تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه جي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح گهوٽ شاعرن جي سرتاج کي، جيڪر سُورمين جو شاعر چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. شاهه سائينءَ جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته، سندس قصن ڪهاڻين ۾ مُکيه ڪردار، گهڻو ڪري عورتون ئي آهن. هن مان صاف ظاهر آهي ته شاهه سائينءَ کي انساني سَڀاءَ ۽ دنيا جي اَڪيچار آزمودن مان پروڙ پئي ته، عورت جيتوڻيڪ مرد کان ظاهر ۾ ضعيف نظر ٿي اچي، پر منجهس دليري، قرباني، اِرادي جي پُختگي ۽ قول تي قائم رهڻ جي اهڙي حيرت ناڪ خاصيت آهي، جا مردن ۾ ملڻ مشڪل آهي. تڏهن ته هُن پنهنجي دل جو ترجمان، سهڻي، سسئي، ليلا، مومل، نوري، مارئي ۽ سورٺ کي بڻايو ۽ اُنهن جي واتان ئي اڻ کُٽ آيتن جو پيغام اسان تائين پهچايو. شاهه سائينءَ پنهنجي شخصيت اُنهن سُورمين ۾ پلٽي پڌري ڪئي آهي، اُهي سندس جدا جدا رُوپ ۾ آهن. سندس سڀني سُورمين جي اداڪاري نهايت نصيحت ۽ غيرت جو مجموعو آهي، پر مارئيءَ جي سيرت دوران شاهه سائينءَ جيڪا حُب الوطنيءَ جي بينظير تصوير پيش ڪئي آهي، تنهن ۾ مارئي سڀني سُورمين کان سَوائِي نظر پئي اچي، لوئيءَ جي لَڄ بچائڻ خاطر هُن جو ”ايءُ نه مارُن رِيت جو سَيڻ مٽائين سون تي،“ چئي ثابت قدم رهڻ وارو ڪردار ’چوڏهينءَ جي چنڊ‘ جهڙو روشن آهي، جنهن سان راهه ڀَٽڪلين کي راهه مِلي ٿي. سندس دلي اٿاهه ساگر ۾ ساڻيهه جي سِڪ، نمايان نظر ايندي. عمر بادشاهه مارئيءَ جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي، کيس ملير مان زوريءَ کڻي اچي عمر ڪوٽ ۾ بند ڪيو ۽ هُن کي رهڻ لاءِ محل ماڙيون، کائڻ لاءِ اُوچا اُوچا طعام، پيئڻ لاءِ خوشبودار مِٺا مِٺا شربت، پهرڻ لاءِ ويس وڳا ۽ سُمهڻ لاءِ پلنگ پٿراڻيون ڏنيون، پر اُنهن سڀني شين کي جُهوپڙين ۾ رهندڙ مسڪين غريب ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ اک کڻي به نه نهاريو. عمر بادشاهه، مارئيءَ کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلايا، پر هُوءَ عمر بادشاهه جي ڪابه ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه ٿي، هُن کي عمر بادشاهه جي ست رڇين کان ملير جو ڏُٿ وڌيڪ پسند هو، هُن کي بادشاهي شربتن کان ملير جي تلائن ۾ گڏ ٿيل پَلُر جو پاڻي وڌيڪ پيارو ۽ پسند هو، هُن کي بادشاهه جي ريشمي ويس وڳن کان وڌيڪ ملير جا اُوني کُهرا کٿا ۽ لويون گهڻو پسند هُيون، عمر بادشاهه جي پلنگ پٿراڻين کان هُن کي ملير جي ڀِٽن جي ٿڌڙي واريءَ جو وِڇاڻو وڌيڪ پسند هو، هُن کان پنهنجو ملڪ ملير ۽ ملڪي ماروئڙا اصل نه وِسريا. پاڻ کي عمر بادشاهه جي محل ماڙين ۽ ڪوٽن ۾ قيد سمجهي، وڏي وات اوڇنگارون ڏئي پئي روئندي ۽ رڙندي هئي. عمر بادشاهه کيس نِت نيون نيون لالچون ڏيندو رهيو ۽ کيس پَٽِ راڻيءَ بڻائڻ لاءِ چيو، پر ملير ڄائي مسڪين نياڻيءَ اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيو. عمر بادشاهه کيس ويجهو وڃي ڌُتارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مارئي پنهنجي ملڪ ملير ڏي مهاڙ ڪري زارو زار روئي ريهون ڪري پئي چيو ته: اي عمر بادشاهه! تنهنجا سڀئي سُک، آءٌ سوريءَ ۽ موت ٿي سمجهان. آءٌ هڪ غريب ماروئڙن جي ملڪيت آهيان، ظلم زبردستيءَ سان آءٌ تنهنجي زال ڪانه بڻبيس! منهنجي مٿي تي، جيڪا مون کي پنهنجي مسڪين ماروئڙن کٿيءَ جي لوئي پهرائي آهي، سا مان ڪانه لاهينديس! اي عمر بادشاهه! هرو ڀرو اشرافن جي پاڪ دامن کي، ظلم جا زنجير وِجهي پنهنجو نه ڪر، شاهه سائين مارئيءَ جي واتان هن طرح چَوِرايو آهي ته:
ڪيو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ
سهڄ سوري ڀائيان، سومرا سندوءِ
مِلڪ ماروءَ جي آهيان، جور نه ٿِيان جوءِ
يا
ڪيو مهاڙ ملير ڏي، اُڀيائي آهي،
جا مٿي ڏِنيس مارئي، سا لوئي نه لاهي،
سومرا! ساهي، سُتي وِجهم سنگهرون.
مارئيءَ جو پنهنجي ملڪ ملير ۽ ماروئڙن سان اهڙو ته پيار هو، جو عمر بادشاهه جي ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ نه آئي، هُن کي پنهنجن مسڪين ماروئڙن جي سِڪ سَتائيندي ٿي رهي. هُن پنهنجي ذاتي لالچ خاطر مُلڪي ماروئڙن کي ڪونه وِساريو، ڀلا وساري به ڪيئن؟ هي ڄائي نپني ملير ۾ هُئي، سندس ماروئڙا به ملير ۾ ئي ڄاوا نِپنا هُئا ۽ ملير جي مٽيءَ ۾ ئي دفن ٿيل هُئا، هي ملير جي ڏُٿ تي پلجي وڏي ٿي هُئي، هن جي سيني اندر ملير جي مٽيءَ، ملير جي ڪکن پنن لاءِ وڏي عزت هُئي، هن جي دل جون پاڙون ملير جي مٽيءَ ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هيون، هن ٿي چيو ته جهڙي ريت ڪپڙي کي سنهي سُئيءَ سان ٽوپو ڏئي ڳنڍي سوگهو ڪبو آهي، تهڙي طرح منهنجو ساهه ملير جي ملڪي ماروئڙن سان سِبجي سوگهو ٿيل آهي. اي عمر سومرا! مون کي ملير جا گولاڙا ۽ گاهه ياد پيا ٿا پون، هِت تو وٽ مُنهنجو فقط بُت/ جسم آهي، مُنهنجي دل منهنجو رُوح اَباڻن پکن ۾ آهي، تُنهنجي ڪوٽ ۾ هن مجبور بندياڻيءَ جو خاڪي جسم آهي. شاهه سائين، مارئيءَ کان مُلڪي محبت جو داستان اِجهو هن طرح بيان ڪرايو آهي، چوي ٿي ته:
سنهي سُئيءَ سِبيو، مُون مارن سين ساهه
ويٺي ساريان سُومرا، هت گولاڙا ۽ گاهه
هِينئون مُنهنجو هُت ٿيو، هِت مٽيءَ ۽ ماهه
پکن مَنجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾!

مارئي پنهنجي ملڪي ماروئڙن جي ڳاٽ اوچي رکڻ خاطر ظالم حاڪم جا سڀئي سُور سختيون سھندي رهي، مگر ظالم جي ظلم اڳيان جُهڪي اصل نه، ڇو ته ظالم جي اڳيان جُهڪڻ پاڻ لاءِ ۽ مُلڪي ماروئڙن لاءِ هُن عيب ٿي سمجهو. جيئن مٿس سختي ٿي ٿئي، تيئن هُن ۾ غيرت ۽ هِمت وڌي ٿئي، ۽ عمر بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چيائين ته: اي عمر سومرا! هي تُنهنجا مِڙئي هنڌ مڪان، ٽول ٽِڪاڻا، پنهنجي مُلڪي ماروئڙن بنا جيڪر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيان، هر ڪاشيءِ پنهنجي اصليت ڏانهن ٿي موٽي، آءٌ پنهنجن ماروئڙن لاءِ پئي ٿي سِڪان، شل پنهنجي ماڳ تي موٽي وڃي، پنهنجو وطن ملير ڏسان! شاهه سائين، مارئيءَ واتان چَوِرائي ٿو ته:
هِي هَنڌَ ماڙيون هَاڻِ، سَاڙيان سڀ ڏيهِيَنِ ري،
ڪُل شيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصَلِھ، ٿي جِهڄان جهانگينِ ڪَاڻ،
ڀِرِي پنهنجي ڀَاڻِ، پَسان مُلڪ مَلير جو.
مارئي جڏهن کان عمر جي ڪوٽ ۾ اچي قيد ٿي، تڏهن کان هُن کائڻ پيئڻ بلڪل گهٽائي ڇڏيو هو:
ڀَلي بُک ڀَرَم جي، شل نه وڃي شَانُ،
جي الله ڏئي ايمان، ته گوڏا ڏئي گذارجي!
تي ثابت قدم رهي، فاقاڪشيءَ ۾ گذارڻ لڳي، جنهن ڪري سندس چنڊ جھڙو چهرو ڪومائجي ويو. عمر بادشاهه کي جڏهن اِها خبر پئي ته مارئي، مُنهنجا ٻوڙ پُلاءَ نه ٿي کائي، تڏهن حيران ٿي مارئيءَ کان پُڇيائين ته: ”تُون هي کاڌا ڇو نه ٿي کائين؟ ڇا تُنهنجي مائٽن جو کاڌو مُنهنجي هن کاڌي کان وڌيڪ سُٺو آهي؟“ مارئي جواب ۾ چيو ته: ”هائو! منهنجي غريب مارُن جو کاڌو، تُنهنجي کاڌي کان هزار ڀيرا بهتر آهي!“ عمر بادشاهه چيو ته: ”اُهو ڪهڙو کاڌو آهي؟“ مارئي جواب ۾ چيو ته: ”مُنهنجا ٿري اباڻا، روزانو جهنگ مان ڏُٿ آڻي کائيندا آهن، يعني سانيئن جا سٿا ڍير ڪري سُڪائيندا آهن ۽ لُنب کي وري چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن، اُهو کاڌو اهڙو ته لذيذ ۽ سُٺو آهي، جو عمر بادشاهه تُنهنجا پُلاءَ ۽ ست رَڇيون اُن ٿري ڏُٿ جي مقابلي ۾ ڪُجهه به ناهن.“ شاهه سائين، مارئيءَ جي زباني هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏِهاڙي سُومرا،
سَٿا ڪيو سيد چئي، سائون سُڪائين،
مُنهنجا لُنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
پُلاءَ نه پاڙين، عمر آراڙي سين!
مارئي عمر ڪوٽ ۾ قيد دوران کائڻ ته ڇڏي ڏنو هو، پر کِل خوشي به هُن کان موڪلائي وئي هُئي. عمر بادشاهه جي هر چيز کان هُن کي نفرت ٿي وئي هُئي، هُن کي ڪيترا ڀيرا پَٽ ريشم جا اُوچا اُوچا وڳا آڇيا ويا، پر هُن اُنهن ڏي نِهاريو به ڪونه ته اُهي ڪهڙا ٿيندا آهن، هُن کي پنهنجي مائٽن جيڪو ٿري لباس پهرايو هو، اُهو ئي کيس پسند هو، ڌارين جا ويس وڳا هُن لاءِ ڌاريا هُئا، تنهن ڪري پنهنجن مائٽن واري ٿري لباس (جيڪو ميرو ۽ پراڻو ليڙون ليڙون ٿي ويو هو،) تي گذارو ڪرڻ، پاڻ لاءِ وڏو اعزاز ٿي سمجهائين. عمر بادشاهه کيس ويس وڳا پائڻ ۽ ڪُنوار بڻجڻ لاءِ ٿي چيو ته، مارئي جواب ڏئي هينئن ٿي چيو ته: اي عمر بادشاهه! هِت اچڻ سان مان مارُن جي ميارڻ بڻجي وئي آهيان! اِهي اڇا ڪپڙا ۽ ڳاڙها ڪپڙا، مُون جهڙيون ميارن واريون ڪيئن پهرينديون، جن جي وَر، وارثن کي ٿر ۾ عام ماڻهن مِهڻا ڏنا هوندا! آءٌ پنهنجي وَر واري آهيان، آءٌ اُن کي ڇڏي ڏيان ته پوءِ سَتُر واري ڪيئن چئبيس! مارُن جا مون کي جيڪي سڳڙا ڳچيءَ يا ٻانهن ۾ پيل آهن، سي تُنهنجي سون کان به سوايا ٿي سمجهان، اُن ڪري اي عمر بادشاهه! پنهنجا پٽ جا ويس وڳا ۽ سونا زيور مون کي نه آڇ! مون کي پنهنجي اباڻن جي لوئي تمام پياري آ هي. شاهه سائينءَ اُن واقعي جو مارئيءَ کان اِجهو هن طرح بيان ٿو ڪرائي ته:
عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
جنين جا ٿرن ۾ وَر ٿا ويڻ سَھَن،
هُو جي حق ڀڃن، سي ڪيئن سَتيون سومرا!
يا
سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مُون،
پٽولا پنهوارَ کي، عمر! آڇ مَ تُون،
وَرُ لوئِي لُون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا!
مارئي ظالم بادشاهه جي هر سهولت کي ٺُڪرائي، قيد ۾ سُور سختيون سھندي رهي، آخر ايتري ته ضعيف ٿي وئي، جو سندس بچڻ جو آسرو بلڪل گهٽجي ويو، اُن وقت پنهنجي حقيقي مالڪ کي ٻاڏائي چيائين، منهنجا رب! شل ائين نه ٿئي، جو آءٌ هن ظالم جي قيد ۾ ئي مري وڃان ۽ مُنهنجو جسم زنجيرن ۾ ئي جَڪڙيو رَهي، اي منهنجا مالڪ! آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي ٿر ملڪ وڃان، ٿر ڏِسان، اُتي پهچڻ کان پوءِ ڀلي منهنجا ڏينهن پورا ڪري ڇڏجانءِ. شاهه سائين، مارئيءَ کان حُب الوطنيءَ جو بيان اِجهو هن ريت ڪرايو آهي ته:
اَلا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مَران بند ۾،
جُسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پُڄَنِم ڏينهڙا.
مارئي جيسين عمر ڪوٽ ۾ قيد هُئي، تيسين نه لِڱ ڌوتائين، نه وار واسيائين، نه وري بُت تان اَباڻي لوئي لاٿائين. مارُن جي جُدائيءَ ڪري اُڃن بُکن ۾ پاهه ٿي، آخر اچي موت کي ويجهي ٿي، ۽ عمر بادشاهه کي پاڻ وٽ گُهرائي کيس روئندي وصيت ڪيائين ته، جي مان هِت تُنهنجي قيد ۾ مري وڃان ته مُنهنجي لاش کي ملير موڪلجانءِ ته جيئن مُنهنجا ماروءَ مُنهنجي لاش کي وطن جي وَلين جو وَاسُ ڏئي، مُون کي ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ ۾ پورين! عمر بادشاهه، سندس وطن سان محبت، مارُن سان ايڏي سچائي ڏسي، مجبور ٿي کيس آزاد ڪيو ۽ ملير وئي.

[جاڳو اخبار جي 9 جون 1990ع واري پرچي ۾ ڇپيو]