تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جا سورهيه

تاريخ جا ورق ورائڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ جي سرزمين جنهن جي ذري ذري ۾ پيار ۽ محبت جو راز سمايل آهي، اُن جي ڪُک مان پيرن فقيرن، شاعرن، بزرگن، صوفين ۽ حق پرستن سان گڏ ڪيترائي سُورهيه ۽ دلير پيدا ٿيا آهن، جن کي هِن ڀَلاري ڀُونءِ پنهنجي جهوليءَ ۾ جهلي حُب الوطني جي لولي ڏئي، سچ ۽ صداقت جو ويس ڍڪائي، ديس ۽ ديسي ماڻهن جي محبت ۾ مست ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن به ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل لُٽيري، ڦورو ۽ ظالم اولهه يا اُتر کان اچي هن ديس تي ظلم، زيادتي، خُون خرابو ۽ لُٽ مار سان گڏ، پنهنجو خوني هٿ ڊگهو ڪري ديس ۽ ديسي ماڻهن جي ڳِچيءَ ۾ غلاميءَ جو طوق وِجهڻ ٿي چاهيو، تڏهن سنڌ جي سُورهيه اُن ظالم جابر سان ٽَڪر کائي، مادر وطن جي ٿَڃ ٿي مَلهائِي، هن ڪڏهن به اهو ڏسڻ نه ٿي چاهيو ته ديس ۽ ديس جا ماروئڙا، ڌارين جي غلاميءَ جي گهاڻي ۾ پيڙبا رَهن ۽ جڏهن به مُلڪ ۽ مُلڪي ماروئڙن مٿان اهڙو ڏُکيو وقت ٿي آيو ته سنڌ جي سُورهيه سِر جو سانگو لاهي، پنهنجي ڌرتيءَ ماتا کي رت جو نذرانو ڏئي ثابت ڪري ٿي ڏيکاريو ته هن ديس جا سُورهيه پنهنجي ديس جي عزت ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي سِر جي قُرباني ڏئي سگهن ٿا، اڄ به تاريخ جي روشني ۾ هن ڌرتيءَ جي خاڪ پاڪ هيٺيان ليئو پائي ڏسبو ته اهڙن اڙٻنگ انسانن جا وڍيل، ٽُڪيل، گهاڻي ۾ پِيڙيل رَتوڇاڻ جسم، پنهنجي ڌرتي ماءُ، سنڌ جي سيني سان ستل نظر ايندا، اَروڙ، ڪوٽڏيجي، نيرون ڪوٽ، ٺٽو، مڪلي، مياڻي، سيوهڻ ۽ ٽلٽيءَ جهڙا مشهور هنڌ، سنڌ جي سُهائيءَ جي سَاک پيا ڀرين، اهڙا ڪيترائي انسان ٿي گذريا آهن، جن لوئيءَ جي لَڄ بچائڻ خاطر وڏي ذوق شوق سان پنهنجي جان جي قُرباني پيش ڪري، پنهنجو نالو شهيدن جي فهرست ۾ داخل ڪرايو، اهڙن سُورهيه انسانن پنهنجي زندگيءَ جي ڪشتي لَهرن لوڏن، ڪَنن ۽ طُوفاني خطرن ۾ وِجهي قوم جي حياتيءَ جا ٻيڙا پار پَئي ڪيا آهن، هِنن هميشه پنهنجي قسمت بِگاڙي، قوم جي بِگڙيل قسمت پئي سَنواري آهي. قوم جي اهڙن هڏ ڏوکين لاءِ ڪيترن ئي شاعرن سندن شان ۾ وڏا قصيدا ۽ گيت لکيا آهن، پر جهڙيءَ طرح سنڌ جي جڳ مشهور ۽ سداحيات شاعر مرشد لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ قوم جي اهڙن بهادر سُورمن تي روشني وجهي، جيڪو اعزاز بخشيو آهي، اُن جو ٻيو مثال نه ٿو مِلي، حق سچ تي وڙهندڙ سورهيه کي، شاهه سائين هڪ جرنيل جي حيثيت سان جنگ جا طور طريقا، شيردل ٿي وڙهڻ، سُستي، غفلت ڇڏي، چُست چؤبند ٿي لَڙڻ، ڪنهن دشمن جي مَڪاري ۽ چالاڪيءَ کان خبردار ٿيڻ، ڪنهن لوڀ لالچ ۾ اَچڻ کان بَچڻ، گدڙ جي سئو سال زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگيءَ کي بهتر سمجهڻ، وَهم وِسوسن کان پري رهي، مقصد واري ويڙهه تي ثابت قدم رهڻ، نيڪ مقصد ماڻڻ لاءِ دُنيا جون سڀيئي خواهشون ڇڏي ڏيڻ، ظالم جابر اڳيان ڪنڌ نه جُهڪائڻ، غدار کان نفرت ڪرڻ ۽ سون تي سَيڻ نه مٽڻ لاءِ بار بار تاڪيد ڪيو آهي، اهڙا ڪي مختصر مثال هِت پيش ڪجن ٿا:
جڏهن به ڪو طاقتور، ڌاريو ڌاڙيل، مرشد لطيف جي ڌرتيءَ تي رهندڙ سنهڙي سنڌيءَ سُورهيه جوان کي ڏسي، پنهنجي طاقت تي ناز ڪري ٿي چيو ته، هي، جيڪو سنهڙو چهبڪ جهڙو آهي! آءٌ ٿلهو متارو آهيان، مُنهنجي ته مٿس اَک به ڪانه ٿي ٻُڏي، اُهو اسان جهڙن طاقتورن جو ڪهڙو مُقابلو ڪندو؟ اهڙي خوشفهميءَ ۾ مُبتلا ٿيل ڌارئي کي مُرشد لطيف هَڪل ڪري چيو اٿس ته اي نادان! تُون پاڻ کي ٿُلهو ٿنڀرو سمجهي، ۽ مُنهنجي سنڌ جي بهادر کي سنهڙو سمجهي متان ڀُلجي پوين! واسينگ نانگ جا ٻَچا هوندا ته سنها آهن، پر سندن ڏنگ نهايت خطرناڪ هُوندو آهي، سندن ڏَنگ سان هاٿي جهڙا ٿُلها ٿنڀرا به اچي پَٽ وٺندا آهن، هي سنڌ جا سنهڙا جوڌا جوان واسينگن جي ٻچن جهڙا ڪري سمجهه! جن جو وار نهايت خطرناڪ آهي، اُنهن جي وار سان وڏا وڏا پهلوان، پنهنجي جڳهه تان چُري به نه سگهندا آهن، اهڙي سنڌي جوڌي جوان جي مرشد لطيف هن طرح واقفيت ڪرائي آهي، چوي ٿو ته:
سَنهَان ڀَانءِ مَ سَپ، ويا وَاسِينگَن جَا،
جِنين جِي جَهڙپ، هَاٿي هَنڌان نَه چُري.
۽ جڏهن ديس جا بهادر سپاهي، ڌارين جي سامهون اچي ٿا وِڙهن، تڏهن شاهه سائين پنهنجن ديس جي بهادرن سان مُخاطب ٿي چوي ٿو ته، اي سورهيه! جي توهان پنهنجي سوڀ لاءِ ٿا ڪوشش ڪريو ته دل مان سڀ وَهم وِسوسا ڪڍي ڇڏيو، ڀَالا هَڻ ۽ دُشمن کي ڀاڪُر هڻي دَس، پنهنجي اڳيان ڍال نه جَهل، تُون دشمن جي تلوار مٿان، پنهنجي تلوار ڦهڪائي، ته پوءِ تُون سُورمو سڏجڻ ۾ اچين! تون پنهنجو بچاءُ ڍال نه، پر تَرار سان ڪر! شاهه سائين پنهنجي سنڌ جي سورهيه کي هن ريت چيو آهي ته:
سُورهيه! مَرين سَوڀ کي تَه دِل جَا وَهم وِسَار،
هَڻُ ڀَالاَ وِڙهه ڀَاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَار،
مَٿَان تَيغ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين!
وري جڏهن لڙائي وڌي ٿي وڃي ۽ ٻنهي طرفن جا بهادر، هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهي بهادريءَ جا جوهر ٿا ڏيکارين، سندن تراريون، هڪ ٻئي سان لَڳي چڻنگون ڇڏڻ ۽ ٺَڪ ٺَڪ جا زوردار آواز ڪرڻ لڳن ٿيون، بهادر هڪ ٻئي کي لَلڪاري، سَڏي هَڪلون ڏئي ڀاڪُرين پئجي، هِڪ ٻئي کي دَس دَسان لائي ٿا ڏِين ۽ تَرارين جي زوردار ڌَڪن سان سندن سِسيون، ڌڙن کان ڌار ٿي ڦٿڪڻ، ٽپا ڏيڻ ٿي لڳيون، ڌڙ پڻ سِيين کان ڌار ٿي ڦٿڪندا ٿي رهيا، اُن وقت جنگ جي ميدان ۾ بهادرن جو هُل هنگامو مَتل هو. مرشد لطيف جنگ جي ميدان جي منظر نگاري هن طرح پيش ڪئي آهي، جنهن جو مثال مِلڻ مشڪل آهي، چوي ٿو ته:
بَھَادر گَڏيَا بَھَادرين، کڙَڳ کَلُول ڪَن،
وِجَهن ڌِڙ ڌَڙَن تي، هَاڪَاري هَڻن،
ڪِرن ڪَنڌ نَچن، رِڻ گَجيو رَاڙو ٿِيو!
وري جڏهن جنگ جي ميدان ۾ وِڙهندڙ سنڌي جوڌي جي زال سان ڪنهن مذاق طور ٿي چيو ته، تُنهنجو وَر جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو آهي، تنهن کي اُن سنڌي بھادر سپاهيءَ جي زال هن ريت ٿي چوي ته: مُنهنجو مڙس جنگ جي ميدان مان ڀڄي! سا ڳالهه آءٌ مڃي نه ٿي سگهان! مُنهنجي وَر کي جيڪي ويڙهه ۾ زخم هُوندا، سي به سامهون هُوندس، جنهن کي سيڪڻ سان فخر محسوس ڪنديس، پر جي اُن کي پُٺ ۾ ڌَڪ هُوندا ته پوءِ اِها ڳالهه تُنهنجي لاءِ مَرڻ جهڙي آهي، اهڙي بھادر سنڌي سپاهيءَ جي زال جي دل جي ترجماني، مرشد لطيف هن ريت ڪئي آهي ته:
ڀَڳو آءٌ نَه چَوَان، مَاريو تهَ وِسهان،
ڪَانڌُ مُنهن ۾ ڌَڪڙَا، سيڪِيندي سُونهَان،
تَه پڻ لَڄ مَران، جي هُئَنس پُٺ ۾.
مُرشد لطيف پنهنجي سنڌي بهادر سپاهيءَ کي وڌيڪ هدايت ڪندي فرمايو آهي ته: اي سنڌ جا جوڌا جوان! تُون مرد ٿي ميدان ملهائج! ڪڏهن به گيدي ڪانئر نه بنجانءِ! ڪانئر ٿي مرڻ وڏي لعنت آهي. ڏِس! ڳِجهون، جيڪي رات ڏينهن رِڻن ۾ پيون رَهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي کان لڙائي جو پيون پُڇن، اُنهن ڍُونڍ کائڪ پکين کي به سُورهيه جو گوشت پسند ٿو اچي، ڪائنر ۽ بُزدل جو گوشت اُهي ڳِجهون به پسند نٿيون ڪن، بُزدل ۽ ڪانئر انسان جي گوشت کائڻ کي ڳِجهون به عيب ٿيون سمجهن، ڳِجهن کي به ڪانئر جي گوشت کائڻ کان نفرت آهي. هُو آهن به حرام خور، پر ڪانئر جي گوشت کي وڌيڪ حرام سمجهي نٿيون کائن، ڪانئر جو گوشت کائڻ ڳجهن لاءِ به هڪ عيب آهي، ۽ هُو ڳولي ڳولي غيرتمند سُورهيه جو گوشت ٿيون کائن ۽ ڪانئر جي گوشت جي ويجهو ئي نٿيون وڃن ۽ اُن جو گوشت پَٽ تي ڪِنو پيو ٿئي، اُهي ڍونڍ کائڪ ڳِجُهون، ڪانئر جي گوشت کائڻ کان بُک ۾ مري وڃڻ کي بهتر ٿيون سمجهن! مرشد لطيف ان لاءِ اجهو هن ريت چيو آهي ته:
ڳِجهڙِيَن ڳَارو، رَاتِيان ڏِينهَان رِڻ ۾،
پَئيون پُڇن پاڻ، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
کَائِين کڳ مَارو، ڪَانئر پيو ڪِنو ٿِئي.
ڍونڍ کائڪ ڳِجهن کي جنگ جي ميدان ۾، جي ڪنهن سُورهيه جو گوشت نه ٿي مِليو ته اُنهن پنهنجو وقت ڏُکن بُکن ۾ گذاري ٿي ڇڏيو، ٿورين گهڻين ڏينهين، جڏهن سُورهيه پُٽ ساماڻا ته کين آسرو ٿيو ۽ سندن بُک ڏُک جي تڪليف دُور ٿيڻ لڳي، ڇو ته کين خبر هُئي ته اُهي جوڌا جوان، ڌارين کي ديس ۾ نه سَھندا، کين جنگ ڪري ديس مان تڙي ڪڍندا، هُو حق جي راهه ۾ سِر گهوري ڇڏيندا ۽ اسان جي بُک لهي پوندي، جنهن لاءِ مرشد لطيف هن ريت فرمايو آهي ته:
ڳِجَهن ويٺي گَهاريا، ڏڃان ڏُک گَهڻا،
تَنگي لَٿَن تَنؤُڻ جي، سُورهيه سَاماڻا،
ڪَندا رَامَاڻَا، ڪونئر ڪَليءَ جَا ڪَوڏِيا.
ديس جو ڪو بهادر انسان پنهنجي ديس جي حقن لاءِ وڙهندي، ڌارين هٿان شهيد ٿي ويو ته مرشد لطيف کي اُن جو ڏاڍو ڏُک ٿي ٿيو، جيڪي بهادر گهوڙن تي جنگ وڙهڻ لاءِ ويندا آهن، اُنهن گهوڙن ۽ بهادر جوان سپاهين لاءِ مرشد لطيف چيو آهي ته:
گَهوڙن ۽ گهوٽَن جِيئَڻ ٿورا ڏِينهَڙَا،
ڪَڏهن مَنجهه ڪَوٽَن، ڪَڏهن رَاهيِ رِڻ جَا.

[روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپيل.]