهن، ناجائز مال ملڪيت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، سندن چوڻ آهي ته ناجائز دولت سواسو مصيبت آهي، اُن کي ميڙجي به مصيبت سان ٿو، لِڪائجي به مصيبت سان ٿو، اُن جي حفاظت ۽ سلامتي خاطر هر جابر ظالم اڳيان جُهڪڻو پوي ٿو، جيڪا وڏي ۾ وڏي لعنت آهي! صوفي فقيرن عنايت ۽ قناعت کي وڏي دولت سمجهيو آهي ۽ ناجائز ميڙيل دولت کي هڏي سان مشابهت ڏني آهي، ڏٺو ويندو ته ٻين ساهوارن کان، انسان جي فطرت ۾ هَوَس وڌيڪ ڀريل آهي، کيس دولت گڏ ڪرڻ جي عادت وڌيڪ آهي، همت هڏي جو مقصد اُهو وڃي ٿيندو ته، اُها دولت، جيڪا ٻين جي حقن تي ڌاڙا هڻي، ظلم زيادتي، ڏاڍ ڏمر سان حاصل ڪئي وڃي، اُنهيءَ کي مرشد لطيف هڏو سڏيو آهي! ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي دولت جي گهڻائي اخلاقن ۽ اعليٰ عادتن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي! انسان جڏهن پنهنجي چؤطرف مال ملڪيت جا ڍير ڏسندو ته تڪبر ۽ غرور جي نشي ۾ سرشار ٿي ويندو آهي، سندس دماغ ڦِري ويندو آهي، سندس مزاج مٽجي ويندو آهي، منجهس فرعونيت گهر ڪري ويندي آهي، اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن، جو وِک وِک تي هڪ ننڍو وڏو فرعون ويٺو آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو تمدني طريقن، اخلاقي اُصولن ۽ آسماني ڪتابن ۾ وياج خوري، ذخيري خوري ۽ ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻي گڏ ڪيل دولت کي حرام ڪوٺيو ويو آهي، ته جيئن اهڙي دولت کان پري رهجي، جيئن مالي توازن برابر رهي، مساوات جو اُصول نه بگڙي، ڇو ته شخصي سرمائيداري، جاگيرادري هر طرح جي ظلم جو باعث بنبي آهي، انسان ذات کي ٻن ٽولن آقا ۽ غلام ۾ وِرهائيندي آهي، غريبن ۽ غلام قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳندا آهن. مرشد لطيف اهڙي دولت کي هڏي سان مشابهت ڏني آهي ۽ هوڏ کي اُن هڏي کي حاصل ڪرڻ لاءِ لوڀ لالچ ۾ اچي، دغا دولاب جي رُڃ ۾ رُلڻ، پِنڻ، ڏاڙهي پٽ ڪري وڙهي بُڇڙو ٿيڻ کي هوڏ چيو ويو آهي، يعني هڏي کي حاصل ڪرڻ واري مند کي هوڏ چيو ويو آهي. مرشد لطيف فرمائي ٿو ته، هن دنيا ۾ لالچ جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ انسان حيران پريشان نظر اچي ٿو، اُن کي لوڀ لالچ اهڙو ته ذليل ۽ بُڇڙو ڪيو آهي، جو هُو انسانيت واري درجي تان هٽي ڪري، ڏوهه، ڊوهه جو شڪار ٿي نهايت بُڇڙو، بيڪار بنجي وڃي ٿو، اهڙا لالچي انسان، عام انسانن لاءِ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ثابت ٿين ٿا ۽ ٿيا آهن، اُنهن جي اِها ويڙهه گير، نسل درنسل هلندي پئي اچي، بگهڙ پيٽان، بگهڙ پيدا پيا ٿين، هڪڙا غدار ظالم، ظُلم ڪري، مري کپي، مِٽيءَ ۾ مِلي مِٽي ٿي وڃن ٿا، وري سندن اولاد سندن گادي سنڀاليندي، پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ظالم ڦورو ۽ ڌارين جا دلال ثابت ٿين ٿا، ۽ ظُلم ڪندي ڪندي، ڏينهن پُڄاڻا اُهي به مري کپي وڃن ٿا، وري اُنهن جو اولاد عام انسانن تي ظلم زيادتي ڪرڻ ۾ شروع ٿو ٿئي، اهڙيءَ طرح اُنهن ظالمن جي ظُلم جو سلسلو ۽ سندن ويڙهه گير صدين کان هلندي پئي اچي، اُن ۾ ڌن دولت، مال ملڪيت، جاگيرون، عهدا، ڪُرسيون، ساڳيون هلنديون پيون اچن، يعني اهو هڏو ساڳيو ئي آهي، پر اُن جي مزي وٺڻ وارا مَٽبا رهن ٿا. تجربو شاهد آهي ته هر ڌارئي ظالم حاڪم پنهنجي مڪاري ۽ چالبازيءَ سان اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪو (هڏي مٿي هوڏ) واري ويڙهه ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو آهي، جنهن ۾ ايمان، غيرت، شرافت، حق ۽ صداقت جو ذرو به نه هوندو آهي، اُن کي ئي وڏو عهدو ملندو آهي، گهٽ عهدو گهٽ درجي وارن ويڪائو ۽ گهٽ درجي جي بدمعاشن کي ملندو آهي، اهڙي ريت هر وقت هر ڀيري (هڏي مٿي هو) واري ويڙهه وڙهندڙ پنهنجي غداري، ظُلم پروري موجب عهدا، عزتون، لقب، القاب ۽ نعمتون رعايتون حاصل ڪندا رهندا آهن، سندن اِهو سلسلو صدين کان هلندو پيو اچي، جن هر ڀيري هر ڌارئي ڌاڙيل جي مدد ڪري، اوج ۽ عروج تي پهچايو آهي ۽ پنهنجي سنڌي قوم کي خواهشن جي ٽِياس تي ٽنگي، نئين سر، نئين غلاميءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلي تباهه برباد ڪيو آهي ۽ اِهو سلسلو اڄ به جاري آهي. شايد مرشد لطيف اهڙن خود غرض لالچي ليڊرن، جاگيردارن، ڀوتارن لاءِ چئي ويو آهي ته:
هڏي مٿي هوڏ، ڪڏانهن ڪر ڪتن جي
هڏ ساڳي لوڏ، ڪيئي چوسيندڙ چلي ويا!
[روزاني عبرت حيدرآباد، بروز جمع 23 جولاءِ 2004ع ۾ ڇپيل]