تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جي عورت

عورت دنيا ۾ انسان لاءِ لطيف چيز آهي. عورت، جنهن هر دل ۽ دماغ تي هر دَور ۾ اثر وِڌو آهي. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن عورت بابت عجيب و غريب ڳالهيون لکيون آهن. عورت خود دنيا جي خاموش شاعري آهي، اهڙي شاعري، جيئن اونداهي رات جو آسمان ۾ تارن جي شاعري، جيئن اونداهي رات جو آسمان ۽ تارن جي چمڪندڙ جهرمر، پر عورت چنڊ جهڙو هڪ اهڙو روشن ستارو آهي، جو انساني دلين تي حڪومت هلائي ٿو، ڪيترن ئي شاعرن عورت جي محبت ۽ پيار جي تعريف ۾ بهترين تخيل جو اظهار ڪيو آهي، پر جهڙيءَ طرح سان مهراڻ جي ماٿريءَ جي جڳ مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي عورت جي هر صفت تي روشني وڌي آهي، اُن جو مثال نٿو ملي. جھڙي طرح اونداهي رات کان پوءِ روشن ڏينهن ٿئي ٿو، جنهن ۾ هر شيءِ صاف چٽي نظر پئي اچي، اهڙيءَ طرح ’سنڌو ديش‘ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌي عورت کان متاثر ٿي پنهنجي شاعريءَ ۾ اُن عورت جي واتان جيڪو نصيحت ڀريو نُسخو اسان کي ڏنو آهي، جنهن ۾ هر دُکي انسان لاءِ راهه نجات جو ڏس ڏنل آهي، جنهن جا مختصر مثال مختلف سُرن مان پيش ڪجن ٿا، جنهن کي سنڌي سُورمين جو ذڪر چئجي ته دُرست ٿيندو.
1. سُر سھڻي:
سنڌ جي عورت سُھڻي ويچاري، پنهنجي محبوب ميهار سان ته پيار ٿي ڪري، پر ميهار جي نينهن سان به پيار ڪيو اٿس، پنهنجي محبوب ميهار جي نينهن لاءِ دُعا گهري اٿس، شاهه سائين سُهڻيءَ جي واتان هن ريت دُعا چَوِرائي آهي ته:


مينهون هِن ميهار جُون، سڀ بَچن،
وَڇون جي ڪرن سين، سدا ٿيون سُونهَن،
مون کي ماڻڪين، تاڙي وِڌو تار ۾!
هُوءَ، جنهن کان پنهنجي حياتي به وسري وئي هُيس، بس رات ڏينهن ميهار کان سواءِ ٻي ڪا وائي وات ڪانه هُيس، هر وقت، هر گهڙيءَ ائين ٿي چيائين: اي منهنجا پيارا ميهار! منهنجي محبت مُنهنجي اندر ۾ لُڇ پڇ مچائي ڇڏي آهي، ڄڻ منهنجو اندر ڪپجي ڪورجي رهيو آهي، تُنهنجي محبت ۾ ونگي وئي آهيان، تُنهنجي سڪ ۾ سوگهي ٿي وئي آهيان، تو کان سواءِ منهنجو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي. سندس سِڪ جو شاهه سائين هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
سِڪ تُنهنجي سُپرين، ڪپي ۽ ڪوري،
سَگهان نه چوري، ڏاڍو نيَر نِينهن جو!
هِن سنڌي عورت جي سِڪ ۽ محبت کي سلام هُجي، جنهن درياهه جي دهشت، تار تانگهي جو ڪو خيال نه ڪيو ،آخر محبت ۾ مري ميهار تان جان قربان ڪري اَمر بڻجي وئي.
2. سُر سسئي:
سنڌ جي عورت سسئي جو، پنهنجي وَر پُنهل سان جيڪو پيار هو، سو هر عورت لاءِ مشعل راهه آهي. هن عورت پنهنجي وَر سان پيار ڪري پنهنجي امڙ (سنڌ) جي سينڌ سَنواري عزت ڀريو ڪري ڇڏيو. اڄ به سنڌ جون عورتون، سسئي جي پُنهل سان پِريت جو مثال ڏينديون آهن، ۽ سسئي جي نقش قدم تي هلڻ هڪ عظيم شان سمجهنديون آهن، ۽ مثال ۾ چونديون آهن ته، سسئي جهڙي ست ٻي ڪامڻ ڪندئي ڪانه ڪا! سنڌي عورت سسئي کي ڪيڏيون تڪليفون ٿيون اچن، هن جا پير پِٿون ٿي پون ٿا ۽ هلڻ کان جواب ٿا ڏين ته، هٿن تي هلڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي، هٿ رَتو رَت ٿي ٿا پونس ۽ هلڻ جھڙا نٿا رهن ته پوءِ سيني ڀر سرڻ شروع ٿي ڪري، سينو سرڻ ڇڏي ٿو ڏئي ته چيلهه ڀر چُرڻ شروع ٿي ڪري، مطلب ته پنهنجي مقصد تان نٿي هٽي، سواءِ پنهنجي وَر پُنهل جي ٻي ڪا پَچار ڪانه هُيس، پنهنجي جيڏين سرتين کي مخاطب ٿي چيائين ٿي ته، ڪابه سُکن واري مون سان سينو نه ساهي، (ريس نه ڪري) مون سان گڏجي هلڻ جي ڪابه سَڌ نه ڪري، جنهن جي اندر ۾ سُور هوندا، دردن ۾ دل ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيل هوندي، اُهي جبل جهاڳينديون، شاهه سائينءَ سسئي کان اجهو هن طرح چَوِرايو آهي ته:
پيرن پنڌ ڇڏيو، ته گوڏن گِسڪندياس
گوڏن گِسڪڻ ڇڏيو، ته چيلهه ڀر چُرندياس
چيلهه چُرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سُرندياس
سيني سُرڻ ڇڏيو ته ٺُونٺين ڀر ٺڙڪندياس
ٺونٺين ٺڙڪڻ ڇڏيو ته سسي ڀر سرندياس
سسي سرڻ ڇڏيو ته هينئن ڀر هلندياس
جي مليا ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان.
يا
سُکن واري سَڌ متان ڪا مون سين ڪري
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون!
يا

هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون
وِهو وِچ رَهن، سهسين سَڌُن واريون!
سسئي جي سچائيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ ڌرتيءَ جنهن سسئيءَ کي پيار سان پاليو، سا ڪيترين ئي سسئين کي پالي نِپائي سگهي ٿي، پر نقلي سسئين ڪٿان کان ڪٿان رُلنديون ڀٽڪنديون سنڌ جي سچين سسئين جي حقن تي ڌاڙو اچي هنيو اٿن ۽ سنڌ جي نسل کي بگاڙي تباهه ڪيو اٿن. سنڌي عورت جو معاشرو نهايت پاڪ صاف هو، پر اهڙو واءُ لڳو جو هنج هليا ويا، اُنهن جي جاءِ ڪانگن اچي والاري، جن ڪينجهر کڻي ڪِنو ڪيو، اُنهن کي ظاهري ته پُنهل لاءِ پيار آهي، پر تڪليف سھڻ، گهر تڙ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، اهڙين بد بنياد ڪوڙين ڌُوتين لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻي اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته:
ڏُونگر نه ڏوري، سُکن جُون سَڌون ڪَري،
ويٺي گهر گهورِي، مٿان پِرينِ جِندڙو!
يا
ڪُوڙيون پُڇن ڪيچ، هوت نه ڏورين هِتهِين،
جِنين پُنهونءَ سين پيچُ، تن پيرين پنڌ وساريو!
3. سُر مومل راڻو:
سنڌي عورت مومل جي غير موجودگيءَ ۾ راڻي جڏهن سندس ڀيڻ سُومل کي هنڌ تي سُتل ڏٺو ته، اُن حالت ۾ راڻي کي غيرت اچي وئي ۽ پنهنجي نشاني لَڪُڻ ڇڏي هليو ويو، مومل محبت جي ماري اُٿي ڏٺو ته راڻي جي نشاني لَڪُڻ پيو آهي، پاڻ ڪاوڙجي هليو ويو آهي. مومل جي اندر ۾، راڻي جي رُسامي باهه لڳائي ڇڏي، دل جو آڙاهه ڦُٽي ويس، هيڏي هوڏي لُڇڻ ۽ ڦَٿڪڻ لڳي ۽ دانهون ڪُوڪون ڪري چوڻ لڳي ته: اي راڻا! پنهنجي رب جي صدقي موٽي اچ، جو تُنهنجي ڪاوڙ مون کي ماري جهوري وِڌو آهي، تُنهنجي سِڪ ۾ ڪاڪ جا ڪانگ اُڏائي رهي آهيان ته مُنهنجو راڻو مينڌرو ڪڏهن مون وٽ موٽي ايندو! مُون تُنهنجي انتظار ۾ شمع ٻاري، راتين جون راتيون گُذاري، ڏينهن ڪيا آهن. سنڌي عورت مومل جي زباني ڀٽائي سائين هيئن چَوِرايو آهي ته:
شَمع ٻاريندي شَب، پرهه باکُون کوڙيون،
موٽ مَران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رَبُ،
تُنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪَاڪَ جا!
مُومل ويچاري، محبوب کي پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، وڏا حيلا هلايا، رُئندي رُئندي راتيون گُذاريون، راڻي ۽ سندس سواريءَ واري اُٺ لاءِ ڪئي سِج اُڀاري اوجاڳا ڪيا. مومل جي اهڙي ڪيفيت کي ڀٽائي سائين هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
اُڀي اُڀاريام، نَکَٽ سَڀ نئي ويا،
هڪ مَيو، ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام،
ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، جڏهن سُورج شاخُون ڪَڍيون!
سنڌڙيءَ جي مومل جي سچائي ته ڏسو، جو سندس وَر راڻو رُسي ٿو وڃي ته، هُوءَ روئي روئي حال کان بيحال ٿيو ٿي وڃي، ڪيئي انتظار ٿي ڪري، کيس پنهنجي محبوب کان سواءِ ڪوبه آرام ڪونه ٿو اچي. اڄ به سنڌ جي سرزمين ڪيئي موملون پيدا ڪري، سنڌ جي راڻن لاءِ تيار بيٺي آهي، پر افسوس جو سنڌ جا ڪي راڻا بازاري ۽ رولو مُوملن جي پُٺيان مست لڳا ٿا وتن، سنڌ جي موملن جا حق غضب ٿي ويا آهن، کين بنا ڏوهه جي ڏُهاڳ اچي ويو آهي، اُهي پنهنجن راڻن لاءِ واجهائي رهيون آهن، سندن رُوح رَڙيون رِيهون پيو ڪري، سندن باغ اُجڙي ويا آهن، هُو پنهنجن راڻن جون واٽون نِهارين پيون. رهبر لطيف اُنهن جي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
راڻي جي رِهاڻ کي، رُوح ڪري رِيهون،
باغ سَڙي بُٺ ٿيا، جِت وَڻ جيون وِيهون،
ڪاڪ مٿي ڪيهون، پسو پرڏيهين جيون.
يا
راڻو ڪا رات ويو، ڳُجهي ڳالهه ڪري،
سوڍي رِي سَرتِيُون! هَڏ نه سَاهه سَري،
وَڃي مَان وري! آسَائِتي آهيان!
4. سُر ڪا موڏ:
سنڌڙيءَ جو حاڪم ڄام تماچي، جڏهن ڪينجهر ڪناري شڪار لاءِ آيو ۽ نُوريءَ تي نظر ٿي پويس ته خود شڪار بڻجي ٿو وڃي ۽ هڪدم ملاحن کان نُوريءَ جو سَڱ وٺي شادي ٿو ڪري، سنڌ جي نياڻيءَ نوريءَ جي سُهڻي صورت ۽ سُهڻي سيرت ڄام تماچي تي جادوءَ جو اثر ڪيو ۽ هڪدم کيس پَٽ راڻي چُونڊيائين، تڏهن به سنڌ ڄائي نوريءَ نماڻي کي ڪا وڏائي من ۾ ڪانه ٿي، پنهنجي وَر ڄام تماچيءَ کي عاجز ۽ ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: ”تُون ذات جو سمو آهين ۽ آءٌ مُھاڻي گهٽ ذات آهيان، مُون ۾ عيبن جي گهڻائي آهي، متان ٻين راڻين جا مُھانڊا ڏسي، مُون غريب مُھاڻيءَ کان مُنهنڙو مَٽائي ڇڏين!“ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ سنڌي عورت نوريءَ جي عاجزيءَ هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
پَسي راڻين روءِ، متان ماڳر مٽيين!
نوري نماڻيءَ پنهنجي وَر ڄام تماچيءَ کي پنهنجي پِريت ۾ اهڙو ته سوگهو ڪيو، جو هُن کان پَل به پَري ڪونه ٿيندو هو، شڪار تي ويندو هو ته نوريءَ کي ساڻ ڪري ويندو هو، نُوريءَ ٻيڙي هلائيندي هُئي ۽ ڄام تماچيءَ جي هٿ ۾ ڄار هوندو هو، جنهن سان هُو شڪار پيو ڪندو هو، اهڙيءَ ريت ڏينهن جا ڏينهن، ڪينجهر ۾ شڪار ڪندي گذاريندا هُئا. شاهه سائينءَ اُن نظاري جي تصوير هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
هيءَ هٿ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو!
اڄ به ڪينجهر ڪناري سنڌوءَ ڪيترين ئي نُورين کي جنم ڏنو آهي، پر افسوس آهي جو سنڌ جو ڄام تماچي نظر نٿو اچي. شال ڌڻي تعاليٰ سنڌڙيءَ لاءِ وري ڄام تماچي موڪلي، جيڪو سنڌ جي اَڀرن سَڀرن جي سار اَچي لَھي ۽ شاهه سائينءَ جي هي پيشنگوئي پوري ٿي پوي ته:
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
اُنهين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو!
يا
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام
اُنين کي اِنعام، مڃر مِڙوئي ٿيو!
5. سُر سورٺ:
ٻيجل وٽ سُرندي وڄائڻ جي اهڙي ڏات هُئي، جو اُن جي آواز تي انسان ته ڇا، پر جهنگ جا جانور به مست ٿي اچي سِر نِمائيندا هُئا، اَنيراءِ بادشاهه جي جُهونا ڳڙهه جي بادشاهه سان ڪنهن ڳالهه تان اڻبڻت ٿي پئي، هُن کي مارڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين، پر ڪجهه حاصل نه ٿيس، پوءِ ٻيجل کي موڪليائين ته وڃي سندس سِر وٺي. ٻيجل ساز کڻي جُهونا ڳڙهه پهتو، ۽ بادشاهه جي محلات ٻاهران ويهي سُرندو وڄائڻ شروع ڪيو، ٻيجل جي سُرندي جي تندن سڄي جُهونا ڳڙهه کي تپائي کنيو، ماڻهو حيران رهجي ويا، آخر بادشاهه کي خبر پئي، تنهن ٻيجل کي گُهرائي ورتو، ٻيجل درٻار ۾ پهچي پنهنجو سُرندو تيار ڪري، اهڙو ته وڄايو، جو بادشاهه مٿس موهجي پيو، ۽ کيس چيائين ته: اي مڱتا فقير! گُهر جيڪو گُهرڻو اٿئي! ٻيجل اُن جي ڪنهن به انعام کان انڪار ڪري سِر جي صدا هڻي ويهي رهيو، بادشاهه کيس پنهنجي سڄي بادشاهي به ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ٻيجل چيو ته آءٌ تنهنجي سِر جو سوالي آهيان! اها ڳالهه جڏهن راڻي سورٺ ٻُڌي، تڏهن ٻيجل کي منٿ ميڙ ڪري چيائين ته: اي ٻيجل! توکي وڏا وڏا انعام ٿا ڏيون ۽ هي تاج تخت تُنهنجي حوالي ٿا ڪريون، تُون بادشاهه جو سِر نه وٺ، موٽي وڃ ۽ موٽي هِت نه اچجانءِ، ڇو ته تون پاڻ سان موت جو فرشتو وٺيو وتين ٿو، ساهه وٺندو، تو سڄي عمر ڪيترن بادشاهن جي مٿي جا تاج پَٽ تي ڪيرائي ڪنڌ ڪپيا هوندا؟ شاهه سائين، سورٺ جي زباني هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
ٻيجل تون ٻيهار، شال مَ اچين ڪڏهين،
اٺئي پهر اَجل جو، اٿئي ڪنڊو منجهه ڪپار
جيئن تو سڀ ڄمار، هنيا پٽن سين!
ٻيجل فقير سورٺ جي ڪابه منٿ ميڙ ڪانه مڃي، ۽ سِر وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو انعام وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيو. آخر راءِ ڏياچ سِر ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، سِر ڏيڻ کان اڳ ۾ راءِ ڏياچ، ٻيجل کي چيو، اي مڱڻهار فقير! مُنهنجو سِر وڍي تُون راضي ٿي، مُنهنجو سِر، مُنهنجي بادشاهي تُنهنجي تند تنوار مٿان قربان آهن، پر هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ جو وري هِت نه اَچجانءِ، ڇو جو تنهنجي فن جي قدر وارو ڪونه هوندو؟ اهو نظارو ڀلاري ڀٽ ڌڻي هن ريت چِٽيو آهي:
وَڍ سِر، ٿي سَرهو، مَڪي آءُ، مَڪي ڳاءُ
جاجِڪ تو مٿان، مُلڪ مِڙوئي گهوريان!
ائين چئي راءِ ڏياچ پنهنجي سِر جو نذرانو ٻيجل کي پيش ڪيو، جُهونا ڳڙهه ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، سورٺ جهڙيون راجا لاءِ پار ڪڍي پِٽڻ لڳيون، ٻايون دايون، وڏي آواز سان اوڇنگارون ڏئي پِٽڪو ڪرڻ لڳيون. شاهه سائين راجا جي موت تي افسوس هيئن ٿو ڪري ته:
سَوين سورٺ جھڙيون، اُڀيون اَوسارين،
دَايُون دَر مانڍيون ٿيون، ٻايون ٻَاڪارِين،
گُل ڇِنو گِرنار جو، پَٽڻ ٿِيُون پِٽِين،
ڳوڙها ڳل ڳاڙين، راجا رات رَم گِيو!
پڇاڙيءَ ۾ جڏهن راجا جي ڌِڙ کي، اُن وقت جي دستور موجب ساڙڻ جي تياري ٿي، تڏهن سنڌي عورت سورٺ ويچاريءَ هار سينگار ڪري پنهنجي وَر راجا راءِ ڏياچ سان گڏ سڙي پنهنجي مُڙس سان اَٿاهه محبت جو ثبوت ڏئي مثال قائم ڪري ڇڏيو. اڄ به سنڌي عورت پنهنجي وَر سان وفاداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
6. سُر مارئي:
عمر بادشاهه، مارئيءَ کي ملير مان کڻي اچي، عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ۽ هُن کي اُوچي کاڌي پيتي ۽ اُوچي لباس جي آڇ ڪئي، پر مارئي اُنهن سڻڀن طعامن کي ۽ ويس وڳن کي ٺُڪرائي ڇڏيو، ۽ پنهنجي لِڱن تان پنهنجن اباڻن جي لوئي نه لاٿائين ۽ نه وري بادشاهي کاڌن کي چَکي ڏٺائين ته اُهي ڪهڙا ٿيندا آهن. عمر بادشاهه هن ملير ڄائي سٻاجهڙي سنڌي عورت کي پنهنجي ڪَرڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا، پر سندس دال نه ڳري، مارئيءَ جو جيڪو پنهنجي وطن ماروئڙن ۽ پنهنجي وَر سان پيار هو، سو عمر جي ٺٺ ٺانگر ۽ چالبازين کان مٿانهون هو، مارئي پنهنجي هڪ جيڏين سرتين کي ڪونه وِساريو، پنهنجي ماروئڙن سانگيئڙن ۽ ڏوٿيئڙن کي ياد ڪري رَت پئي رُئندي هُئي. هن لاءِ ماڙيون بنگلا هڪ قيد هو، رات جو اوڇنگارون ڏئي پئي رُئندي رَڙندي هُئي، هن کان ٿري ماروئڙن جا جهوپڙا نه ٿي وِسريا. عمر کي چوندي هئي ته: اي عمر بادشاهه! اُنهن ماروئڙن جي پچار ڪيئن ڇڏيان، مُنهنجو رُوح اُنهن سان گڏ آهي، مون کي پنهنجي ماروئڙن جون دل اندر ڄڻ محبت جون ميخون لڳل آهن، مون کي هِت گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو پنهنجي پنهوارن جا پکڙا ڏسي ڪانه سگهي آهيان، هن سنڌي نياڻيءَ جي زباني ڀلاري ڀٽائي هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
آءٌ ڪيئن ڇڏيان سُومرا، تِن پَنهوارن پَچار،
جَڙ جنينءَ جي جان ۾، لڳي ريءَ لوهار،
ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،
پَکا ۽ پَنهوار، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿيا!
سنڌياڻي مارئي پنهنجي وطن سان پيار ڪري ۽ ڌارئي استحصال ڌاڙيل کان نفرت ڪري، سنڌين کي اهڙو سبق ڏنو آهي، جو اڄ اسان هن نياڻيءَ جي عظيم ڪارنامي تي ناز ٿا ڪريون ۽ اُن جي نقش قدم تي هلي، پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ٿا ڪريون، پيار به ڇو نه ڪريون! جنهن ڌرتيءَ تي اسان ڄاوا نِپنا آهيون، اسان جا اَبا ڏاڏا هِت ڄايا نِپنا ۽ هن ڌرتيءَ منجهه ئي دفن ٿيل آهن. اسان جا عزيز دوست جُهوپا جُهوپڙين سان اَڏيو ويٺا آهن. هن ڌرتيءَ مان اسان کي کاڌ خوراڪ مِلي ٿي، ڪپڙو لَٽو مِلي ٿو، سنڌو نديءَ جو پاڻي، جيڪو مصريءَ کان مِٺو ۽ دُنيا جي پاڻين کان سُٺو آهي، سو پِيُون ٿا. سنڌي عورت مارئي، پنهنجي وطن، پنهنجي ماروئڙن، ۽ ٿري مڙس سان جيڪو محبت جو سبق ڇڏيو آهي، سو هڪ عظيم سبق آهي، ڌڻي شال اسان سنڌ واسين کي مارئيءَ جي نقش قدم تي هلائي.

[ روزاني عوامي آواز 20 آگسٽ 1991ع واري پرچي ۾ ڇپيو]